Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 9:1 - Common Language New Testament

1 عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ھتي ڪي اھڙا شخص بہ بيٺل آھن جيڪي جيستائين خدا جي بادشاھت کي قدرت سان ايندي نہ ڏسندا، تيستائين ھرگز موت جو ذائقو نہ چکندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ هن کين چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هتي جيڪي بيٺا آهن تن مان ڪي اهڙا آهن جي جيسين خدا جي بادشاهت کي قدرت سان آيل نہ ڏسندا، تيسين ڪنهن بہ طرح موت جو مزو نہ چکندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هتي ڪي اهڙا شخص بہ بيٺل آهن جيڪي جيستائين ايشور جي راڄ کي شڪتيءَ سان ايندي نہ ڏسندا، تيستائين موت جو ذائقو نہ چکندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هتي ڪي اهڙا شخص بہ بيٺل آهن جيڪي جيستائين خدا جي بادشاهيءَ کي قدرت سان ايندي نہ ڏسندا، تيستائين موت جو ذائقو نہ چکندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 9:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪي ھتي بيٺا آھن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين ھو ابن⁠آدم کي سندس بادشاھت ۾ ايندو نہ ڏسندا.“


پوءِ ابن⁠آدم جي نشاني آسمان ۾ ظاھر ٿيندي. تنھن تي دنيا جون سڀيئي قومون روئنديون رڙنديون ۽ ابن⁠آدم کي آسمان جي ڪڪرن تي قدرت ۽ وڏي جلوي سان ايندي ڏسنديون.


”جڏھن ابن⁠آدم پنھنجي جلوي سان ايندو ۽ سڀ ملائڪ ساڻس گڏ ھوندا، تڏھن ھو پنھنجي جلال واري تخت تي ويھندو


پوءِ ابن⁠آدم ڪڪرن ۾ وڏيءَ قدرت ۽ جلوي سان ايندي ظاھر ٿيندو.


پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ھي سڀيئي ڳالھيون پوريون نہ ٿينديون تيستائين ھيءَ پيڙھي ختم نہ ٿيندي.


جنھن کيس ٻڌايو ھو تہ ”جيستائين خداوند جي مسيح کي نہ ڏسندين، تيستائين ڪين مرندين.“


آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اڄ کان پوءِ آءٌ ھي مئي وري نہ پيئندس، جيستائين خدا جي بادشاھت نہ ايندي.“


اوھين منھنجي بادشاھت ۾ مون سان گڏ منھنجي دسترخوان تي کائيندا پيئندا ۽ تخت تي ويھي اوھين بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن جا فيصلا ڪندا.“


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪي ھتي بيٺا آھن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين خدا جي بادشاھت کي نہ ڏسندا.“


ان کان پوءِ سڀني ايمان وارن ۾ اھا ڳالھہ مشھور ٿي ويئي تہ اھو شاگرد ڪڏھن بہ نہ مرندو. جيتوڻيڪ عيسيٰ انھيءَ شاگرد کي ائين ڪونہ چيو ھو تہ ”تون مرندين ئي ڪونہ.“ پر ھيئن چيو ھئائين تہ ”جيڪڏھن آءٌ چاھيان تہ ھي ايستائين جيئرو رھي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان تہ تنھن ۾ تنھنجو ڪھڙو واسطو.“


مگر اسين عيسيٰ کي ڏسون ٿا، جنھن کي موت سھڻ ڪري عزت ۽ عظمت وارو تاج پارايو ويو آھي. ھن کي ملائڪن کان انھيءَ ڪري ٿورڙو گھٽ ڪيو ويو ھو، تہ جيئن ھو خدا جي فضل سان ھر انسان لاءِ موت جو مزو چکي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ