Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 13:13 - Common Language New Testament

13 ھُن وڏا معجزا ٿي ڏيکاريا، ايتري تائين جو ماڻھن جي سامھون آسمان مان زمين تي باھہ ٿي وسايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ هن وڏا نشان ڪري ٿي ڏيکاريا، ايتري قدر جو هن ماڻهن جي اڳيان آسمان مان زمين تي باهہ ٿي ڪيرائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 هُن وڏا چمتڪار ٿي ڏيکاريا، ايتري تائين جو ماڻهن جي سامهون آڪاش مان ڌرتيءَ تي باهہ ٿي وسايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 هُن وڏا معجزا ٿي ڏيکاريا، ايتري تائين جو ماڻهن جي سامهون آسمان مان زمين تي باهہ ٿي وسايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 13:13
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ وٽ ڪي فريسي ۽ صدوقي آيا. کيس آزمائڻ لاءِ چيائون تہ ”اسان کي آسمان مان ڪو معجزو ڏيکار.“


ڇالاءِ⁠جو اھڙا ڪوڙا ماڻھو ظاھر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اھي وڏيون نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جھڙا ڪم ڪندا، انھيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏھن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراھہ ڪن.


ڇالاءِ⁠جو اھڙا ڪوڙا ماڻھو ظاھر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اھي نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جھڙا ڪم ڪندا، انھيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏھن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراھہ ڪن.


جھڙيءَ طرح ينيس ۽ يمبريس موسيٰ جي مخالفت ڪئي ھئي، تھڙيءَ طرح ھي ماڻھو بہ سچ جي مخالفت ڪن ٿا. ھي اھڙا ماڻھو آھن جن جو عقل بگڙيل آھي ۽ جيڪي ڪوڙي ايمان رکڻ جي ڪري رد ٿيل آھن.


جيڪڏھن ڪو انھن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ انھن جي وات مان باھہ ٿي نڪري، جيڪا سندن دشمنن کي ساڙي ٿي ڇڏي. سو جيڪڏھن ڪو ماڻھو انھن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ اھو بہ اھڙيءَ طرح مارجي ويندو.


اُھي ڀوتن جا روح آھن، جيڪي معجزا ڏيکارن ٿا ۽ سڄيءَ دنيا جي بادشاھن وٽ وڃن ٿا، تہ جيئن قادرِمطلق خدا جي وڏي ڏينھن تي جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.


انھيءَ پھرين حيوان ۽ ساڻس گڏ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انھيءَ ٻئي حيوان کي بہ پڪڙيو ويو، جنھن حيوان جي سامھون معجزا ڏيکاريا ھئا. انھن معجزن سان ھن حيوان جو نشان ھڻائڻ وارن ۽ سندس بت جي پوڄا ڪرڻ وارن کي گمراھہ ڪيو ھو. اُھي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باھہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اڇلايا ويا.


ھو زمين جي مٿان چوڌاري پکڙجي ويندا ۽ خدا جي قوم جي لشڪرگاھہ ۽ پياري شھر کي وڪوڙي ويندا. پر آسمان مان باھہ نڪرندي ۽ انھن کي تباھہ ڪري ڇڏيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ