Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 16:7 - Common Language New Testament

7 ايتري ۾ مون قربان⁠گاھہ مان ھي آواز ٻڌو تہ ”ھائو، اي خداوند خدا قادرِمطلق! بيشڪ تنھنجا فيصلا سچا ۽ انصاف وارا آھن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ مون قربانگاهہ مان هڪڙو آواز هيئن چوندو ٻُڌو تہ هائو، اي خداوند خدا، قادر مطلق، تنهنجا فيصلا سچا ۽ انصاف وارا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 ايتري ۾ مون ٻليدان واري جاءِ مان هي آواز ٻڌو تہ ”هائو، اي پرڀو، سروِشڪتيوان ايشور! بيشڪ تنهنجا فيصلا سچا ۽ انصاف وارا آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ايتري ۾ مون قربان‌گاهہ مان هي آواز ٻڌو تہ ”هائو، اي خداوند، قادرِمطلق خدا! بيشڪ تنهنجا فيصلا سچا ۽ انصاف وارا آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 16:7
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند خدا، جيڪو آھي، جيڪو ھو ۽ جيڪو اچڻو آھي، اھو قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اول ۽ آخر آھيان.“


جيڪڏھن ڪو قيد ٿيڻو آھي تہ اھو قيد ۾ ويندو ۽ جيڪڏھن ڪو تلوار سان قتل ٿيڻو آھي تہ اھو تلوار سان قتل ڪيو ويندو. اھو آھي خدا جي قوم جو صبر ۽ ايمان.


تہ انھيءَ کي خدا جي غضب جي مئي مان پيئڻو پوندو، يعني اھا خالص مئي جيڪا سندس غضب جي پيالي ۾ وڌي وئي آھي. انھيءَ شخص کي پاڪ ملائڪن ۽ گھيٽي جي اڳيان باھہ ۽ گندرف جو عذاب ڏنو ويندو.


پوءِ ھڪڙو ٻيو بہ ملائڪ قربان⁠گاھہ مان نڪتو، جنھن کي باھہ تي اختيار ھو. ھن تکي ڏاٽي واري ملائڪ کي وڏي آواز سان چيو تہ ”پنھنجو تکو ڏاٽو ھلاءِ ۽ زمين جي ڊاک جا ڇڳا گڏ ڪر، ڇالاءِ⁠جو ڊاک بلڪل پچي راس ٿي ويئي آھي.“


ڇالاءِ⁠جو ھن جا فيصلا سچا ۽ صحيح آھن. ھُن انھيءَ مشھور ڪسبياڻيءَ جو انصاف ڪيو، جنھن پنھنجي زناڪاريءَ سان دنيا کي خراب ڪري ڇڏيو ھو. خدا ھن کان پنھنجي ٻانَھن جي خون جو بدلو ورتو.“


جڏھن گھيٽي پنجين مُھر ٽوڙي تڏھن مون قربان⁠گاھہ جي ھيٺان انھن جا روح ڏٺا، جيڪي خدا جي ڪلام ۽ ان جي شاھديءَ تي قائم رھڻ سبب قتل ڪيا ويا ھئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ