Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 14:3 - Common Language New Testament

3 اُھي چئني ساھوارن، بزرگن ۽ تخت جي اڳيان ھڪ نئون گيت ڳائي رھيا ھئا ۽ رڳو اُھي ھڪ لک چوئيتاليھہ ھزار ماڻھو ئي اھو گيت سکي سگھيا، جيڪي دنيا مان خريد ڪيا ويا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ اُنهن تخت جي اڳيان، ۽ چئن جاندارن ۽ بزرگن جي اڳيان، هڪڙو نئون راڳ پئي ڳايو. ۽ اُهي هڪ لک ۽ چوئيتاليهہ هزار ماڻهو، جي دنيا مان خريد ڪيا ويا هئا، تنهن کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو اُهو راڳ سکي نہ سگهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 اهو آواز انهن هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهن جو هو، جيڪي تخت توڙي چئني ساهوارن ۽ مهاتمائن جي اڳيان بيهي هڪ نئون ڀڄن ڳائي رهيا هئا. گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انهن ماڻهن کي سنسار مان خريد ڪيو هو ۽ رڳو اهي ئي اهو ڀڄن سکي ٿي سگھيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اهو آواز انهن هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهن جو هو، جيڪي تخت توڙي چئني ساهوارن ۽ بزرگن جي اڳيان بيهي هڪ نئون گيت ڳائي رهيا هئا. گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انهن ماڻهن کي دنيا مان خريد ڪيو هو ۽ رڳو اهي ئي اهو گيت سکي ٿي سگھيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 14:3
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو جيڪي برباد ٿي رھيا آھن، تن لاءِ صليب جو پيغام بي⁠وقوفي آھي. پر اسين جيڪي ڇوٽڪارو حاصل ڪري رھيا آھيون، تن لاءِ اھو خدا جي قدرت آھي.


پر جنھن ماڻھوءَ کي پاڪ روح مليل نہ آھي، سو خدا جي پاڪ روح کان مليل ڳالھيون قبول نہ ڪندو، ڇالاءِ⁠جو اھي ھن لاءِ بي⁠وقوفي آھن. ھو انھن کي سمجھي نہ سگھندو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي روحاني طرح پرکيون وينديون آھن.


پوءِ مون ڏٺو تہ گھيٽو صيئون جبل تي بيٺو آھي ۽ ساڻس گڏ ھڪ لک چوئيتاليھہ ھزار ماڻھو آھن، جن جي پيشانين تي ھن جو ۽ سندس پيءُ جو نالو لکيل آھي.


اُھي خدا جي ٻانھي موسيٰ جو راڳ ۽ گھيٽي جو راڳ ڳائي رھيا ھئا ۽ چون پيا تہ ”اي خداوند خدا، قادرِمطلق! تنھنجا ڪم وڏا ۽ عجيب آھن. اي قومن جا بادشاھہ! تنھنجون واٽون سڌيون ۽ سچيون آھن.


جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنھن کي آءٌ لڪل مَنَ مان ڪجھہ ڏيندس ۽ ھڪڙو تجليدار پٿر بہ ڏيندوسانس. انھيءَ پٿر تي ھڪڙو نئون نالو لکيل ھوندو، جنھن کي ٻيو ڪوبہ نہ ڄاڻيندو سواءِ انھيءَ جي جنھن کي ملندو.“


پوءِ اُھي ھڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اھو ڪتاب وٺڻ ۽ ان جي مُھرن ٽوڙڻ جي لائق آھين. ڇالاءِ⁠جو تون ڪُٺو ويو ھئين، ۽ سڀ ڪنھن قبيلي، ٻوليءَ، امت ۽ قوم منجھان، ماڻھن کي تو پنھنجي رت سان خدا جي لاءِ خريد ڪيو آھي.


مون ٻڌو تہ جن کي مُھر ھنئي ويئي، تن جو تعداد ھڪ لک چوئيتاليھہ ھزار ھو. اھي بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن مان ھئا، يعني:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ