Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 15:6 - Common Language New Testament

6 انھيءَ مان اُھي ست ملائڪ نڪتا، جن وٽ ست آفتون ھيون. اُھي صاف ۽ اڇيون چمڪندڙ پوشاڪون پھريل ھئا ۽ سندن ڇاتين تي سونا سينابند ٻڌل ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ پاڪ جاءِ مان اهي ست ملائڪ نڪتا، جن وٽ ست آفتون هيون، ۽ اُهي صاف ۽ چمڪندڙ ڪتاني ڪپڙي سان ڍڪيل هئا، ۽ سندن ڇاتين جي چوڌاري سونا سينابند ٻَڌل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 انهيءَ مان اهي ست دوت نڪتا، جن وٽ ست آفتون هيون. انهن کي صاف سٿريون ۽ چمڪندڙ پوشاڪون پهريل هيون ۽ سندن ڇاتين تي سونهري رنگ جا سينابند ٻڌل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 انهيءَ مان اهي ست ملائڪ نڪتا، جن وٽ ست آفتون هيون. انهن کي صاف سٿريون ۽ چمڪندڙ پوشاڪون پهريل هيون ۽ سندن ڇاتين تي سونهري رنگ جا سينابند ٻڌل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 15:6
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڃا انھيءَ حيرانيءَ ۾ ئي بيٺيون ھيون تہ ڏسن تہ ٻہ ماڻھو تجليدار پوشاڪ ۾ وٽن اچي بيٺا.


انھن شمعدانن جي وچ ۾ مون ابن⁠آدم جھڙو ھڪڙو شخص ڏٺو، جو پيرن تائين ھڪ ئي پوشاڪ پھريل ھو ۽ ڇاتيءَ تي ھڪڙو سونو سينابند ٻڌل ھوس.


ايتري ۾ ھڪڙو ملائڪ ھيڪل مان نڪري آيو ۽ جيڪو شخص ڪڪر تي ويٺو ھو، تنھن کي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”پنھنجو ڏاٽو ھلائي لابارو ڪر، ڇاڪاڻ⁠تہ زمين جو فصل پچي راس ٿي ويو آھي ۽ لاباري جو وقت اچي ويو آھي.“


ان کان پوءِ ھڪڙو ٻيو ملائڪ آسماني ھيڪل مان نڪتو، جنھن جي ھٿ ۾ بہ تکو ڏاٽو ھو.


پوءِ مون آسمان ۾ ھڪڙو ٻيو وڏو عجيب نشان ڏٺو، يعني ست ملائڪ جن وٽ ست آفتون ھيون. اھي آفتون آخري آھن، ڇالاءِ⁠جو انھن تي خدا جو غضب پورو ٿئي ٿو.


انھيءَ کي صاف، چمڪندڙ ۽ عمدا ڪپڙا پائڻ لاءِ ڏنا ويا آھن. ڇاڪاڻ⁠تہ عمدن ڪپڙن مان مراد خدا جي قوم جي سچائيءَ جا ڪم آھن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ