Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 9:23 - Common Language New Testament

23 عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”اوھان جي لفظن ’جيڪڏھن ڪجھہ ڪري سگھو ٿا‘ جو مطلب ڇا آھي؟ جيڪوبہ ايمان آڻي ٿو تنھن لاءِ سڀ ڪجھہ ٿي سگھي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 يسوع هن کي چيو تہ ”جي تون ڪجهہ ڪري سگهين“! جيڪو ايمان ٿو آڻي، تنهن لاءِ سڀ ڪجهہ ٿي ٿو سگهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 يسوع هن کي چيو تہ ”تنهنجي هنن لفظن تہ ’جيڪڏهن اوهين ڪجھہ ڪري سگھو ٿا،‘ جو مطلب ڇا آهي؟ ياد رک، جيڪو بہ ايشور تي وشواس رکي ٿو تنهن لاءِ سڀ ڪجھہ ٿي سگھي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 عيسيٰ هن کي چيو تہ ”تنهنجي هنن لفظن تہ ’جيڪڏهن اوهين ڪجھہ ڪري سگھو ٿا،‘ جو مطلب ڇا آهي؟ ياد رک، جيڪو بہ خدا تي ايمان رکي ٿو تنهن لاءِ سڀ ڪجھہ ٿي سگھي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 9:23
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڀلي اچ.“ سو پطرس ٻيڙيءَ مان لٿو ۽ پاڻيءَ تي گھمندو عيسيٰ ڏانھن وڃڻ لڳو.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”اوھين اھو ڀوت انھيءَ ڪري نہ ڪڍي سگھيا جو اوھان ۾ ايترو ايمان ڪونہ ھو. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان ۾ سرنھن جي داڻي جيترو بہ ايمان ھوندو تہ اوھين ھن جبل کي چئي سگھو ٿا تہ ’ھتان ھلي ھُتي وڃ‘ تہ ھو ويندو. اوھان لاءِ ڪابہ شيءِ اڻ⁠ٿيڻي نہ آھي.“


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن ڪنھن جي دل ۾ شڪ نہ آھي ۽ يقين اٿس تہ ’جيئن آءٌ چوان ٿو ائين ٿيندو،‘ تہ پوءِ جيڪڏھن ھو ھن جبل کي بہ چوندو تہ ’پنھنجي جاءِ تان ھٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪر‘ تہ اھو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو.


ڀوت ڇوڪري کي مارڻ جي ڪوشش بہ پئي ڪئي آھي، ڇوتہ ڪيترا ئي دفعا کيس باھہ ۽ پاڻيءَ ۾ اڇلايو اٿس. ھاڻي اسان تي ڪو رحم ڪريو ۽ اسان جي مدد ڪريو جيڪڏھن اوھين ڪري سگھو ٿا.“


تنھن تي ڇوڪري جي پيءُ ھڪدم واڪو ڪري چيو تہ ”آءٌ ايمان آڻيان ٿو، پر جيڪڏھن منھنجو ايمان ڪامل نہ آھي تہ مدد ڪريو.“


خداوند چين تہ ”جيڪڏھن اوھان ۾ سرنھن جي داڻي جيترو بہ ايمان ھوندو تہ اوھين توت جي وڻ کي چئي سگھو ٿا تہ ’اتان پاڙؤن نڪري وڃي سمنڊ ۾ لڳ،‘ تہ اھو بہ اوھان جي مڃيندو.“


عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”مون تو کي ڪين چيو ھو تہ جيڪڏھن تون ايمان آڻيندينءَ تہ خدا جو جلوو ڏسندينءَ؟“


جڏھن ھو پولس جون ڳالھيون ٻڌي رھيو تہ پولس ھن ڏانھن چتائي نھاريو ۽ ڄاتائين تہ کيس ايترو ايمان آھي جو ھو چڱو ڀلو ٿي سگھندو.


ايمان کان سواءِ خدا کي پسند اچڻ ناممڪن آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪو خدا وٽ ٿو اچي، تنھن لاءِ اھو ايمان آڻڻ ضروري آھي تہ خدا موجود آھي ۽ جيڪي کيس چاھہ سان ڳولين ٿا تن کي اجر ڏئي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ