Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 9:43 - Common Language New Testament

43-44 جيڪڏھن تنھنجو ھٿ تو کي گمراھہ ڪري، تہ پنھنجو اھو ھٿ ڪپي ڇڏ، ڇوتہ ٻنھي ھٿن سان جھنم جي ھميشہ ٻرندڙ باھہ ۾ پوڻ کان اھو بھتر آھي تہ ٽُنڊي ھٿ سان جنت ۾ داخل ٿئين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

43 ۽ جيڪڏهن تنهنجو هٿ توکي ڀُلائي، تہ وڍي ڇڏينس: تنهنجي لاءِ ٽُنڊو ئي زندگيءَ ۾ داخل ٿيڻ، انهي کان بهتر آهي تہ ٻن هٿن سان جهنم جي اڻ وسامندڙ باهہ ۾ پوين؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

43-44 جيڪڏهن تنهنجو هٿ تو کي ڀَٽڪائي، تہ پنهنجو اهو هٿ ڪپي ڇڏ، ڇو تہ ٻنهي هٿن سان نرڳ جي هميشہ ٻرندڙ باهہ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ ٽُنڊي هٿ سان امر جيون ۾ داخل ٿئين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

43-44 جيڪڏهن تنهنجو هٿ تو کي گمراهہ ڪري، تہ پنهنجو اهو هٿ ڪپي ڇڏ، ڇو تہ ٻنهي هٿن سان دوزخ جي هميشہ ٻرندڙ باهہ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ ٽُنڊي هٿ سان دائمي زندگيءَ ۾ داخل ٿئين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 9:43
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اسين ھنن ماڻھن کي ناراض ڪرڻ نہ ٿا چاھيون. تنھنڪري تون وڃي ڍنڍ ۾ ڪُنڍي وجھہ. جيڪا پھرين مڇي ڦاسي ان جي وات ۾ چانديءَ جو ھڪ وڏو سڪو ڏسندين. اھو کڻي وڃي منھنجي ۽ پنھنجي پاران ھنن کي ھيڪل جو محصول ڏي.“


پوءِ ھو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’مون وٽان ھليا وڃو، اوھان تي خدا جو قھر آھي. وڃي دائمي باھہ ۾ پئو، جيڪا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آھي.


ھن جي ھٿ ۾ پنھنجو ڇڄ آھي ۽ ھو پنھنجي ڳاھہ جي پِڙ کي چڱيءَ طرح صاف ڪندو. ھو پنھنجي ڪڻڪ پنھنجن ڀانڊن ۾ انبار ڪندو پر بُھہ کي اھڙي باھہ ۾ ساڙيندو جيڪا ڪڏھن بہ نہ ٿي وسامي.“


پر ھاڻي آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان ڪاوڙيل رھي ٿو سو بہ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. جيڪو ڪنھن ٻئي کي ’اي چريا!‘ ڪري سڏي ٿو، سو وڏيءَ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ جيڪو ڪنھن کي چوندو تہ ’اي ڀوڪ!‘ سو جھنم جي باھہ ۾ پوڻ جوڳو ٿيندو.


پر جڏھن بہ تون مانيءَ جي دعوت ڪرين تہ غريبن، جڏن، منڊن، ٽُنڊن ۽ انڌن کي ڪوٺ ڏج،


نوڪر موٽي اچي اھي سڀيئي ڳالھيون پنھنجي مالڪ کي ٻڌايون. پوءِ تہ گھر جو مالڪ اچي ڪاوڙيو، سو نوڪر کي چيائين تہ ’جلدي وڃ، شھر جي گھٽين ۽ بازارن مان غريبن، جڏن، انڌن ۽ منڊن ٽُنڊن کي وٺي اچ.‘


ھن کي پنھنجو ڇڄ ھٿ ۾ آھي تہ جيئن پنھنجي ڳاھہ جي پِڙ کي چڱيءَ طرح صاف ڪري ۽ ڪڻڪ کي ميڙي پنھنجي ڀانڊي ۾ رکي. پر بُھہ کي اھڙيءَ باھہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جا وسامڻ جي نہ آھي.“


ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اوھين انساني فطرت موجب زندگي گذاريندا تہ ضرور مرندا. پر جيڪڏھن پاڪ روح جي وسيلي جسم جي نفساني خواھشن کي فنا ڪندا تہ جيئرا رھندا.


بلڪ آءٌ پنھنجي بدن کي ماري ڪُٽي کيس پوري ضابطي ۾ ٿو رکان. ائين نہ ٿئي جو ٻين کي تبليغ ڪندي آءٌ پاڻ قبول نہ پوان.


جيڪي عيسيٰ مسيح جا آھن، تن انساني فطرت کي ان جي لاڙن ۽ برين خواھشن سميت صليب تي چاڙھي ڇڏيو آھي.


تنھنڪري اوھين پنھنجين انھن عادتن کي ماري ڇڏيو جيڪي زمين تي آھن، يعني زناڪاري، ناپاڪي، شھوت⁠پرستي، بريون خواھشون ۽ لالچ، جيڪا بت⁠پرستيءَ جي برابر آھي.


اھو اسان کي سيکاري ٿو تہ بدڪاريءَ ۽ دنياوي خواھشن کان انڪار ڪري ھن موجودہ دنيا ۾ پرھيزگاريءَ، سچائيءَ ۽ دينداريءَ سان زندگي گذاريون.


جڏھن تہ شاھدن جي ھيڏي وڏي ڪڪر اسان جو اچي گھيرو ڪيو آھي، تنھنڪري اچو تہ اسين بہ ھر ھڪ رڪاوٽ ۽ انھيءَ گناھہ کي جيڪو اسان کي آسانيءَ سان منجھائي ٿو، پاسي ڪريون ۽ ثابت⁠قدميءَ سان انھيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آھي.


تنھنڪري ھر طرح جي بدخواھي، سموري ٺڳي، رياڪاري، حسد ۽ ھر قسم جي گلا غيبت کي پاڻ مان ڪڍي ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ