Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 14:11 - Common Language New Testament

11 انھن جي عذاب جو دونھون سدائين پيو نڪرندو رھندو ۽ جيڪي ماڻھو انھيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوڄا ڪن ٿا ۽ سندس نالي جو نشان ھڻائين ٿا، تن کي رات ڏينھن آرام ڪونہ ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ اُنهن جي عذاب جو دونهون سدائين پيو نڪرندو؛ ۽ جيڪي اُنهي حيوان ۽ سندس بُت جي پرستش ٿا ڪن، ۽ جيڪي سندس نالي جي ڇاپ ٿا هڻائين، تن کي رات ڏينهن آرام ڪونہ ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 انهن جي ايذاءَ جو دونهون سدائين پيو نڪرندو رهندو. هائو، اهي ماڻهو جيڪي انهيءَ حيوان ۽ سندس بت اڳيان سيس نوائين ٿا ۽ سندس نالي جو نشان هڻائين ٿا، تن کي رات ڏينهن ڪڏهن آرام نہ ملندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 انهن جي عذاب جو دونهون سدائين پيو نڪرندو رهندو. هائو، اهي ماڻهو جيڪي انهيءَ حيوان ۽ سندس بت کي سجدو ڪن ٿا ۽ سندس نالي جو نشان هڻائين ٿا، تن کي رات ڏينهن ڪڏهن آرام نہ ملندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 14:11
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوھين سڀ جيڪي ڳرا بار کڻي ٿڪجي پيا آھيو سي مون وٽ اچو، آءٌ اوھان کي آرام ڏيندس.


پوءِ ھو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’مون وٽان ھليا وڃو، اوھان تي خدا جو قھر آھي. وڃي دائمي باھہ ۾ پئو، جيڪا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آھي.


پوءِ اوھان کي دائمي سزا ملندي ۽ نيڪن کي دائمي زندگي.‘“


پر پنھنجي فرزند بابت ھو چوي ٿو تہ ”اي خدا! تنھنجو تخت ھميشہ تائين قائم رھندو، ۽ تون انصاف سان حڪومت ڪرين ٿو.


جڏھن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان تي وڏا آواز ٿيڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ ”اسان جي خداوند ۽ سندس مسيح جي دنيا تي بادشاھت قائم ٿي ويئي آھي ۽ ھو ھميشہ ھميشہ تائين بادشاھي ڪندو رھندو.“


انھيءَ حيوان پھرين حيوان جي روبرو ان جو سڄو اختيار ٿي ھلايو. ھن زمين ۽ ان جي رھاڪن کان انھيءَ پھرين حيوان جي پوڄا ٿي ڪرائي، جنھن جو موتمار زخم ڇٽي ويو ھو.


انھيءَ ٻئي حيوان کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ پھرين حيوان جي بوتي ۾ روح ڦوڪي وجھي، تہ جيئن اھو بت ڳالھائي ۽ جيڪي ماڻھو انھيءَ بت جي پوڄا نہ ڪن تن کي مارائي ڇڏي.


ڪوبہ شخص نہ ڪا شيءِ خريد ڪري ٿي سگھيو ۽ نہ وڪڻي ٿي سگھيو، جيستائين ان تي اھو نشان نہ ھجي، يعني انھيءَ حيوان جو نالو يا سندس نالي جو عدد.


انھن جي پٺيان ھڪڙو ٽيون ملائڪ آيو ۽ وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏھن ڪو ماڻھو انھيءَ حيوان يا سندس بت جي پوڄا ڪندو ۽ پنھنجي پيشانيءَ يا ھٿ تي سندس نشان ھڻائيندو،


اُھي ھن شھر جي سڙڻ جو دونھون ڏسي رڙيون ڪري چوندا تہ ”ھن وڏي شھر جھڙو ٻيو ڪو وڏو شھر ڪونھي.“


دنيا جي جن بادشاھن ساڻس زناڪاري ڪئي آھي ۽ عيش عشرت ڪندا ھئا، سي جڏھن ھن جي سڙڻ جو دونھون ڏسندا تہ ھن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا.


ھنن وري ٻيو دفعو پڪاري چيو تہ ”خداوند خدا جي تعريف. انھيءَ وڏي شھر جو دونھون ھميشہ ھميشہ تائين پيو اٿندو رھندو.“


پوءِ شيطان جنھن کين گمراھہ ڪيو ھو، سو باھہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويندو، جتي اھي ٻيئي حيوان اڇلايا ويا ھئا. اُھي رات ڏينھن اُتي ھميشہ ھميشہ تائين عذاب پيا سھندا.


اڳتي وري ڪڏھن بہ رات نہ ٿيندي ۽ نہ وري انھن کي ڏيئي يا سج جي روشنائيءَ جي ضرورت پوندي، ڇالاءِ⁠جو خداوند خدا انھن کي روشنائي ڏيندو ۽ اھي ھميشہ ھميشہ تائين بادشاھي ڪندا.


چوڻ لڳا تہ ”آمين، اسان جي خدا جي تعريف، جلال، حڪمت، شڪرگذاري، عزت، قدرت ۽ طاقت، ھميشہ ھميشہ تائين ھجي. آمين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ