Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 6:41 - Common Language New Testament

41 تڏھن عيسيٰ اھي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي ھٿن ۾ جھلي آسمان ڏانھن نھاريو ۽ انھن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ مانين جا ٽڪرا ڀڃندو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ اھي ماڻھن ۾ ورھائين. ھن ٻہ مڇيون بہ انھن سڀني ۾ ورھايون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 پوءِ هن اُهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کنيون، ۽ آسمان ڏانهن نهاري برڪت گهُريائين، ۽ مانيون ڀڃي شاگردن کي ڏيندو ويو تہ هنن جي اڳيان رکن؛ ۽ ٻہ مڇيون بہ سڀني کي ورهائي ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

41 تڏهن يسوع اهي پنج روٽيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي هٿن ۾ جھلي آڪاش ڏانهن نهاريو ۽ انهن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ روٽين جا ٽڪرا ڀڃندو چيلن کي ڏيندو ويو تہ اهي ماڻهن ۾ ورهائين. هن ٻہ مڇيون بہ انهن سڀني ۾ ورهايون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 تڏهن عيسيٰ اهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي هٿن ۾ جھلي آسمان ڏانهن نهاريو ۽ انهن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ مانين جا ٽڪرا ڀڃندو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ اهي ماڻهن ۾ ورهائين. هن ٻہ مڇيون بہ انهن سڀني ۾ ورهايون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 6:41
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھن ماڻھن کي بہ چيو تہ ”گاھہ تي ويھي رھو.“ پوءِ ھن پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي آسمان ڏانھن نھاريو ۽ انھن ۾ برڪت گھريائين ۽ مانيون ڀڃي شاگردن کي ڏنائين، جيڪي اھي ماڻھن کي ڏيندا ويا.


پوءِ ھن ست ئي مانيون ۽ مڇيون ھٿن تي کڻي انھن ۾ برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪندو شاگردن کي ڏيندو ويو ۽ شاگرد خلق کي ڏيندا ويا.


جڏھن ھو کائين پيا تہ عيسيٰ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، ھي منھنجو بدن آھي.“


جڏھن اھي کائين پيا تہ عيسيٰ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، ھي منھنجو بدن آھي.“


تنھن تي اھي ماڻھو ⁠سؤ ⁠سؤ ۽ پنجاھہ پنجاھہ جون ٽوليون ٺاھي ويٺا.


ھر ھڪ ماڻھوءَ کائي ڍءُ ڪيو.


پوءِ عيسيٰ آسمان ڏانھن نھاري ٿڌو ساھہ ڀريو ۽ ھن کي چيائين تہ ”افتح.“ يعني ”کلي پئُہ.“


جڏھن مون پنج مانيون پنج ھزار ماڻھن کي ڀڃي ڏنيون تہ ان وقت اوھان ڪيتريون کاريون اوبر جي بچيل ٽڪرن جون ڀري کنيون ھيون؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ٻارھن کاريون.“


ھو انھن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو ۽ ماني کڻي رب جو شڪر ڪيائين. پوءِ ماني ڀڃي کين ڏنائين.


تڏھن پاڻ اھي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون وٺي آسمان ڏانھن نھاري انھن ۾ برڪت گھريائين، پوءِ اھي ڀڃي شاگردن کي ڏيندو ويو تہ ماڻھن جي اڳيان رکندا وڃن.


تڏھن ھنن پٿر پري ھٽايو. پوءِ عيسيٰ مٿي نھاري چيو تہ ”اي بابا! آءٌ تنھنجو شڪرگذار آھيان جو تو منھنجي ٻڌي آھي.


انھن ڳالھين ڪرڻ کانپوءِ عيسيٰ آسمان ڏانھن نھاري چيو تہ ”اي بابا! اھا گھڙي آئي آھي. ھاڻي تون پنھنجي فرزند جو جلوو ظاھر ڪر تہ فرزند تنھنجو جلوو ظاھر ڪري.


عيسيٰ مانيون کڻي خدا جو شڪر ادا ڪيو ۽ ويٺل ماڻھن ۾ ورھايائين. ھن مڇي بہ ائين ئي ورھائي ۽ سڀني ماڻھن کي ايترو مليو جيترو کين کپندو ھو.


جڏھن تہ تبرياس شھر کان ڪي ٻيڙيون پوءِ ڪناري تي اچي لڳيون ھيون، جتي خداوند عيسيٰ خدا جو شڪر ادا ڪيو ھو ۽ پوءِ ماڻھن ماني کاڌي ھئي.


جڏھن اھو چئي چڪو تہ ماني کڻي سڀني جي اڳيان خدا جو شڪر ڪندي گرھہ ڀڃي کاڌائين.


جيڪڏھن ڪو ڪنھن ڏينھن کي سڀاڳو ٿو سمجھي تہ ھو خداوند جي ڪري ئي ائين ٿو سمجھي ۽ جيڪو گوشت ٿو کائي سو بہ خداوند جي ڪري ئي کائي ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھو انھيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري. پر جيڪو نہ ٿو کائي سو بہ خداوند جي ڪري ئي نہ ٿو کائي ۽ ھو بہ انھيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري.


تنھنڪري توڙي اوھين کائو يا پيئو، يا جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سڀ خدا جي جلوي خاطر ڪريو.


اوھين جيڪي⁠بہ ڪريو، چوڻ يا ڪم ڪرڻ، سو سڀ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ڪريو ۽ سندس ئي وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا بجاءِ آڻيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ