Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 6:48 - Common Language New Testament

48 ھن ڏٺو تہ واءُ سامھون گھلڻ ڪري شاگردن کي ٻيڙيءَ جي ونجھہ ھلائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، تنھنڪري ھو رات جي پوئين پھر پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو اچي انھن وٽان لنگھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

48 ۽ جڏهن ڏٺائين تہ هو ٻيڙي ڪاهي ڪاهي هلاک ٿيا آهن، ڇالاءِ جو واءُ کين اڻائو هو، تڏهن رات جي چوٿين پهر ڌاري، هو پاڻ سمنڊ تي پنڌ ڪري وٽن آيو، ۽ جيڪر کانئن لنگهي وڃي ها:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

48 پوءِ جڏهن هن ڏٺو تہ واءُ سامهون گھُلڻ ڪري چيلن کي ٻيڙيءَ جي ونجھہ هلائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، تڏهن هو رات جي پوئين پهر پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو اچي انهن وٽان لنگھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

48 پوءِ جڏهن هن ڏٺو تہ واءُ سامهون گھُلڻ ڪري شاگردن کي ٻيڙيءَ جي ونجھہ هلائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، تڏهن هو رات جي پوئين پهر پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو اچي انهن وٽان لنگھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 6:48
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھيءَ مھل تائين ٻيڙي گھڻو پنڌ پري نڪري ويئي ھئي ۽ ڇولين جي لوڏن ۾ اچي ويئي ھئي، ڇالاءِ⁠جو واءُ ان جي سامھون ھو.


انھيءَ لاءِ ھي سمجھو تہ جيڪڏھن ڪنھن گھر جي مالڪ کي خبر ھجي ھا تہ چور رات جو ڪھڙي وقت ايندو، تہ جيڪر ھو سجاڳ رھي ھا ۽ پنھنجي گھر کي کاٽ ھڻڻ نہ ڏئي ھا.


تنھنڪري اوھين بہ سجاڳ رھجو، ڇالاءِ⁠جو اوھان کي خبر نہ آھي تہ گھر جو مالڪ ڪڏھن ايندو، الائجي سانجھيءَ جو يا اڌ رات جو يا ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ مھل يا صبح جو اچي.


شام جو ٻيڙي ڍنڍ جي وچ ۾ پھتي جڏھن تہ عيسيٰ اڪيلو سڪيءَ تي ھو.


پر شاگردن جڏھن کيس پاڻيءَ تي پنڌ ڪندي ڏٺو تڏھن سمجھيائون تہ ڪو جن آھي، سو ھو دھلجي ويا ۽ وٺي رڙيون ڪيائون. ھُن ھڪدم ساڻن ڳالھايو تہ ”دلجاءِ ڪريو، آءٌ آھيان. ڊڄو نہ.“


سو جيتوڻيڪ مالڪ اڌ رات يا پوئين پھر اچي تہ بہ انھن کي سجاڳ ڏسي، تہ اھي نوڪر ڪھڙا نہ سڀاڳا آھن.


جنھن ڳوٺ ڏانھن ھو ويا پئي، تنھن کي جڏھن ويجھا ٿيا تہ عيسيٰ ائين ھليو ڄڻ کيس اڃا اڳتي وڃڻو آھي.


اھي رواجي طرح جسماني خواھش يا انساني مرضيءَ سان خدا جا ٻار نہ ٿيا، پر خدا خود کين پنھنجو ٻار بڻايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ