Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 9:41 - Common Language New Testament

41 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو اوھان کي پاڻيءَ جو پيالو انھيءَ لاءِ ٿو پياري تہ اوھين مسيح جا آھيو، تنھن کي پنھنجو اجر ضرور ملندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 ڇالاءِ تہ جيڪو بہ ماڻهو اوهان کي پاڻيءَ جو پيالو پياريندو، انهي لاءِ تہ اوهين مسيح جا آهيو، آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ اُهو پنهنجو اجر ڪڏهن ڪين وڃائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

41 آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوهان کي پاڻيءَ جو پيالو انهيءَ لاءِ ٿو پيئاري تہ اوهين مسيح جا آهيو، تنهن کي پنهنجو لاڀ ضرور ملندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوهان کي پاڻيءَ جو پيالو انهيءَ لاءِ ٿو پيئاري تہ اوهين مسيح جا آهيو، تنهن کي پنهنجو اجر ضرور ملندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 9:41
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪوبہ ھنن ننڍڙن مان ڪنھن بہ ھڪ کي منھنجو شاگرد سمجھي ھڪ پيالو ٿڌي پاڻيءَ جو پياريندو تہ ان کي ان جو اجر ضرور ملندو.“


بادشاھہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان منھنجي ڪنھن گھٽ کان گھٽ ڀاءُ ڀيڻ سان بہ اھڙو ڪم ڪيو، تہ اھو ڄڻ اوھان مون سان ئي ڪيو.‘


عيسيٰ جڏھن نويڪلو ٿيو تہ سندس پوئلڳن ۽ ٻارھن شاگردن گڏجي مثالن بابت سوال ڪيس.


جيڪڏھن تنھنجي ڪجھہ کائڻ ڪري تنھنجي ڀاءُ کي رنج پھچي ٿو تہ پوءِ تون پيار جي اصولن تي نہ ٿو ھلين. جنھن شخص جي خاطر مسيح پنھنجي جان ڏني تنھن کي تون پنھنجي کاڌي جي ڪري برباد نہ ڪر.


اوھين انساني فطرت موجب نہ پر پاڪ روح موجب ھلو ٿا، بشرطيڪ اوھان ۾ خدا جو روح رھي. جنھن ماڻھوءَ ۾ مسيح جو روح نہ آھي سو مسيح جو نہ آھي.


پر ھر ڪو پنھنجي واري تي جياريو ويندو. ان جو پھريون ڦل مسيح آھي جيڪو جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ پوءِ ان جي وري اچڻ سان اُھي جيئرا ٿي اٿندا جيڪي مسيح جا آھن.


اوھين سڀيئي مسيح جا آھيو ۽ مسيح خدا جو آھي.


اوھين رڳو انھن شين تي نظر ڪريو ٿا جيڪي اوھان جي اکين اڳيان آھن. جيڪڏھن ڪنھن کي پاڻ تي اھو يقين آھي تہ ھو مسيح جو آھي، تہ انھيءَ کي وري دل ۾ اھو بہ سوچڻ گھرجي تہ جھڙيءَ طرح ھو پاڻ مسيح جو آھي، تھڙيءَ طرح اسين بہ آھيون.


جيڪڏھن اوھين مسيح جا آھيو تہ پوءِ ابراھيم جو نسل آھيو ۽ خدا جي واعدي موجب وارث بہ آھيو.


جيڪي عيسيٰ مسيح جا آھن، تن انساني فطرت کي ان جي لاڙن ۽ برين خواھشن سميت صليب تي چاڙھي ڇڏيو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ