Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 10:11 - Common Language New Testament

11 پوءِ مون کي چيو ويو تہ ”تو کي ھڪ دفعو وري اُمتن، قومن، ٻولين ۽ بادشاھن جي باري ۾ پيشنگوئي ڪرڻي پوندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ مون کي چيو ويو تہ توکي ضرور گهڻين اُمتن، ۽ قومن، ۽ ٻولين، ۽ بادشاهن جي نسبت ۾ پيشنگوئي ڪرڻي پوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 پوءِ مون کي چيو ويو تہ ”تو لاءِ اهو لازم آهي تہ تون گھڻين قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ راجائن جي باري ۾ ايشور جو وڌيڪ فرمان ٻڌاءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ مون کي چيو ويو تہ ”تو لاءِ اهو لازم آهي تہ تون گھڻين قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ بادشاهن جي باري ۾ خدا جو وڌيڪ فرمان ٻڌاءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 10:11
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون اھو ننڍڙو ڪتاب ملائڪ کان ورتو ۽ کاڌم. اھو منھنجي وات ۾ ماکيءَ جھڙو مٺو لڳو. پر جڏھن کائي بس ڪيم تہ منھنجو پيٽ ڪڙو ٿي پيو.


مون کي ماپ ڪرڻ لاءِ ھڪڙو ڪانو ڏنو ويو ۽ چيو ويو تہ ”اُٿ ۽ وڃي خدا جي ھيڪل ۽ قربان⁠گاھہ جي ماپ ڪر ۽ جيڪي اُن ۾ عبادت ڪن ٿا تن کي ڳڻ.


انھن جي لاشن کي سڀني اُمتن، قبيلن، ٻولين ۽ قومن جا ماڻھو ساڍن ٽن ڏينھن تائين ڏسندا رھندا ۽ قبر ۾ دفن ٿيڻ نہ ڏيندا.


تنھن کان پوءِ مون ھڪڙو ملائڪ آسمان ۾ اڏامندي ڏٺو، جنھن وٽ زمين جي رھاڪن يعني سڀني قومن، قبيلن، ٻولين ۽ اُمتن کي ٻڌائڻ لاءِ ھميشہ جي خوشخبري ھئي.


انھن مان پنج ڪري پيا آھن، ھڪڙو موجود آھي ۽ ٻيو اڃا آيو ئي ڪونھي ۽ جڏھن اھو ايندو تہ ضرور ٿوري وقت تائين رھندو.


جيڪي ڏھہ سڱ تو ڏٺا سي اُھي ڏھہ بادشاھہ آھن، جن کي اڃا تائين بادشاھي ڪانہ ملي آھي. پر انھيءَ حيوان سان گڏ کين ھڪڙي ڪلاڪ تائين بادشاھن جھڙو اختيار ملندو.


پوءِ ملائڪ چيو تہ ”جيڪي درياءَ تو ڏٺا، جن جي ڀرسان اھا ڪسبياڻي ويٺي آھي، سي اُمتون، ميڙ، قومون ۽ ٻوليون آھن.


پوءِ اُھي ھڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اھو ڪتاب وٺڻ ۽ ان جي مُھرن ٽوڙڻ جي لائق آھين. ڇالاءِ⁠جو تون ڪُٺو ويو ھئين، ۽ سڀ ڪنھن قبيلي، ٻوليءَ، امت ۽ قوم منجھان، ماڻھن کي تو پنھنجي رت سان خدا جي لاءِ خريد ڪيو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ