Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 13:11 - Common Language New Testament

11 پوءِ مون ھڪڙي ٻئي حيوان کي زمين مان نڪرندي ڏٺو، جنھن کي گھيٽي وانگر ٻہ سڱ ھئا، پر ھن ازدھا وانگر ٿي ڳالھايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ مون هڪڙو ٻيو حيوان زمين مان نڪرندو ڏٺو؛ جنهن کي گهيٽي وانگر ٻہ سڱ هئا، پر هن ازدها وانگر ٿي ڳالهايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 پوءِ مون هڪڙي ٻئي حيوان کي ڌرتيءَ مان نڪرندي ڏٺو، جنهن کي گھيٽڙي وانگر ٻہ سڱ هئا، پر هن ازدها وانگر ٿي ڳالهايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ مون هڪڙي ٻئي حيوان کي زمين مان نڪرندي ڏٺو، جنهن کي گھيٽڙي وانگر ٻہ سڱ هئا، پر هن ازدها وانگر ٿي ڳالهايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 13:11
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”انھن نبي سڏائيندڙن کان ھوشيار ٿجو، جيڪي حقيقي نبي نہ آھن، ڇالاءِ⁠جو اھي اوھان وٽ رڍن جي روپ ۾ اچن ٿا پر اندر ۾ اھي وحشي بگھڙ آھن.


ڇالاءِ⁠جو جيڪي اھڙا ڪم ڪن ٿا سي خداوند جي خدمت نہ ٿا ڪن، پر پنھنجي پيٽ جي پوڄا ٿا ڪن ۽ پنھنجي سڻڀي ۽ مٺيءَ زبان سان اٻوجھن جون دليون ٿا ٺڳين.


ھو پاڻ کي انھن سڀني کان مٿاھون ڄاڻيندڙ ۽ انھن جي مخالفت ڪندڙ آھي، جيڪي خدا يا معبود ٿا سڏجن، ايتري قدر جو ھو خدا جي ھيڪل ۾ ويھي پاڻ کي خدا مشھور ڪندو.


جڏھن اُھي پنھنجي شاھدي پوري ڪندا، تڏھن ھڪڙو حيوان اوڙاھہ مان نڪرندو، جيڪو ساڻن وڙھندو ۽ مٿن غالب پئي کين ماري وجھندو.


ازدھا کي عورت تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. تنھنڪري ھو عورت جي باقي اولاد سان جنگ ڪرڻ لاءِ ھليو ويو، يعني انھن سان جيڪي خدا جي حڪمن تي ٿي ھليا ۽ عيسيٰ جي شاھدي ٿي ڏنائون.


پوءِ مون ھڪڙي حيوان کي سمنڊ مان نڪرندي ڏٺو، جنھن کي ڏھہ سڱ ۽ ست مٿا ھئا. سندس سڱن تي ڏھہ تاج ھئا ۽ سندس مٿن تي ڪفر جا نالا لکيل ھئا.


ڪوبہ شخص نہ ڪا شيءِ خريد ڪري ٿي سگھيو ۽ نہ وڪڻي ٿي سگھيو، جيستائين ان تي اھو نشان نہ ھجي، يعني انھيءَ حيوان جو نالو يا سندس نالي جو عدد.


ماڻھن ازدھا جي پوڄا ڪئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن انھيءَ حيوان کي اختيار ڏنو ھو. ھنن حيوان جي بہ پوڄا ڪئي ۽ چيائون تہ ”ھن حيوان جھڙو ڪير آھي ۽ ڪير ھن سان وڙھي ٿو سگھي؟“


پوءِ مون انھيءَ ازدھا جي وات مان، انھيءَ پھرين حيوان جي وات مان ۽ انھيءَ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ ٻئي حيوان جي وات مان ٽي ناپاڪ روح ڏيڏرن جي شڪل ۾ نڪرندي ڏٺا.


مون انھيءَ عورت کي خدا جي قوم وارن جي رت ۽ عيسيٰ جي شھيدن جو رت پيئڻ سان الوٽ ڏٺو. آءٌ انھيءَ عورت کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويس.


اھو حيوان جيڪو تو ڏٺو، سو اڳي ھو ۽ ھاڻي ڪونھي. پر اوڙاھہ مان نڪري اچڻ تي آھي ۽ پوءِ برباد ٿي ويندو. زمين جا رھاڪو ۽ جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آھن، سي انھيءَ حيوان جو حال ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا، ڇاڪاڻ⁠تہ اھو حيوان اڳي ھو ۽ ھاڻي ڪونھي پر ھن کان پوءِ ايندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ