Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 7:4 - Common Language New Testament

4 ۽ جڏھن بازار کان اچن تڏھن جيسين نہ وھنجن تيسين ڪين کائيندا آھن. انھن وٽ ٻيون بہ گھڻيون ريتون رسمون آھن جھڙوڪ: پيالن، لوٽن، پتل جي ٿانون ۽ بسترن کي ڌوئڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ جڏهن بازار کان اچن، تڏهن جيسين تڙ نہ ڪن، تيسين ڪين کائيندا آهن، ۽ ٻيون بہ گهڻيون ڳالهيون آهن جي هنن کي قائم رکڻ لاءِ وڏن کان مليل آهن، جيئن تہ پيالن ۽ لوٽن ۽ پتل جي ٿانوَن کي ڌوئڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 ۽ جڏهن بازار کان اچن تڏهن جيستائين اشنان نہ ڪن تيستائين ڪين کائيندا آهن. انهن وٽ ٻيون بہ گھڻيون ريتون رسمون آهن، جهڙوڪ: پيالن، لوٽن، پتل جي ٿانوَن ۽ بسترن کي ڌوئڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 ۽ جڏهن بازار کان اچن تڏهن جيستائين نہ وهنجن تيستائين ڪين کائيندا آهن. انهن وٽ ٻيون بہ گھڻيون ريتون رسمون آهن، جهڙوڪ: پيالن، لوٽن، پتل جي ٿانوَن ۽ بسترن کي ڌوئڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 7:4
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين پنھنجي وٽيءَ ۽ ٿالھيءَ جو ٻاھريون پاسو تہ ڌوئي صاف ٿا ڪريو پر ان جو اندر ھٻڇ ۽ خودغرضيءَ سان ڀريل آھي.


اي انڌا فريسيو! وٽيءَ جو پھريائين اندريون پاسو ڌوئي صاف ڪريو تہ پوءِ انھيءَ جو ٻاھريون پاسو بہ صاف ٿي ويندو.


تنھنڪري جڏھن پلاطس ڏٺو تہ ڪو چارو ئي نہ آھي ۽ اٽلندو فساد ٿو ٿئي، تڏھن ڪجھہ پاڻي کڻي ماڻھن جي اڳيان پنھنجا ھٿ ڌوتائين ۽ چيائين تہ ”آءٌ ھن ماڻھوءَ جي خون کان آجو آھيان. اھا اوھان جي ذميواري آھي.“


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اوھين خدا جو حڪم ڇڏي انساني ريتن رسمن ۾ ڦاسي پيا آھيو.


اتي يھودين جي پاڪائيءَ جي رسم موجب پٿر جا ڇھہ مٽ رکيل ھئا. ھر ھڪ مٽ ۾ اٽڪل ھڪ ⁠سؤ ليٽر ماپي سگھيا ٿي.


يحيٰ جي ڪن شاگردن جو ھڪ يھودي اڳواڻ سان پاڪائيءَ جي رسم بابت بحث ٿيو.


ڇالاءِ⁠جو اھي رڳو کائڻ پيئڻ ۽ مختلف طريقن سان پاڪ صاف ٿيڻ جون رسمون آھن ۽ اھڙا ظاھري قانون آھن جيڪي نئين سڌاري جي وقت تائين مقرر ڪيا ويا ھئا.


خدا جي ويجھو وڃو تہ ھو اوھان جي ويجھو ايندو. اي گنھگارو! پنھنجا ھٿ ڌوئو. اي ٻہ⁠دليؤ! پنھنجين دلين کي پاڪ ڪريو.


پر جيڪڏھن اسين روشنيءَ ۾ ھلون ٿا، جيئن خدا پاڻ بہ روشنيءَ ۾ آھي، تہ پوءِ اسان جي ھڪ ٻئي سان صحبت آھي ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح جو رت اسان کي سڀني گناھن کان پاڪ ڪري ٿو ڇڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ