Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 8:33 - Common Language New Testament

33 عيسيٰ ڦري شاگردن ڏانھن منھن ڪري پطرس کي جھڻڪيو تہ ”اي شيطان! منھنجي اکين اڳيان ٽري وڃ، ڇالاءِ⁠جو تون خدا وانگر نہ پر ماڻھن وانگر سوچين ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 پر هن ڦري پنهنجن شاگردن ڏانهن نگاهہ ڪري پطرس کي ڇڙٻ ڏيئي چيو تہ اي شيطان، منهنجي اڳيان ٽر: ڇالاءِ تہ توکي خدا جي ڳالهين جو فڪر ڪونهي، پر فقط ماڻهن جي ڳالهين جو فڪر اٿيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

33 يسوع ڦري چيلن ڏانهن منهن ڪري پطرس کي جھڻڪيو تہ ”اي شيطان! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. تون ايشور جي مرضيءَ مطابق نہ پر ماڻهن وانگر ٿو سوچين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 عيسيٰ ڦري شاگردن ڏانهن منهن ڪري پطرس کي جھڻڪيو تہ ”اي شيطان! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. تون خدا جي مرضيءَ مطابق نہ پر ماڻهن وانگر ٿو سوچين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 8:33
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر عيسيٰ ان عورت کي ڪو جواب نہ ڏنو. سندس شاگردن وٽس اچي منٿ ڪري چيس تہ ”ھن کي روانو ڪريو جو ھوءَ اسان جي پٺيان رڙيون ڪندي اچي ٿي.“


عيسيٰ ڦري پطرس کي چيو تہ ”اي شيطان! منھنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. منھنجي راھہ ۾ تون رڪاوٽ آھين، ڇالاءِ⁠جو تون خدا وانگر نہ پر ماڻھن وانگر ٿو سوچين.“


تنھن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ’خداوند پنھنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انھيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“


پوءِ جيڪي اتي سندس چوڌاري ويٺا ھئا تن ڏانھن نظر ڦيرائي چوڻ لڳو تہ ”اِجھا، ھيءَ آھي منھنجي ماءُ ۽ اِجھي، ھي آھن منھنجا ڀائر،


عيسيٰ انھن ڏانھن چوڌاري ڪاوڙ ۾ ڏٺو، پر ساڳي وقت کيس انھن جي ھٺ ۽ ھوڏ تي ارمان بہ پئي ٿيو. پوءِ انھيءَ ماڻھوءَ کي چيائين تہ ”ھٿ ڊگھو ڪر.“ ھن ھٿ ڊگھيريو تہ سندس ھٿ ٺيڪ ٿي ويو.


خداوند ڦري پطرس ڏانھن نھاريو تہ پطرس کي خداوند جا لفظ ياد آيا جي چيا ھئائينس تہ ”جيسين اڄ ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنھن کان اڳ ٽي دفعا تون منھنجو انڪار ڪندين.“


تنھن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’تون رڳو خداوند پنھنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انھيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“


پر عيسيٰ ڦري ھنن کي ڇينڀيو


اھڙي شخص جي جسماني خواھشن کي برباد ڪرڻ لاءِ کيس شيطان جي حوالي ڪري ڇڏيو تہ جيئن سندس روح خداوند جي ڏينھن بچي وڃي.


انھن جي پڇاڙي بربادي آھي، انھن جو خدا سندن پيٽ آھي، اھي پنھنجي شرم وارين ڳالھين تي فخر ٿا ڪن ۽ کين رڳو دنياوي شين جو فڪر ٿو رھي.


جيڪي گناھہ ڪندا ٿا رھن، تن کي سڀني ماڻھن جي اڳيان ملامت ڪر تہ جيئن ٻين کي بہ ڪو ڊپ ٿئي.


اھا شاھدي سچي آھي، تنھنڪري انھن کي سختيءَ سان ملامت ڪر، تہ جيئن سندن ايمان درست ٿئي،


تنھنڪري، جڏھن تہ مسيح جسماني طور ڏک سٺو، تڏھن اوھين بہ ساڳي طبيعت اختيار ڪري تيار ٿيو، ڇالاءِ⁠جو جنھن جسماني طور ڏک سٺو آھي تنھن گناھہ کان بس ڪئي آھي.


نہ دنيا سان پيار ڪريو، نڪي انھن شين سان جيڪي دنيا جون آھن. جيڪڏھن ڪنھن کي دنيا سان پيار آھي تہ انھيءَ ۾ پيءُ جو پيار ڪونہ آھي.


آءٌ جن سان پيار ڪندو آھيان تن کي تنبيھہ ۽ سيکت بہ ڏيندو آھيان، تنھنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبھہ⁠تائب ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ