Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 12:7 - Common Language New Testament

7 ان کان پوءِ آسمان ۾ جنگ لڳي، ميڪائيل ۽ سندس ملائڪ انھيءَ ازدھا سان وڙھڻ لاءِ نڪتا. ازدھا ۽ سندس ملائڪ بہ انھن سان وڙھيا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ آسمان ۾ جنگ لڳي: ميڪائيل ۽ سندس ملائڪ انهي ازدها سان وڙهڻ لاءِ نڪتا. ۽ ازدها ۽ سندس ملائڪ بہ وڙهڻ لڳا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 انهيءَ دوران آڪاش ۾ جنگ لڳي. ميڪائيل ۽ سندس دوت انهيءَ ازدها سان وڙهڻ لاءِ نڪتا. ازدها ۽ سندس دوت بہ انهن سان وڙهيا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 انهيءَ دوران آسمان ۾ جنگ لڳي. ميڪائيل ۽ سندس ملائڪ انهيءَ ازدها سان وڙهڻ لاءِ نڪتا. ازدها ۽ سندس ملائڪ بہ انهن سان وڙهيا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 12:7
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابن⁠آدم پنھنجن ملائڪن کي موڪليندو ۽ اھي سندس بادشاھت مان انھن سڀني کي گڏ ڪندا جيڪي ٻين کي گمراھہ ٿا ڪن ۽ بڇڙائي ڪن ٿا.


انھيءَ ڪري جو ابن⁠آدم پنھنجي پيءُ جي جلوي ۾ ملائڪن سان گڏ ايندو ۽ ھر ھڪ ماڻھوءَ کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو.


تڏھن ناد جي وڏي آواز سان وڄندي ئي ھو ملائڪن کي ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن ڏانھن موڪليندو، تہ جيئن اھي دنيا جي ھڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين خدا جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪن.“


پوءِ ھو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’مون وٽان ھليا وڃو، اوھان تي خدا جو قھر آھي. وڃي دائمي باھہ ۾ پئو، جيڪا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آھي.


تو کي خبر نہ آھي ڇا تہ آءٌ پنھنجي پيءُ کي عرض ڪري ٿو سگھان تہ ھو ھينئر ئي منھنجي مدد لاءِ ٻارھن لشڪرن کان بہ مٿي ملائڪ موڪلي ڏئي؟


مڪاشفن جي نھايت گھڻائيءَ ڪري متان آءٌ ڦونڊجي وڃان، تنھنڪري منھنجي بدن ۾ ھڪ ڪنڊو ھنيو ويو، يعني شيطان جو قاصد، جيڪو مون کي تنگ ڪري تہ جيئن آءٌ ڦونڊجي نہ وڃان.


ڇالاءِ⁠جو اسان جي جنگ انسان سان نہ آھي. پر اسين ھن اونداھيءَ دنيا وارين طاقتن سان، اختياريءَ وارن سان، حاڪمن سان ۽ آسماني جاين وارن بڇڙن روحن جي لشڪرن سان وڙھون ٿا.


۽ اوھان ڏک سھڻ وارن کي اسان سان گڏ آرام ڏيندو. ھي انھيءَ وقت ٿيندو جڏھن خداوند عيسيٰ پنھنجي طاقتور ملائڪن سان گڏ ڀڙڪندڙ باھہ ۾ آسمان مان ظاھر ٿيندو.


جنھن جي لاءِ ۽ جنھن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آھن، تنھن خدا لاءِ اھو مناسب ھو تہ جڏھن گھڻن ٻارن کي عظمت ۾ داخل ڪري تڏھن انھن جي ڇوٽڪاري جي اڳواڻ کي ڏکن جي وسيلي ڪامل ڪري.


ڇالاءِ⁠جو خدا گناھہ ڪندڙ ملائڪن کي بہ نہ بخشيو، بلڪ کين دوزخ ۾ وڌائين ۽ اونداھين غارن ۾ بند ڪيائين، انھيءَ لاءِ تہ عدالت جي ڏينھن تائين قيد ۾ رھن.


مگر وڏي ملائڪ ميڪائيل جڏھن موسيٰ جي لاش بابت شيطان سان جھيڙو ۽ تڪرار پئي ڪيو، تڏھن کيس ايتري ھمت نہ ٿي جو شيطان تي ڦٽڪار ڪري سگھي. پر رڳو ايترو چيائين تہ ”خداوند تو تي ملامت ڪري.“


پر کين شڪست آئي. تنھنڪري آسمان ۾ انھن جي ڪابہ جاءِ نہ رھي.


اھو وڏو ازدھا يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس ۽ شيطان بہ سڏبو آھي ۽ جيڪو ساري جھان کي گمراھہ ٿو ڪري، سو زمين تي اڇلايو ويو ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ ھيٺ اڇلايا ويا.


انھيءَ کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ ھو خدا جي قوم سان جنگ ڪري کيس شڪست ڏئي. ھن کي سڀني قبيلن، اُمتن، ٻولين ۽ قومن تي بہ اختيار ڏنو ويو.


ھُن انھيءَ ازدھا، يعني قديمي نانگ جنھن جا نالا شيطان ۽ ابليس آھن، تنھن کي پڪڙي ھزار سالن لاءِ ٻڌي ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ