Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 9:9 - Common Language New Testament

9 پوءِ جڏھن ھو جبل تان ھيٺ پئي لٿا تہ عيسيٰ کين تاڪيد ڪيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ، سو تيستائين ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجو جيستائين ابن⁠آدم موت کان پوءِ وري جيئرو نہ ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ جڏهن اُهي جبل تان ٿي لٿا، تڏهن هن تاڪيد ڪري چين تہ جيسين ابن آدم مئلن مان جي نہ اُٿي، تيسين جيڪي ڏٺو اٿوَ، سو ڪنهن کي نہ ٻڌائجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 پوءِ جڏهن هو جبل تان هيٺ پئي لٿا تہ يسوع کين تاڪيد ڪيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ سو تيستائين ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو جيستائين منش‌پتر موت کان پوءِ وري جيوت نہ ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ جڏهن هو جبل تان هيٺ پئي لٿا تہ عيسيٰ کين تاڪيد ڪيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ سو تيستائين ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو جيستائين ابنِ آدم موت کان پوءِ وري جيئرو نہ ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 9:9
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھي نہ جھيڙو ۽ نہ ھُل ڪندو، ۽ نہ وري گھٽين ۾ ھن جو وڏو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.


ڇالاءِ⁠جو جيئن يونس ٽي ڏينھن ۽ ٽي راتيون مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيو ھو، تيئن ابن⁠آدم بہ زمين جي پيٽ ۾ ٽي ڏينھن ۽ ٽي راتيون رھندو.


انھيءَ وقت کان پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي کليو کلايو چئي ڇڏيو تہ ”آءٌ يروشلم ضرور ويندس ۽ اتي بزرگن، سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جون گھڻيون سختيون سھندس. مون کي ماريو ويندو ۽ ٽئين ڏينھن تي وري جيئرو ٿي اٿندس.“


۽ چيائونس تہ ”سائين! اسان کي ياد آھي تہ ھو ٺڳ جڏھن اڃا جيئرو ھو تہ چوندو ھو تہ ’آءٌ ٽن ڏينھن کان پوءِ وري جيئرو ٿي اٿندس.‘


پوءِ عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”ٻڌ، متان ڪنھن کي اھا ڳالھہ ٻڌائين. پر سڌو وڃي ڪاھن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب پنھنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڪر، تہ جيئن ھر ڪنھن لاءِ شاھدي ٿئي تہ تون ھاڻي ڇٽي پاڪ صاف ٿيو آھين.“


پوءِ عيسيٰ انھن کي سخت تاڪيد ڪيو تہ ”اھا ڳالھہ ڪنھن سان بہ نہ ڪجو.“ کين چيائين تہ ”ڇوڪريءَ کي کائڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“


پوءِ عيسيٰ انھن ماڻھن کي تاڪيد ڪري چيو تہ ”اھا ڳالھہ ڪنھن سان بہ نہ ڪجو.“ پر جيترو ھن وڌيڪ تاڪيد ڪيو ھون، اوترو ئي وڌيڪ ھنن وڃي اھا ڳالھہ ماڻھن ۾ پڌري ڪئي.


انھن عيسيٰ جو حڪم تہ مڃيو پر پاڻ ۾ ھن معاملي تي بحث ڪرڻ لڳا تہ ”موت کان پوءِ جيئرو ٿيڻ جو مطلب ڇا آھي؟“


ھنن جلدي ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو، پر کين عيسيٰ کان سواءِ اتي ٻيو ڪوبہ نظر نہ آيو.


۽ کين چيائين تہ ”ھيئن لکيل آھي تہ مسيح ڏک سھي ۽ ٽئين ڏينھن تي مئلن مان جيئرو ٿي اٿي،


جڏھن اھو آواز آيو تڏھن عيسيٰ اڪيلو ئي ڏسڻ ۾ آين. پوءِ شاگردن کڻي ماٺ ڪئي ۽ جيڪي ڳالھيون ڏٺيون ھئائون تن مان ڪابہ انھيءَ وقت ڪنھن سان بہ نہ ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ