Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 14:15 - Common Language New Testament

15 ايتري ۾ ھڪڙو ملائڪ ھيڪل مان نڪري آيو ۽ جيڪو شخص ڪڪر تي ويٺو ھو، تنھن کي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”پنھنجو ڏاٽو ھلائي لابارو ڪر، ڇاڪاڻ⁠تہ زمين جو فصل پچي راس ٿي ويو آھي ۽ لاباري جو وقت اچي ويو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ ٻيو ملائڪ هيڪل مان نڪري آيو، ۽ جيڪو شخص بادل تي ويٺو هو، تنهن کي هو وڏي آواز سان پڪاري چوڻ لڳو تہ پنهنجو ڏاٽو هلاءِ ۽ لُڻ؛ ڇالاءِ جو لاباري جو وقت آيو آهي؛ جو زمين جو فصل پچي راس ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 ايتري ۾ هڪڙو دوت آڪاشي هيڪل مان نڪري آيو ۽ ڪڪر تي ويٺل انهيءَ شخص کي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”پنهنجو ڏاٽو هلائي لابارو ڪر، ڇاڪاڻ تہ ڌرتيءَ جو فصل پچي راس ٿي ويو آهي ۽ لاباري جو وقت اچي ويو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 ايتري ۾ هڪڙو ملائڪ آسماني هيڪل مان نڪري آيو ۽ ڪڪر تي ويٺل انهيءَ شخص کي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”پنهنجو ڏاٽو هلائي لابارو ڪر، ڇاڪاڻ تہ ڌرتيءَ جو فصل پچي راس ٿي ويو آهي ۽ لاباري جو وقت اچي ويو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 14:15
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇڏيو تہ ڀلي ڪڻڪ ۽ ڪانڊيرا گڏ وڌن، تان جو لاباري جو وقت ٿئي. پوءِ آءٌ لاباري ڪندڙن کي چوندس تہ پھريائين ڪانڊيرا پٽي گڏ ڪري باھہ ۾ ساڙين ۽ پوءِ ڪڻڪ گڏ ڪري ڀانڊن ۾ رکن.‘“


دشمن جنھن ڪانڊيرا پوکيا سو شيطان آھي. لابارو آھي آخرت جو ڏينھن ۽ لاباري وارا آھن ملائڪ.


تہ پوءِ وڃو ۽ جيڪو اوھان جي ابن ڏاڏن شروع ڪيو ھو تنھن کي وڃي پورو ڪريو.


پر جڏھن فصل پچي تيار ٿئي ٿو تڏھن ھو ھڪدم انھيءَ ۾ ڏاٽو وجھي ٿو، ڇالاءِ⁠جو لاباري جو وقت اچي ويو آھي.“


اھي اسان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ اسين غير قومن کي سندن ڇوٽڪاري جو ڪلام نہ ٻڌايون. اھڙيءَ طرح اھي پنھنجن گناھن جي گھَڙي کي ھميشہ ڀريندا ٿا رھن. پر نيٺ انھن تي خدا جو ڀرپور غضب اچي ڪڙڪيو آھي.


خدا جو ھيڪل جيڪو آسمان ۾ آھي، سو کوليو ويو ۽ ھيڪل ۾ عھد جي صندوق نظر آئي ۽ پوءِ کنوڻيون، آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون، زلزلو آيو ۽ وڏا ڳڙا پيا.


انھيءَ حيوان پھرين حيوان جي روبرو ان جو سڄو اختيار ٿي ھلايو. ھن زمين ۽ ان جي رھاڪن کان انھيءَ پھرين حيوان جي پوڄا ٿي ڪرائي، جنھن جو موتمار زخم ڇٽي ويو ھو.


پوءِ مون نھاريو تہ مون کي ھڪ تجليدار ڪڪر نظر آيو ۽ انھيءَ ڪڪر تي ابن⁠آدم جھڙو ھڪڙو شخص ويٺل ھو، جنھن جي مٿي تي سونو تاج ھو ۽ ھٿ ۾ ھڪڙو تکو ڏاٽو ھوس.


انھيءَ شخص جيڪو ڪڪر تي ويٺو ھو، تنھن پنھنجو ڏاٽو زمين تي کڻي اڇلايو تہ زمين لڻجي ويئي.


ان کان پوءِ ھڪڙو ٻيو ملائڪ آسماني ھيڪل مان نڪتو، جنھن جي ھٿ ۾ بہ تکو ڏاٽو ھو.


پوءِ ھڪڙو ٻيو بہ ملائڪ قربان⁠گاھہ مان نڪتو، جنھن کي باھہ تي اختيار ھو. ھن تکي ڏاٽي واري ملائڪ کي وڏي آواز سان چيو تہ ”پنھنجو تکو ڏاٽو ھلاءِ ۽ زمين جي ڊاک جا ڇڳا گڏ ڪر، ڇالاءِ⁠جو ڊاک بلڪل پچي راس ٿي ويئي آھي.“


انھيءَ مان اُھي ست ملائڪ نڪتا، جن وٽ ست آفتون ھيون. اُھي صاف ۽ اڇيون چمڪندڙ پوشاڪون پھريل ھئا ۽ سندن ڇاتين تي سونا سينابند ٻڌل ھئا.


جڏھن ستين ملائڪ پنھنجو پيالو ھوا ۾ ھاريو تہ ھيڪل مان تخت واري پاسي کان ھڪڙو وڏو آواز آيو، جنھن چيو تہ ”پورو ٿيو.“


انھن وڏي آواز سان رڙيون ڪري چيو تہ ”اي پاڪ ۽ سچا خداوند! تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين ۽ زمين تي رھڻ وارن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ