Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 18:10 - Common Language New Testament

10 اُھي انھيءَ جي عذاب جي ڊپ کان پري بيھي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اي بابل، وڏا ۽ مضبوط شھر! تو کي رڳو ھڪڙي ڪلاڪ ۾ سزا ڏني ويئي آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ انهي جي عذاب جي ڊپ کان پري بيهي چوندا تہ هاءِ هاءِ، اي بابل وڏا شهر، مضبوط شهر! هڪڙي ڪلاڪ ۾ تنهنجي سزا اچي پهتي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 اهي سندس ايذاءَ ڏسي ڊپ وچان پري بيهي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اي وڏا ۽ مضبوط شهر بابل! تو کي هڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ سزا ڏني ويئي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اهي سندس ايذاءَ ڏسي ڊپ وچان پري بيهي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اي وڏا ۽ مضبوط شهر بابل! تو کي هڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ سزا ڏني ويئي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 18:10
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سندن لاش انھيءَ وڏي شھر جي رستي تي پيا ھوندا، جتي انھن جي خداوند کي صليب تي چاڙھيو ويو ھو. انھيءَ شھر کي مثالي طرح سدوم ۽ مصر ٿا سڏين.


ھن جي پٺيان ھڪڙو ٻيو ملائڪ آيو ۽ چيائين تہ ”ڪري پيو، اھو وڏو شھر بابل ڪري پيو، جنھن سڀني قومن کي پنھنجي زناڪاريءَ جي مئي پيئاري، جنھن جي ڪري خدا جو عذاب ايندو.“


اھو وڏو شھر ٽي ٽڪرا ٿي پيو ۽ دنيا جا شھر بہ ڪري پيا. اُن وڏي شھر بابل جو خدا کي خيال ٿيو تہ کيس پنھنجي وڏي غضب جي مئي جو پيالو پياري.


جيڪي ڏھہ سڱ تو ڏٺا سي اُھي ڏھہ بادشاھہ آھن، جن کي اڃا تائين بادشاھي ڪانہ ملي آھي. پر انھيءَ حيوان سان گڏ کين ھڪڙي ڪلاڪ تائين بادشاھن جھڙو اختيار ملندو.


اُھي ھن شھر جي سڙڻ جو دونھون ڏسي رڙيون ڪري چوندا تہ ”ھن وڏي شھر جھڙو ٻيو ڪو وڏو شھر ڪونھي.“


اھي پنھنجي مٿي ۾ خاڪ وجھي رڙيون ڪري روئي پٽي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اھو وڏو شھر، جنھن جي دولت جي ڪري سمنڊ جا سڀيئي جھازن وارا دولتمند ٿي پيا، سو ھڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ برباد ٿي ويو.


پوءِ ھڪڙي زورآوار ملائڪ جنڊ جي چاپڙ جيڏو ھڪڙو وڏو پٿر کڻي سمنڊ ۾ اڇلائي چيو تہ ”وڏو شھر بابل بہ اھڙيءَ طرح زور سان ڪيرايو ويندو ۽ وري سندس پتو ئي ڪونہ پوندو.


انھيءَ ڪري مٿس ھڪڙي ئي ڏينھن ۾ آفتون اينديون، يعني موت، ماتم ۽ ڏڪار. اھا باھہ ۾ ساڙي ناس ڪئي ويندي، ڇالاءِ⁠جو خداوند خدا، جيڪو ھن جو انصاف ڪندو سو قادر آھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ