Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 7:34 - Common Language New Testament

34 پوءِ عيسيٰ آسمان ڏانھن نھاري ٿڌو ساھہ ڀريو ۽ ھن کي چيائين تہ ”افتح.“ يعني ”کلي پئُہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 ۽ آسمان ڏانهن نهاري ٿڌو ساهہ کنيائين، ۽ هن کي چيائين تہ افتح، يعني کُلي پئُہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 پوءِ يسوع آڪاش ڏانهن نهاري ٿڌو ساهہ ڀريو ۽ هن کي چيائين تہ ”افتح،“ يعني ”کُلي پئُہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 پوءِ عيسيٰ آسمان ڏانهن نهاري ٿڌو ساهہ ڀريو ۽ هن کي چيائين تہ ”افتح،“ يعني ”کُلي پئُہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 7:34
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ کي ھن تي ڪھل آئي، سو پنھنجو ھٿ ڊگھيري کيس لاتائين ۽ چيائينس تہ ”آءٌ چاھيان ٿو تہ تون پاڪ صاف ٿيءُ.“


ٽپھريءَ مھل عيسيٰ وڏي آواز ۾ رڙيون ڪيون تہ ”الوئي، الوئي، لما سبخٿني؟“جنھن جي معنيٰ آھي تہ ”اي منھنجا خدا! اي منھنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آھي؟“


ھن ڇوڪريءَ جي ھٿ کان وٺي چيو تہ”تليٿا قُومي،“ جنھن جي معنيٰ آھي تہ ”اي ننڍڙي نينگري! اُٿ.“


تڏھن عيسيٰ اھي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي ھٿن ۾ جھلي آسمان ڏانھن نھاريو ۽ انھن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ مانين جا ٽڪرا ڀڃندو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ اھي ماڻھن ۾ ورھائين. ھن ٻہ مڇيون بہ انھن سڀني ۾ ورھايون.


تڏھن ھڪدم سندس ڪن کلي پيا ۽ ھن جي زبان جي تند ڇڄي پيئي ۽ ھو چِٽو ڳالھائڻ لڳو.


تنھن تي ھن ٿڌو ساھہ کڻي چيو تہ ”ھن زماني جا ماڻھو معجزو ڇو ٿا گھرن؟ آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ ھن زماني جي ماڻھن کي ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو ويندو.“


عيسيٰ چيس تہ ”وٺ ھيءَ ديد ۽ ڏس، تنھنجي ايمان تو کي سڄو ڪيو آھي.“


جڏھن عيسيٰ يروشلم جي ويجھو ٿيو تہ شھر کي ڏسي مٿس رنائين،


پوءِ پاڻ جنازي جي ويجھو اچي مٿس ھٿ رکي ڪانڌين کي بيھاريائين ۽ مُڙدي کي فرمايائين تہ ”اي جوان! آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اٿ.“


عيسيٰ جڏھن کيس روئندي ڏٺو ۽ ڏٺائين تہ ماڻھو جيڪي ساڻس گڏ آيا ھئا سي بہ روئن پيا، تڏھن سندس دل ڀرجي آئي ۽ کيس ڏاڍو ڏک ٿيو.


پوءِ عيسيٰ جي دل وري بہ ڀرجي آئي ۽ ھو قبر تي آيو. اھا قبر ھڪ غار ھئي جنھن جي منھن تي پٿر ڏنل ھو.


تڏھن ھنن پٿر پري ھٽايو. پوءِ عيسيٰ مٿي نھاري چيو تہ ”اي بابا! آءٌ تنھنجو شڪرگذار آھيان جو تو منھنجي ٻڌي آھي.


ائين چوڻ کان پوءِ عيسيٰ وڏي واڪي چيو تہ ”اي لعزر! ٻاھر نڪري اچ.“


انھن ڳالھين ڪرڻ کانپوءِ عيسيٰ آسمان ڏانھن نھاري چيو تہ ”اي بابا! اھا گھڙي آئي آھي. ھاڻي تون پنھنجي فرزند جو جلوو ظاھر ڪر تہ فرزند تنھنجو جلوو ظاھر ڪري.


پطرس ھن کي چيو تہ ”اي اينياس! عيسيٰ مسيح تو کي ڇٽائي چڱو ڀلو ٿو ڪري. سو اٿ ۽ اٿي پنھنجو ھنڌ ويڙھہ.“ ھو ھڪدم اٿي کڙو ٿيو.


پطرس انھن سڀني کي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو ۽ گوڏن ڀر ويھي دعا گھريائين. پوءِ ميت ڏانھن منھن ڪري چوڻ لڳو تہ ”اي طبيٿا! اٿ.“ تنھن تي ھن اکيون کوليون ۽ پطرس کي ڏسي اٿي ويٺي.


ڇالاءِ⁠جو اسان جو سردار ڪاھن اھڙو ناھي جو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان جو ھمدرد نہ ٿي سگھي، پر ھو اھڙو آھي جو ھر طرح سان اسان وانگر آزمايو ويو آھي، تڏھن بہ بي⁠گناھہ ثابت ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ