Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 14:2 - Common Language New Testament

2 مون آسمان مان ھڪڙو آواز ٻڌو، جيڪو زور سان وھندڙ پاڻيءَ ۽ گجگوڙ جي آواز جھڙو ھو. اھو آواز تنبورن وارن جو ھو، جن ڄڻ تہ تنبورا پئي وڄايا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ مون آسمان مان هڪڙو آواز ٻُڌو، جو زور سان وهندڙ پاڻيءَ جي آواز جهڙو ۽ وڏيءَ گجگوڙ جي آواز جهڙو هو؛ ۽ اُهو آواز تنبورن وارن جو هو جن ڄڻ تنبورا پئي وڄايا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 ان وقت مون آڪاش ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو زور سان وهندڙ پاڻيءَ ۽ گجندڙ ڪڪرن جي آواز جهڙو هو. اهو آواز اهڙو بہ هو جو ڄڻ تہ ستارَ وارن ستارَ پئي وڄايا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ان وقت مون آسمان ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو زور سان وهندڙ پاڻيءَ ۽ گجندڙ ڪڪرن جي آواز جهڙو هو. اهو آواز اهڙو بہ هو جو ڄڻ تہ ستارَ وارن ستارَ پئي وڄايا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 14:2
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏھن آءٌ ماڻھن توڙي ملائڪن جون ٻوليون ڳالھايان ٿو، پر مون ۾ محبت نہ آھي، تہ آءٌ وڄندڙ گھنڊ، يا ڇمڪندڙ جھانجھر آھيان.


خداوند واري ڏينھن آءٌ رويا جي حالت ۾ اچي ويس ۽ پنھنجي پٺيان ھڪڙو اھڙو وڏو آواز ٻڌم جيڪو توتاري جي آواز وانگر ھو،


انھيءَ جا پير صاف پتل جھڙا ھئا جيڪو پتل ڄڻ تہ بٺيءَ مان تپي اُجرو ٿي نڪتل ھجي، سندس آواز زور سان وھندڙ پاڻيءَ جھڙو ھو.


انھن نبين آسمان مان ھڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنھن کين چيو تہ ”ھيڏانھن اچو.“ ھو ڪڪر تي سوار ٿي آسمان ڏانھن ويا ۽ دشمن کين ڏسندا رھيا.


جڏھن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان تي وڏا آواز ٿيڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ ”اسان جي خداوند ۽ سندس مسيح جي دنيا تي بادشاھت قائم ٿي ويئي آھي ۽ ھو ھميشہ ھميشہ تائين بادشاھي ڪندو رھندو.“


مون ھڪڙو شيشي جھڙو سمنڊ ڏٺو، جنھن ۾ باھہ گڏيل ھئي ۽ جيڪي انھيءَ حيوان، سندس بت ۽ سندس نالي جي عدد تي غالب پيا ھئا سي خدا جا ڏنل تنبورا کنيو انھيءَ شيشي جي سمنڊ وٽ بيٺا ھئا.


جيڪي تنبورا ۽ بانسري وڄائيندا ۽ ڳائيندا ھئا، ۽ جيڪي توتارا وڄائيندا ھئا، تن جو وري تو ۾ آواز بہ ڪونہ ٻڌبو. ڪوبہ ڪاريگر، ڪھڙي بہ ڌنڌي وارو، وري تو ۾ ڪونہ لڀندو، ۽ نہ وري ڪڏھن تو ۾ ڪنھن اٽي جي چڪيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.


جڏھن ھن ڪتاب ورتو تہ اُھي چارئي ساھوارا ۽ چوويھہ بزرگ انھيءَ گھيٽي جي پيرن تي ڪري پيا. انھن مان ھر ھڪ وٽ ھڪڙو تنبورو ھو ۽ لوبان سان ڀريل سونا پيالا ھئا. اُھي خدا جي قوم جون دعائون آھن.


پوءِ مون ڏٺو تہ جڏھن گھيٽي انھن ستن مُھرن مان ھڪ کي ٽوڙيو، تڏھن انھن چئن ساھوارن مان ھڪڙي کي گجگوڙ جھڙي آواز سان چوندي ٻڌم تہ ”اچ.“


پھرين ملائڪ توتارو وڄايو تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باھہ پيدا ٿي ۽ زمين تي اڇلائي ويئي تہ زمين جو ٽيون حصو ۽ وڻن جو ٽيون حصو ۽ سڀ سائو گاھہ سڙي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ