Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




فليمون 1:7 - Common Language New Testament

7 تنھنجيءَ محبت مون کي وڏي خوشي ۽ تسلي ڏني آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ ادا، تو ائين ايمان وارن جي دلين کي تازگي بخشي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ڇالاءِ جو مون کي تنهنجي محبت جي ڪري گهڻي خوشي ۽ تسلي ٿي آهي: اي ادا، تنهنجي ڪري ئي پاڪ ٿيلن جون دليون تازيون ٿيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 اي ڀاءُ! تنهنجي پيار مون کي وڏي خوشي ۽ تسلي ڏني آهي، ڇاڪاڻ تہ تو مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي دلين کي تازگي ڏني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اي ڀاءُ! تنهنجي پيار مون کي وڏي خوشي ۽ تسلي ڏني آهي، ڇاڪاڻ تہ تو مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي دلين کي تازگي ڏني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




فليمون 1:7
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھنن منھنجي ۽ اوھان جي روح کي تازگي بخشي آھي. تنھنڪري اھڙن ماڻھن جو قدر ڪريو.


تنھنڪري اسان کي تسلي ملي آھي. انھيءَ تسليءَ کان سواءِ اسان کي طيطس جي خوشيءَ جي ڪري بہ نھايت گھڻي خوشي ٿي. ڇالاءِ⁠جو اوھان سڀني جي مدد سان ھن جي دل کي سڪون مليو آھي.


مون کي اوھان تي تمام گھڻو اعتبار آھي. آءٌ اوھان تي ڏاڍو فخر ٿو ڪريان. مون کي پوري تسلي آھي. تنھنڪري جيڪا بہ مصيبت اسان تي اچي ٿي، تنھن ۾ آءٌ تمام گھڻو خوش رھندو آھيان.


اسين پنھنجي خدا ۽ پيءُ جي اڳيان اوھان جي ايمان جي ڪم، محبت واري محنت ۽ انھيءَ صبر کي جيڪو اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آھي، سدائين ياد پيا ڪريون.


انھيءَ ڪري اسين بہ ھميشہ خدا جو شڪر ٿا ڪريون تہ جڏھن اوھان کي خدا جو پيغام مليو جيڪو اوھان اسان کان ٻڌو، تڏھن اوھان اھو ماڻھن جو ڪلام نہ پر جيئن حقيقت ۾ آھي تيئن خدا جو ڪلام سمجھي قبول ڪيو. اھو ڪلام اوھان ايمان آڻيندڙن تي اثر بہ ڪري ٿو.


ڀلا، اسان جي اميد، اسان جي خوشي ۽ اسان جي فخر جو تاج ڪير آھي؟ ڇا اسان جي خداوند عيسيٰ جي اڳيان سندس اچڻ وقت اھي اوھين ئي نہ ھوندا؟


اسان کي پنھنجي خدا جي آڏو اوھان جي ڪري ڪيڏي نہ خوشي حاصل ٿي آھي. انھيءَ خوشيءَ جي ڪري اسين ڪھڙيءَ طرح اوھان لاءِ خدا جي شڪرگذاري ادا ڪريون؟


خدا شل اُنيسفرس جي گھراڻي تي رحم ڪري، ڇالاءِ⁠جو ھن ڪيترائي ڀيرا مون کي تازو توانو ڪيو ۽ منھنجي قيدي ھئڻ جي ڪري ڪو عار نہ ڪيائين.


اسين خداوند جا آھيون. تنھنڪري اي ادا! منھنجي خواھش آھي تہ تو کان مون کي خوشي ملي. مسيحي ڀاءُ ھجڻ ڪري تون منھنجي دل کي حوصلو ڏي.


آءٌ ڪيڏو نہ خوش ٿيس جڏھن مون ڏٺو تہ تنھنجا ڪي ٻار ائين سچ تي ھلي رھيا آھن، جيئن پيءُ اسان کي حڪم ڏنو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ