Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




فليمون 1:22 - Common Language New Testament

22 ٻي ڳالھہ تہ منھنجي ٽڪڻ لاءِ ھڪ ڪمرو تيار رکج، ڇوتہ اميد ٿو ڪريان تہ اوھانجين دعائن جي بدلي ۾ خداوند مون کي آزاد ڪري اوھان وٽ آڻيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 انهي کانسواءِ منهنجي رهڻ لاءِ جاءِ بہ تيار ڪري ڇڏج: جو آئون اُميد ٿو ڪريان تہ اوهانجين دعائن جي وسيلي آئون اوهان کي بخشيو ويندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 انهيءَ کان علاوہ منهنجي ترسڻ لاءِ هڪ ڪمرو تيار رکجانءِ، ڇو تہ مون کي اميد آهي تہ اوهانجين پرارٿنائن جي وسيلي پرڀو مون کي قيد مان آزاد ڪرائي اوهان وٽ آڻيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 انهيءَ کان علاوہ منهنجي ترسڻ لاءِ هڪ ڪمرو تيار رکجانءِ، ڇو تہ مون کي اميد آهي تہ اوهانجين دعائن جي وسيلي عيسيٰ مسيح مون کي قيد مان آزاد ڪرائي اوهان وٽ آڻيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




فليمون 1:22
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ چيائين تہ ’اي پولس! ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين ۽ ڏس، ھي جيڪي ماڻھو جھاز ۾ تو سان گڏ آھن، تن سڀني کي خدا تنھنجي خاطر بچايو آھي.‘


سو انھن پولس سان تاريخ مقرر ڪئي ۽ انھن جو وڏو تعداد انھيءَ جاءِ تي آيو، جتي پولس ٽڪيل ھو. صبح کان شام تائين ھو کين سمجھائيندو ۽ خدا جي بادشاھت بابت پنھنجو پيغام ٻڌائيندو رھيو. ھن عيسيٰ بابت کين قائل ڪرڻ لاءِ موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي صحيفن مان مثال ٻڌايا.


سو جڏھن آءٌ اسپين ڏانھن ويندس، تڏھن اميد آھي تہ رستي تي اوھان وٽان ٿيندو ويندس. پوءِ جڏھن اوھان جي محبت مان منھنجي دل ڪجھہ قدر ڀرجي تہ اوھين مون کي اسپين ڏانھن روانو ڪري ڇڏجو.


جيڪڏھن اوھين بہ پنھنجين دعائن جي وسيلي اسان جي مدد ڪندا، تہ پوءِ گھڻن ماڻھن جي دعائن سان جيڪا نعمت ملي آھي انھيءَ لاءِ اسان جي پاران گھڻا ماڻھو شڪرانو بجاءِ آڻيندا.


ڇالاءِ⁠جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوھان جي دعائن ۽ عيسيٰ مسيح جي روح جي مدد سان آءٌ ڇڏائجي ويندس.


بلڪ مون کي خداوند تي ڀروسو آھي تہ آءٌ پاڻ بہ جلد ايندس.


آءٌ اوھان کي خاص طور ھن ڪري منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين دعا ڪريو، تہ جيئن آءٌ جلد اوھان وٽ وري اچي سگھان.


آءٌ اوھان کي ٻڌائڻ ٿو چاھيان تہ اسان جو ڀاءُ تيمٿيس آزاد ڪيو ويو آھي. جيڪڏھن ھو جلد آيو تہ ساڻس گڏ آءٌ بہ اوھان سان اچي ملندس.


تنھنڪري پنھنجا گناھہ ھڪ ٻئي اڳيان باسيو ۽ ھڪ ٻئي لاءِ دعا گھرو تہ جيئن شفا پايو، ڇالاءِ⁠جو سچار ماڻھوءَ جي دعا نھايت اثر واري ٿئي ٿي.


مون کي ڪيتريون ئي ڳالھيون اوھان کي ٻڌائڻيون آھن، جيڪي مس سان ۽ ڪاغذ تي لکڻ نہ ٿو چاھيان. پر اميد اٿم تہ روبرو اوھان سان ملي ڳالھيون ڪريان تہ جيئن اسان جي خوشي پوري ٿئي.


اميد اٿم تہ جلد ئي اچي تو سان ملندس ۽ پوءِ روبرو ڳالھائينداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ