Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 16:14 - Common Language New Testament

14 اُھي ڀوتن جا روح آھن، جيڪي معجزا ڏيکارن ٿا ۽ سڄيءَ دنيا جي بادشاھن وٽ وڃن ٿا، تہ جيئن قادرِمطلق خدا جي وڏي ڏينھن تي جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ڇالاءِ جو اهي ڀوتن جا روح آهن، جي نشان ٿا ڏيکارين؛ اهي ساريءَ زمين جي بادشاهن وٽ وڃن ٿا، تان تہ قادر مطلق خدا جي عظيم ڏينهن جي جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 اهي ڏيڏر ڀوتن جون آتمائون آهن، جيڪي پوري ڌرتيءَ جي راجائن وٽ وڃي چمتڪار ڏيکارين ٿيون، تہ جيئن سروِشڪتيوان ايشور جي مهان ڏينهن واري جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 اهي ڏيڏر ڀوتن جا روح آهن، جيڪي پوري ڌرتيءَ جي بادشاهن وٽ وڃي معجزا ڏيکارين ٿا، تہ جيئن قادرِمطلق خدا جي عظيم ڏينهن واري جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 16:14
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاھت جي ھن خوشخبريءَ جي منادي سڄي دنيا ۾ ڪئي ويندي، تہ جيئن سڀني قومن لاءِ شاھدي ٿئي. تنھن کان پوءِ ھن دنيا جي پڄاڻي ٿيندي.“


ڇالاءِ⁠جو اھڙا ڪوڙا ماڻھو ظاھر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اھي وڏيون نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جھڙا ڪم ڪندا، انھيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏھن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراھہ ڪن.


ڇالاءِ⁠جو اھڙا ڪوڙا ماڻھو ظاھر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اھي نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جھڙا ڪم ڪندا، انھيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏھن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراھہ ڪن.


انھن ڏينھن ۾ شھنشاھہ اگستس ھڪڙو حڪم⁠نامو جاري ڪيو تہ سڄي شھنشاھت ۾ آدمشماري ڪئي وڃي.


اوھين پنھنجي پيءُ يعني شيطان جا فرزند آھيو ۽ پنھنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. شروعات کان وٺي ھو خوني ھو ۽ ھن ڪڏھن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن ۾ سچ نہ آھي. جڏھن ھو ڪوڙ ٿو ڳالھائي تہ پنھنجي طبيعت موجب ٿو ڳالھائي، ڇالاءِ⁠جو ھو ڪوڙو آھي ۽ ڪوڙ جو باني آھي.


سڀ کان پھريائين آءٌ اوھان سڀني لاءِ عيسيٰ مسيح جي معرفت پنھنجي خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جي ايمان جون ڳالھيون سڄيءَ دنيا ۾ ٿي رھيون آھن.


انھيءَ وڳوڙيءَ جو اچڻ شيطان جي عمل موجب ٿيندو، جنھن جي پوري طاقت سان ھو ڪوڙيون ڪرامتون ۽ عجيب مگر ڪوڙا ڪم ڪري ڏيکاريندو.


پاڪ روح صاف طور چوي ٿو تہ ايندڙ زمانن ۾ ڪي ماڻھو ايمان کان ڦري ويندا ۽ گمراھہ ڪندڙ روحن ۽ ڀوتن جي تعليم تي ڌيان ڏيندا.


اھڙي ڏاھپ آسمان کان نہ ٿي اچي، بلڪ اھا دنياوي، جسماني ۽ شيطاني آھي.


اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين خدا جا ٻار آھيون، جيتوڻيڪ ٻي سڄي دنيا شيطان جي قبضي ۾ آھي.


اھو وڏو ازدھا يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس ۽ شيطان بہ سڏبو آھي ۽ جيڪو ساري جھان کي گمراھہ ٿو ڪري، سو زمين تي اڇلايو ويو ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ ھيٺ اڇلايا ويا.


مون ڏٺو تہ ھن جي ھڪڙي مٿي تي موتمار ڌڪ لڳل ھو، پر اھو موتمار زخم ڇٽي ويو ھو. سڄي دنيا حيران ٿي انھيءَ حيوان جي پٺيان اچڻ لڳي.


پوءِ انھن روحن بادشاھن کي انھيءَ ھنڌ آڻي گڏ ڪيو، جنھن کي عبراني ٻوليءَ ۾ ھرمگدون ٿا چون.


ايتري ۾ مون قربان⁠گاھہ مان ھي آواز ٻڌو تہ ”ھائو، اي خداوند خدا قادرِمطلق! بيشڪ تنھنجا فيصلا سچا ۽ انصاف وارا آھن.“


اُھي گھيٽي سان جنگ ڪندا، پر گھيٽو مٿن غالب پوندو، ڇالاءِ⁠جو ھو خداوندن جو خداوند ۽ بادشاھن جو بادشاھہ آھي ۽ جيڪي ھن جا سڏيل، چونڊيل ۽ وفادار آھن سي بہ مٿن غالب پوندا.“


ھو ٻاھر وڃي زمين جي چئني ڪنڊن جي قومن، يعني ياجوج ۽ ماجوج کي ٺڳيندو ۽ کين جنگ جي لاءِ گڏ ڪندو. انھن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جيترو آھي.


جيئن تہ اوھان منھنجو حڪم مڃي صبر ڪيو، تنھنڪري آءٌ بہ اوھان کي آزمائش جي گھڙيءَ کان بچائيندس، جيڪا ڌرتيءَ تي رھڻ وارن جي آزمائش لاءِ ساري جھان تي اچڻي آھي.


ڇاڪاڻ⁠تہ انھن جي ڪاوڙ جو زبردست ڏينھن اچي پھتو آھي، ڪير ٿو بيھي سگھي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ