Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 9:12 - Common Language New Testament

12 تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”برابر، اھو پھريائين ايندو ۽ ھر ھڪ شيءِ تيار ڪندو. پر صحيفي ۾ ائين بہ لکيل آھي تہ ابن⁠آدم گھڻيون سختيون سھندو ۽ ڌڪاريو ويندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 هن چين تہ برابر پهريائين ايلياہ ايندو، ۽ سڀني شين کي موٽي پوري ٺاهہ ۾ آڻيندو: پر ابن آدم بابت ڪيئن لکيل آهي، تہ هو گهڻيون سختيون سهندو ۽ ماڻهو حقير ڪري ليکيندس؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 تنهن تي يسوع چين تہ ”برابر، اهو پهريائين ايندو ۽ ماڻهن کي بحال ڪندو. تڏهن بہ پوِتر شاستر ۾ ڇا هيئن بہ لکيل نہ آهي تہ منش‌پتر گھڻيون سختيون سهندو ۽ ڌڪاريو ويندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”برابر، اهو پهريائين ايندو ۽ ماڻهن کي بحال ڪندو. تڏهن بہ پاڪ ڪلام ۾ ڇا هيئن بہ لکيل نہ آهي تہ ابنِ آدم گھڻيون سختيون سهندو ۽ ڌڪاريو ويندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 9:12
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھيءَ وقت کان پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي کليو کلايو چئي ڇڏيو تہ ”آءٌ يروشلم ضرور ويندس ۽ اتي بزرگن، سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جون گھڻيون سختيون سھندس. مون کي ماريو ويندو ۽ ٽئين ڏينھن تي وري جيئرو ٿي اٿندس.“


ابن⁠آدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن صحيفي ۾ لکيل آھي. پر حيف آھي اُن تي جيڪو ابن⁠آدم کي پڪڙائيندو. ان ماڻھوءَ لاءِ اھو بھتر ھو تہ ھو دنيا ۾ اصل ڄمي ئي نہ ھا.“


عيسيٰ چين تہ ”ھاڻي اسين يروشلم ڏانھن ھلي رھيا آھيون، جتي ابن⁠آدم سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جي حوالي ڪيو ويندو. اھي مٿس موت جي فتويٰ جاري ڪندا ۽ کيس غير قومن جي حوالي ڪندا.


آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ الياس اچي چڪو، پر ماڻھن کي جيئن وڻيو تيئن ئي ساڻس سلوڪ ڪيائون، جيئن ھن بابت صحيفي ۾ لکيل آھي.“


ڇالاءِ⁠جو ھن پنھنجي شاگردن کي تعليم ڏني پئي تہ ”ابن⁠آدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس ماريندا ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“


تون، اي منھنجا ٻچا! خدا تعاليٰ جو نبي سڏيو ويندين. تون خداوند جي آڏو ھلندين تہ انھيءَ لاءِ رستو تيار ڪرين،


تڏھن ھيروديس پنھنجي سپاھين سميت عيسيٰ تي ٺٺوليون ڪري کيس بي⁠عزتو ڪيو. پوءِ ھن کي شاندار وڳو پھرائي واپس پلاطس ڏانھن موڪليائون.


جيڪي ڏوھاري عيسيٰ سان گڏ ٽنگيل ھئا، تن مان ھڪڙي طعنو ھڻندي چيس تہ ”تون مسيح نہ آھين ڇا؟ پوءِ پاڻ کي ۽ اسان کي بچاءِ.“


ٻئي دفعي جڏھن اھي سڀيئي وري اچي گڏ ٿيا تہ انھن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”خداوند! بني اسرائيل کي بادشاھت موٽائي ڏيڻ جو وقت اچي ويو آھي ڇا؟“


عيسيٰ اھو آھي جنھن لاءِ لکيل آھي تہ ’جنھن پٿر کي رازن رد ڪيو، سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ