Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 8:38 - Common Language New Testament

38 جيڪڏھن ڪو ھن بي⁠ايمان ۽ بڇڙي زماني ۾ مون کان ۽ منھنجي ڪلام کان شرمائيندو تہ ابن⁠آدم بہ ان کان شرمائيندو، جڏھن ھو پنھنجي پيءُ جي جلوي ۾ پاڪ ملائڪن سان گڏ ايندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 ڇالاءِ تہ هن زناڪار ۽ گنهگار زماني ۾، جيڪو مون کان ۽ منهنجي ڪلام کان شرمائيندو، تنهن کان ابن آدم بہ، جڏهن هو پاڪ ملائڪن سان گڏ پنهنجي پيءُ جي جلال سان ايندو، تڏهن شرمائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

38 جيڪڏهن ڪو هن ڀَٽڪيل ۽ بڇڙي زماني ۾ مون کان ۽ منهنجي ڳالهين کان شرمائيندو تہ منش‌پتر بہ ان کان شرمائيندو، جڏهن هو پنهنجي پتا جي جوت ۾ پوِتر دوتن سان گڏ ايندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 جيڪڏهن ڪو هن گمراهہ ۽ بڇڙي زماني ۾ مون کان ۽ منهنجي ڳالهين کان شرمائيندو تہ ابنِ آدم بہ ان کان شرمائيندو، جڏهن هو پنهنجي پيءُ جي جلوي ۾ پاڪ ملائڪن سان گڏ ايندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 8:38
44 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”ھن زماني جا ماڻھو ڪيڏا نہ بڇڙا ۽ بي⁠ايمان آھن جو مون کان معجزو ٿا گھرن. پر انھن کي يونس نبيءَ جي معجزي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو ويندو.


ابن⁠آدم پنھنجن ملائڪن کي موڪليندو ۽ اھي سندس بادشاھت مان انھن سڀني کي گڏ ڪندا جيڪي ٻين کي گمراھہ ٿا ڪن ۽ بڇڙائي ڪن ٿا.


انھيءَ ڪري جو ابن⁠آدم پنھنجي پيءُ جي جلوي ۾ ملائڪن سان گڏ ايندو ۽ ھر ھڪ ماڻھوءَ کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو.


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪي ھتي بيٺا آھن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين ھو ابن⁠آدم کي سندس بادشاھت ۾ ايندو نہ ڏسندا.“


ھن زماني جا ماڻھو ڪيترا نہ بڇڙا ۽ بي⁠ايمان آھن جو مون کان معجزو ٿا گھرن. پر انھن کي يونس جي معجزي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو ويندو.“ پوءِ ھو انھن کي ڇڏي روانو ٿي ويو.


پوءِ ابن⁠آدم جي نشاني آسمان ۾ ظاھر ٿيندي. تنھن تي دنيا جون سڀيئي قومون روئنديون رڙنديون ۽ ابن⁠آدم کي آسمان جي ڪڪرن تي قدرت ۽ وڏي جلوي سان ايندي ڏسنديون.


”جڏھن ابن⁠آدم پنھنجي جلوي سان ايندو ۽ سڀ ملائڪ ساڻس گڏ ھوندا، تڏھن ھو پنھنجي جلال واري تخت تي ويھندو


عيسيٰ ھن کي وراڻيو تہ ”اھو تہ تو پاڻ چيو آھي، بلڪ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھن کان پوءِ اوھين ابن⁠آدم کي خدا تعاليٰ جي ساڄي پاسي تي ويٺل ۽ آسماني ڪڪرن ۾ ايندي ڏسندا.“


عيسيٰ کيس جواب ڏنو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آھن، پر ابن⁠آدم کي اھا جاءِ بہ ڪانھي جتي مٿو لڪائي آرام ڪري.“


پوءِ ابن⁠آدم ڪڪرن ۾ وڏيءَ قدرت ۽ جلوي سان ايندي ظاھر ٿيندو.


تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھائو، آءٌ آھيان ۽ اوھين ابن⁠آدم کي خدا تعاليٰ جي ساڄي پاسي ويٺل ۽ آسماني ڪڪرن ۾ ايندي ڏسندا.“


ماڻھو ڪجھہ بہ ڏيئي پنھنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي.


انھن کي چيائين تہ ’آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جنھن ڪجھہ ڪمايو آھي، تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو. پر جنھن ڪجھہ بہ نہ ڪمايو آھي، تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آھي.


ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪو مون کان ۽ منھنجي ڪلام کان شرمائيندو، تنھن کان ابن⁠آدم بہ شرمائيندو، جڏھن ھو پنھنجي، پنھنجي پيءُ جي ۽ پاڪ ملائڪن جي جلوي ۾ ايندو.


ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رھيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو ھن کي پيءُ جي ھڪڙي ئي فرزند ھئڻ ڪري مليو ۽ ھو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ھو.


پوءِ وڌيڪ چيائين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھين آسمان کلندو ڏسندا ۽ خدا جا ملائڪ ابن⁠آدم تي نازل ٿيندا ۽ مٿي ويندا ڏسندا.“


تنھن تي ميڙ چيو تہ ”اسان جي شريعت ٻڌائي ٿي تہ مسيح ھميشہ جيئرو رھندو، تہ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابن⁠آدم ضرور مٿي چاڙھيو ويندو؟ اھو ابن⁠آدم ڪير آھي؟“


۽ پنھنجي فرزند کي فيصلي ڪرڻ جي اختياري ڏني اٿس، ڇالاءِ⁠جو ھو ابن⁠ آدم آھي.


انھن وراڻيو تہ ”صوبيدار ڪرنيليس اسان کي موڪليو آھي. ھو ھڪ نيڪ ۽ خدا ترس ماڻھو آھي ۽ يھودين جي سڄي قوم ۾ ڏاڍي ساراھہ اٿس. ھن کي خدا جي ھڪڙي پاڪ ملائڪ چيو آھي تہ ھو تو کي پنھنجي گھر سڏائي تنھنجي واتان تنھنجون ڳالھيون ٻڌي.“


رسول ڪائونسل مان خوشيون ڪندي نڪتا جو خدا کين انھيءَ لائق بڻايو تہ عيسيٰ جي نالي جي ڪري سندن بي⁠عزتي ٿي.


مون کي خوشخبريءَ ۾ پورو ڀروسو آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ اھا ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ سڀني ايمان آڻيندڙن جي واسطي خدا جي قدرت آھي، پھريائين يھودين لاءِ پوءِ غير قومن لاءِ.


پر خدا نہ ڪري جو آءٌ ڪنھن ٻيءَ شيءِ تي فخر ڪريان، سواءِ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي صليب جي. ڇالاءِ⁠جو صليب جي ڪري دنيا منھنجي لاءِ مئل آھي ۽ آءٌ دنيا جي لاءِ.


ڀلا، اسان جي اميد، اسان جي خوشي ۽ اسان جي فخر جو تاج ڪير آھي؟ ڇا اسان جي خداوند عيسيٰ جي اڳيان سندس اچڻ وقت اھي اوھين ئي نہ ھوندا؟


شل ھو اوھان جي دلين کي اھڙو مضبوط ڪري جو جڏھن اسان جو خداوند عيسيٰ پنھنجي سڀني پوئلڳن سان اچي، تڏھن اسان جي خدا ۽ پيءُ جي اڳيان اوھين پاڪ ۽ بي⁠عيب ھجو.


انھيءَ سبب ڪري ئي آءٌ ھي ڏک بہ ٿو سھان. تنھن ھوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن تي مون ايمان آندو آھي، تنھن کي آءٌ سڃاڻان ٿو. مون کي يقين آھي تہ جيڪي ڪجھہ ھن منھنجي حوالي ڪيو آھي، تنھن جي ھو انھيءَ ڏينھن تائين حفاظت ڪري ٿو سگھي.


خدا شل اُنيسفرس جي گھراڻي تي رحم ڪري، ڇالاءِ⁠جو ھن ڪيترائي ڀيرا مون کي تازو توانو ڪيو ۽ منھنجي قيدي ھئڻ جي ڪري ڪو عار نہ ڪيائين.


تنھنڪري اسان جي خداوند بابت شاھدي ڏيڻ کان توڙي مون کان، جيڪو سندس قيدي آھيان شرم نہ ڪر، بلڪ خدا کان ملندڙ طاقت موجب خوشخبريءَ جي لاءِ مون سان گڏ ڏک سھُہ.


پر ھاڻي ھو انھيءَ کان بھتر يعني آسماني ملڪ جي لاءِ واجھائي رھيا آھن. تنھنڪري خدا، انھن جو خدا سڏجڻ کان شرمائي نہ ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھن انھن جي لاءِ ھڪڙو شھر تيار ڪري ڇڏيو آھي.


ھن مسيح جي خاطر بي⁠عزت ٿيڻ کي مصر جي خزانن کان وڏي دولت سمجھيو، ڇالاءِ⁠جو ھن جي نظر ملڻ واري اجر تي ھئي.


تنھنڪري اچو تہ اسين سندس خواري پاڻ تي کڻي خيمي⁠گاھہ کان ٻاھر ھن وٽ ھلون.


اي بي⁠وفا انسانو! ڇا اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ دنيا جي دوستي خدا سان دشمني آھي؟ تنھنڪري جيڪو ماڻھو دنيا جو دوست ٿيڻ ٿو گھري، سو پاڻ کي خدا جو دشمن ٿو بڻائي.


جيڪو فرزند کي مڃي ٿو تنھن وٽ پيءُ بہ آھي، پر جيڪو فرزند کي نہ ٿو مڃي تنھن وٽ پيءُ بہ نہ آھي.


ھاڻي اي ننڍڙا ٻارؤ! مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي قائم رھندا اچو تہ جڏھن ھو ظاھر ٿئي، تڏھن اسان کي ھمت ھجي ۽ اسين سندس اچڻ مھل ھن جي اڳيان شرمندا نہ ٿيون.


تہ انھيءَ کي خدا جي غضب جي مئي مان پيئڻو پوندو، يعني اھا خالص مئي جيڪا سندس غضب جي پيالي ۾ وڌي وئي آھي. انھيءَ شخص کي پاڪ ملائڪن ۽ گھيٽي جي اڳيان باھہ ۽ گندرف جو عذاب ڏنو ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ