Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 16:6 - Common Language New Testament

6 ڇاڪاڻ⁠تہ ھنن خدا جي قوم وارن ۽ نبين جو رت وھايو، ۽ تو کين رت پيئڻ لاءِ ڏنو. اُھي انھيءَ جي ئي لائق آھن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ڇالاءِ جو هنن پاڪ ٿيلن ۽ نبين جو رت وهايو، ۽ تو کين رت پيئڻ لاءِ ڏنو: اُهي انهي جا لائق آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 ڇاڪاڻ تہ جن ماڻهن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن ۽ ايشور جو سنديش ڏيندڙن جو رت وهايو آهي، تن کي تو رت پيئڻ لاءِ ڏنو. اهي انهيءَ جي ئي لائق آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 ڇاڪاڻ تہ جن ماڻهن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن ۽ خدا جو پيغام ڏيندڙن جو رت وهايو آهي، تن کي تو رت پيئڻ لاءِ ڏنو. اهي انهيءَ جي ئي لائق آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 16:6
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو جيئن اوھين ٻين کي ڏوھي ٺھرائيندا، تيئن اھي بہ اوھان کي ڏوھي ٺھرائيندا ۽ جيئن ٻين کي اوھين ماپي ڏيندا، تيئن ساڳئي ماپي سان اوھان کي بہ ماپجي ملندو.


پر اھو جنھن کي مالڪ جي ارادي جي خبر ڪانہ ھئي ۽ سزا جوڳو ڪم ڪيائين تہ ان کي ٿوري مار ملندي. جنھن کي گھڻو ڏنو ويو آھي تہ ان کان حساب بہ گھڻو ورتو ويندو ۽ جنھن کي گھڻو سونپيو ويو آھي تہ ان کان گھر بہ گھڻي ٿيندي.“


تڏھن اوھين خيال ڪريو تہ ان شخص جو ڇا حشر ٿيندو، جنھن خدا جي فرزند کي پيرن ھيٺ لتاڙيو، عھد جي انھيءَ رت کي ناپاڪ سمجھيو، جنھن سان ھن کي پاڪ ڪيو ويو ھو ۽ فضل بخشيندڙ روح کي بي⁠عزت ڪيائين؟


قومن کي ڪاوڙ لڳي ۽ تنھنجو غضب نازل ٿيو. اھو وقت اچي ويو آھي، جڏھن مري ويلن جو انصاف ٿيندو. تنھنجي ٻانھن، يعني نبين ۽ چونڊيلن، ۽ ننڍن توڙي وڏن، جيڪي تنھنجي نالي کان ڊڄن ٿا، تن کي سندن اجر ڏنو ويندو، ۽ جيڪي دنيا کي برباد ڪن ٿا، تن کي برباد ڪيو ويندو.“


جيڪڏھن ڪو قيد ٿيڻو آھي تہ اھو قيد ۾ ويندو ۽ جيڪڏھن ڪو تلوار سان قتل ٿيڻو آھي تہ اھو تلوار سان قتل ڪيو ويندو. اھو آھي خدا جي قوم جو صبر ۽ ايمان.


انھيءَ ٻئي حيوان کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ پھرين حيوان جي بوتي ۾ روح ڦوڪي وجھي، تہ جيئن اھو بت ڳالھائي ۽ جيڪي ماڻھو انھيءَ بت جي پوڄا نہ ڪن تن کي مارائي ڇڏي.


اي آسمان! اي خدا جي سڄي قوم! اي رسول ۽ نبيو! اوھين انھيءَ شھر تي خوشيون ڪريو، ڇالاءِ⁠جو خدا انصاف ڪري ھن کان اوھان جو بدلو ورتو آھي.“


انھيءَ شھر مان نبين، خدا جي قوم وارن، ۽ زمين تي جيڪي قتل ڪيا ويا آھن، تن سڀني جو رت لڌو ويو ھو.“


ڇالاءِ⁠جو ھن جا فيصلا سچا ۽ صحيح آھن. ھُن انھيءَ مشھور ڪسبياڻيءَ جو انصاف ڪيو، جنھن پنھنجي زناڪاريءَ سان دنيا کي خراب ڪري ڇڏيو ھو. خدا ھن کان پنھنجي ٻانَھن جي خون جو بدلو ورتو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ