Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 14:12 - Common Language New Testament

12 اھو آھي خدا جي انھيءَ قوم وارن جو صبر، جيڪي خدا جي حڪمن تي ٿا ھلن ۽ عيسيٰ تي ايمان ٿا آڻين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 اهو آهي اُنهن پاڪ ٿيلن جو صبر، جي خدا جي حڪمن تي ٿا هلن، ۽ يسوع تي ايمان ٿا رکن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 مطلب تہ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ثابت قدم رهن، جيڪي ايشور جي حڪمن تي ٿا هلن ۽ يسوع تي وشواس ٿا رکن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 مطلب تہ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل ثابت قدم رهن، جيڪي خدا جي حڪمن تي ٿا هلن ۽ عيسيٰ تي ايمان ٿا رکن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 14:12
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ چڱي ويڙھہ وڙھي چڪو آھيان. آءٌ پوري ڊوڙ ڊوڙي چڪو آھيان. آءٌ پنھنجي ايمان تي قائم رھيو آھيان.


جيڪڏھن اسين خدا جي حڪمن تي عمل ڪنداسين، تہ پوءِ اسان کي يقين ٿي ويندو تہ اسين کيس سڃاڻون ٿا.


ازدھا کي عورت تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. تنھنڪري ھو عورت جي باقي اولاد سان جنگ ڪرڻ لاءِ ھليو ويو، يعني انھن سان جيڪي خدا جي حڪمن تي ٿي ھليا ۽ عيسيٰ جي شاھدي ٿي ڏنائون.


جيڪڏھن ڪو قيد ٿيڻو آھي تہ اھو قيد ۾ ويندو ۽ جيڪڏھن ڪو تلوار سان قتل ٿيڻو آھي تہ اھو تلوار سان قتل ڪيو ويندو. اھو آھي خدا جي قوم جو صبر ۽ ايمان.


مون کي خبر آھي تہ اوھين ڪٿي ٿا رھو، يعني اتي جتي شيطان جو تخت آھي. اوھين منھنجي نالي تي قائم آھيو ۽ اوھان انھن ڏينھن ۾ بہ مون تي ايمان آڻڻ نہ ڇڏيو، جڏھن اوھان منجھان منھنجو وفادار شاھد انتيپاس ان جاءِ تي ماريو ويو جتي شيطان رھي ٿو.


جيئن تہ اوھان منھنجو حڪم مڃي صبر ڪيو، تنھنڪري آءٌ بہ اوھان کي آزمائش جي گھڙيءَ کان بچائيندس، جيڪا ڌرتيءَ تي رھڻ وارن جي آزمائش لاءِ ساري جھان تي اچڻي آھي.


مون کي اوھان جي ڪمن جي خبر آھي ۽ ڄاڻان ٿو تہ اوھان ۾ ٿوري طاقت آھي. اوھان منھنجي ڪلام تي عمل ڪيو ۽ منھنجي نالي کان انڪار ڪين ڪيو. سو مون اوھان جي اڳيان ھڪڙو دروازو کولي ڇڏيو آھي، جنھن کي ڪوبہ بند ڪري نہ ٿو سگھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ