Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 11:12 - Common Language New Testament

12 انھن نبين آسمان مان ھڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنھن کين چيو تہ ”ھيڏانھن اچو.“ ھو ڪڪر تي سوار ٿي آسمان ڏانھن ويا ۽ دشمن کين ڏسندا رھيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ هنن آسمان مان هڪڙو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن کين چيو تہ هيڏانهن اچو! ۽ هو ڪڪر تي چڙهي آسمان ۾ ويا؛ ۽ سندن دشمنن کين ڏٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 ان وقت ايشور جو سنديش ڏيندڙ انهن شاهدن آڪاش مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنهن کين چيو تہ ”هيڏانهن مٿي اچو.“ تنهن تي اهي ٻيئي شاهد ڪڪر ۾ آڪاش ڏانهن ويا ۽ دشمن کين ڏسندا رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 ان وقت خدا جو پيغام ڏيندڙ انهن شاهدن آسمان مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنهن کين چيو تہ ”هيڏانهن مٿي اچو.“ تنهن تي اهي ٻيئي شاهد ڪڪر ۾ آسمان ڏانهن ويا ۽ دشمن کين ڏسندا رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 11:12
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھو دوزخ جي عذابن ۾ مبتلا ھو تہ اکيون کڻي مٿي نھاريائين تہ پريان ابراھيم جي ڀر ۾ لعزر نظر آيس.


اڃا ھن ايترو مس چيو تہ ھو انھن جي ڏسندي ئي آسمان ڏانھن کڄي ويو ۽ ھڪڙي ڪڪر جي اوٽ ۾ سندن نظر کان غائب ٿي ويو.


انھيءَ کان پوءِ اسين، جيڪي اڃا تائين جيئرا ۽ ڇڏيل ھونداسين سي انھن سان گڏ مٿي ڪڪرن ۾ کنيا وينداسين، تہ جيئن ھوا ۾ خداوند سان ملاقات ڪريون. اھڙيءَ طرح اسين ھميشہ خداوند سان گڏ رھنداسين.


عورت کي پٽ ڄائو، يعني اھو ٻار جيڪو سڀني قومن تي لوھہ جي لٺ سان حڪم ھلائيندو. اھو ٻار ھڪدم خدا ۽ سندس تخت ڏانھن کڄي ويو.


جيڪو غالب پوندو تنھن کي آءٌ پاڻ سان گڏ تخت تي ويھاريندس، جھڙيءَ طرح آءٌ پاڻ غالب پيس ۽ پنھنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


انھن ڳالھين کان پوءِ مون نھاريو تہ آسمان ۾ ھڪڙو کليل دروازو ڏٺم، ۽ اھو توتاري جھڙو آواز جيڪو مون اڳ ۾ ٻڌو ھو، سو وري ٻڌڻ ۾ آيو ۽ چيائين تہ ”ھيڏانھن اچ تہ آءٌ تو کي اھي ڳالھيون ڏيکاريان، جيڪي ھن کان پوءِ ٿيڻ واريون آھن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ