Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 16:5 - Common Language New Testament

5 مون پاڻيءَ واري ملائڪ کي ھي چوندي ٻڌو تہ ”اي قدوس! تون جو آھين ۽ جو ھئين، تون عادل آھين ۽ تو ئي اھڙو انصاف ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ مون پاڻين جي ملائڪ کي هيئن چوندو ٻُڌو تہ اي قدوس، تون جو آهين ۽ جو هُئين، تون عادل آهين، ۽ تو ئي اهڙو انصاف ڪيو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 ان وقت مون پاڻيءَ تي مقرر ڪيل دوت کي هي چوندي ٻڌو تہ ”اي پوِتر هستي! تون جيڪو آهين ۽ جيڪو هئين، تون انصاف وارو آهين ۽ تو ئي اهڙو انصاف ڪيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ان وقت مون پاڻيءَ تي مقرر ڪيل ملائڪ کي هي چوندي ٻڌو تہ ”اي پاڪ هستي! تون جيڪو آهين ۽ جيڪو هئين، تون انصاف وارو آهين ۽ تو ئي اهڙو انصاف ڪيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 16:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي سچا بابا! دنيا تو کي نہ سڃاتو پر مون تو کي سڃاتو آھي ۽ ھنن کي اھا خبر آھي تہ تو مون کي موڪليو آھي.


پر تون جو سخت⁠دل ٿيو آھين ۽ توبھہ نہ ٿو ڪرين، سو تون تہ خدا جي انھيءَ قھر واري ڏينھن واسطي پاڻ پنھنجي لاءِ غضب ميڙي گڏ پيو ڪرين، جنھن ڏينھن خدا جو پورو پورو انصاف ظاھر ٿيندو.


پر آءٌ ماڻھن جي ئي بحث مطابق پڇي سگھان ٿو تہ جيڪڏھن اسان جي بڇڙائيءَ جي ڪري خدا جو انصاف ظاھر ٿئي ٿو تہ پوءِ ڇا اسين ائين چئون تہ خدا بي⁠انصاف آھي، جو ھو غضب ٿو نازل ڪري؟


ھي پيغام يوحنا جي طرفان ايشيا پرڳڻي جي ستن ڪليسيائن ڏانھن آھي. شال اوھان تي انھيءَ جو فضل ۽ اطمينان ھجي، جيڪو آھي، جيڪو ھو ۽ جيڪو اچڻو آھي. اھي برڪتون اوھان ڏانھن انھن ستن روحن وٽان بہ آھن جيڪي خدا جي تخت جي اڳيان آھن،


خداوند خدا، جيڪو آھي، جيڪو ھو ۽ جيڪو اچڻو آھي، اھو قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اول ۽ آخر آھيان.“


چوڻ لڳا تہ ”اي خداوند، قادرِمطلق خدا! تون آھين ۽ تون ھئين. اسين تنھنجا شڪرانا بجاءِ آڻيون ٿا، ڇالاءِ⁠جو تون پنھنجي وڏي قدرت ڏيکاري بادشاھي ڪرڻ لڳو آھين.


جڏھن ٽئين ملائڪ پنھنجو پيالو دريائن ۽ پاڻيءَ جي چشمن جي مٿان ھاريو تہ انھن جو پاڻي رت ٿي پيو.


ايتري ۾ مون قربان⁠گاھہ مان ھي آواز ٻڌو تہ ”ھائو، اي خداوند خدا قادرِمطلق! بيشڪ تنھنجا فيصلا سچا ۽ انصاف وارا آھن.“


ڇالاءِ⁠جو ھن جا فيصلا سچا ۽ صحيح آھن. ھُن انھيءَ مشھور ڪسبياڻيءَ جو انصاف ڪيو، جنھن پنھنجي زناڪاريءَ سان دنيا کي خراب ڪري ڇڏيو ھو. خدا ھن کان پنھنجي ٻانَھن جي خون جو بدلو ورتو.“


انھن چئني ساھوارن مان ھر ھڪ کي ڇھہ پر ھئا ۽ چوڌاري ٻاھر توڙي اندر اکين سان ڀريا پيا ھئا. اھي رات ڏينھن سدائين پيا ڳائين تہ ”قدوس، قدوس، قدوس، خداوند خدا قادرِمطلق، جيڪو آھي، جيڪو ھو ۽ جيڪو اچڻ وارو آھي.“


انھن وڏي آواز سان رڙيون ڪري چيو تہ ”اي پاڪ ۽ سچا خداوند! تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين ۽ زمين تي رھڻ وارن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ