Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 17:5 - Common Language New Testament

5 انھيءَ عورت جي پيشانيءَ تي ھڪڙو نالو لکيل ھو جيڪو ھڪ راز آھي يعني ”وڏو شھر بابل، ڪسبياڻين ۽ زمين جي براين جي ماءُ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ سندس پيشانيءَ تي ڳجهو نالو لکيل هو ”وڏي بابل، ڪسبياڻين ۽ زمين جي براين جي ماءُ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 انهيءَ ناريءَ جي پيشانيءَ تي هيءَ سڃاڻپ لکيل هئي، ”وڏو شهر بابل، وئشيائن ۽ ڌرتيءَ جي ڪراهت وارين شين جي ماتا،“ جنهن جي هڪ ڳجھي معنيٰ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 انهيءَ عورت جي پيشانيءَ تي هيءَ سڃاڻپ لکيل هئي، ”وڏو شهر بابل، ڪسبياڻين ۽ ڌرتيءَ جي ڪراهت وارين شين جي ماءُ،“ جنهن جي هڪ ڳجھي معنيٰ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 17:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن جي پڇاڙي بربادي آھي، انھن جو خدا سندن پيٽ آھي، اھي پنھنجي شرم وارين ڳالھين تي فخر ٿا ڪن ۽ کين رڳو دنياوي شين جو فڪر ٿو رھي.


جيئن تہ وڳوڙ جي ڳجھي طاقت اڳي ئي اثر ڪندي ٿي رھي، پر ھاڻي ان کي ھڪ روڪڻ وارو آھي، جيڪو کيس تيستائين روڪيندو رھندو، جيستائين ھن کي رستي کان ھٽايو نہ ويندو.


اُھي ست تارا جيڪي تو منھنجي ساڄي ھٿ ۾ ڏٺا تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو راز ھي آھي تہ ست تارا ستن ڪليسيائن جا ملائڪ آھن ۽ ست شمعدان ست ڪليسيائون آھن.“


سندن لاش انھيءَ وڏي شھر جي رستي تي پيا ھوندا، جتي انھن جي خداوند کي صليب تي چاڙھيو ويو ھو. انھيءَ شھر کي مثالي طرح سدوم ۽ مصر ٿا سڏين.


ھن جي پٺيان ھڪڙو ٻيو ملائڪ آيو ۽ چيائين تہ ”ڪري پيو، اھو وڏو شھر بابل ڪري پيو، جنھن سڀني قومن کي پنھنجي زناڪاريءَ جي مئي پيئاري، جنھن جي ڪري خدا جو عذاب ايندو.“


اھو وڏو شھر ٽي ٽڪرا ٿي پيو ۽ دنيا جا شھر بہ ڪري پيا. اُن وڏي شھر بابل جو خدا کي خيال ٿيو تہ کيس پنھنجي وڏي غضب جي مئي جو پيالو پياري.


پوءِ انھن ستن ملائڪن مان جن وٽ ست پيالا ھئا، ھڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”ھيڏانھن اچ تہ تو کي ڏيکاريان تہ انھيءَ مشھور ڪسبياڻيءَ کي ڪھڙي سزا ڏني ويندي، يعني انھيءَ وڏي شھر کي جيڪو گھڻن دريائن جي ڀرسان اڏيل آھي.


انھيءَ سان دنيا جي بادشاھن زناڪاري ڪئي ۽ زمين جا رھاڪو ھن جي زناڪاريءَ جي مئي مان پي ڪري نشئي ٿي پيا ھئا.“


تنھن تي انھيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ ”تون حيران ڇو ٿيو آھين؟ آءٌ تو کي انھيءَ عورت ۽ انھيءَ ستن مٿن ۽ ڏھن سڱن واري حيوان جنھن تي ھوءَ سوار آھي، تن ٻنھي جو راز بيان ڪري ٻڌائيندس.


ھن وڏي آواز سان چيو تہ ”ڪري پيو، وڏو شھر بابل ڪري پيو. اھو بدروحن جو گھر بڻجي ويو. ھائو، اھو ھر ڪنھن ناپاڪ روح جو اڏو، بلڪ ھر ڪنھن ناپاڪ ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو.


پوءِ ھڪڙي زورآوار ملائڪ جنڊ جي چاپڙ جيڏو ھڪڙو وڏو پٿر کڻي سمنڊ ۾ اڇلائي چيو تہ ”وڏو شھر بابل بہ اھڙيءَ طرح زور سان ڪيرايو ويندو ۽ وري سندس پتو ئي ڪونہ پوندو.


ڇالاءِ⁠جو ھن جا فيصلا سچا ۽ صحيح آھن. ھُن انھيءَ مشھور ڪسبياڻيءَ جو انصاف ڪيو، جنھن پنھنجي زناڪاريءَ سان دنيا کي خراب ڪري ڇڏيو ھو. خدا ھن کان پنھنجي ٻانَھن جي خون جو بدلو ورتو.“


”جيستائين اسين پنھنجي خدا جي ٻانھن جي پيشانين تي مُھر نہ ھڻون، تيستائين اوھين نہ زمين، نہ سمنڊ ۽ نڪي وڻن کي نقصان رسايو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ