Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 15:7 - Common Language New Testament

7 پوءِ انھن چئن ساھوارن مان ھڪڙي انھن ستن ملائڪن کي ست سونا پيالا ڏنا، جيڪي سدائين زندہ خدا جي غضب سان ڀريل ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ انهن چئن جاندارن مان هڪڙي انهن ستن ملائڪن کي ست سونا پيالا، ابدي زندہ خدا جي قهر سان ڀريل ڏنا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 پوءِ انهن چئن ساهوارن مان هڪڙي انهن ستن دوتن کي ست سونا پيالا ڏنا، جيڪي هميشہ هميشہ تائين جيوت رهندڙ ايشور جي ڏمر سان ڀريل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ انهن چئن ساهوارن مان هڪڙي انهن ستن ملائڪن کي ست سونا پيالا ڏنا، جيڪي هميشہ هميشہ تائين زندہ رهندڙ خدا جي غضب سان ڀريل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 15:7
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو اھي ماڻھو پاڻ ذڪر ٿا ڪن تہ ڪھڙيءَ طرح اوھان اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو. اھي ٻڌائين ٿا تہ ڪيئن اوھان بتن کي ڇڏي خدا ڏانھن ڦريا، تہ جيئن سچي ۽ زندہ خدا جي بندگي ڪريو


آءٌ جيئرو آھيان، مري تہ ويو ھوس، پر ڏس آءٌ ھميشہ تائين جيئرو رھندس. موت ۽ عالم ارواح جون ڪنجيون مون وٽ آھن.


۽ سدائين زندہ خدا جنھن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ جيڪي منجھن آھي تن کي پيدا ڪيو آھي، انھيءَ جو قسم کڻي چيائين تہ ”ھاڻي وڌيڪ دير نہ ٿيندي.


تہ انھيءَ کي خدا جي غضب جي مئي مان پيئڻو پوندو، يعني اھا خالص مئي جيڪا سندس غضب جي پيالي ۾ وڌي وئي آھي. انھيءَ شخص کي پاڪ ملائڪن ۽ گھيٽي جي اڳيان باھہ ۽ گندرف جو عذاب ڏنو ويندو.


پوءِ مون آسمان ۾ ھڪڙو ٻيو وڏو عجيب نشان ڏٺو، يعني ست ملائڪ جن وٽ ست آفتون ھيون. اھي آفتون آخري آھن، ڇالاءِ⁠جو انھن تي خدا جو غضب پورو ٿئي ٿو.


پھرين ملائڪ وڃي پنھنجو پيالو زمين جي مٿان ھاريو تہ جن ماڻھن تي انھيءَ حيوان جو نشان ھو ۽ جيڪي سندس بت جي پوڄا ڪندا ھئا، تن کي گندا ۽ ناسوري ڦٽ ٿي پيا.


پوءِ انھن ستن ملائڪن مان جن وٽ ست پيالا ھئا، ھڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”ھيڏانھن اچ تہ تو کي ڏيکاريان تہ انھيءَ مشھور ڪسبياڻيءَ کي ڪھڙي سزا ڏني ويندي، يعني انھيءَ وڏي شھر کي جيڪو گھڻن دريائن جي ڀرسان اڏيل آھي.


پوءِ اُھي ست ملائڪ جن وٽ ست پيالا ھئا ۽ پوئين ستن آفتن سان ڀريل ھئا، تن مان ھڪڙي اچي مون سان ڳالھايو ۽ چيائين تہ ”ھيڏانھن اچ تہ آءٌ تو کي ڪنوار ڏيکاريان، يعني گھيٽي جي زال.“


تڏھن اھي چوويھہ بزرگ منھن ڀر ڪري انھيءَ کي سجدو ٿا ڪن، جيڪو تخت تي ويٺو آھي ۽ ھميشہ زندہ رھندو. اُھي سجدو ڪري پنھنجا تاج ان تخت جي اڳيان رکن ٿا ۽ ڳائي چون ٿا تہ


جڏھن ھن ڪتاب ورتو تہ اُھي چارئي ساھوارا ۽ چوويھہ بزرگ انھيءَ گھيٽي جي پيرن تي ڪري پيا. انھن مان ھر ھڪ وٽ ھڪڙو تنبورو ھو ۽ لوبان سان ڀريل سونا پيالا ھئا. اُھي خدا جي قوم جون دعائون آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ