Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 6:30 - Common Language New Testament

30 رسول عيسيٰ وٽ واپس اچي گڏ ٿيا ۽ جيڪي ڪم ڪيا ھئائون ۽ ماڻھن کي جيڪا تعليم ڏني ھئائون، تنھن جو کيس سربستو احوال ڪري ٻڌايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 پوءِ رسول يسوع وٽ وري اچي گڏ ٿيا، ۽ جيڪي ڪم ڪيا هئائون، ۽ جيڪا تعليم ڏني هئائون، تنهن سڀ جو بيان ڪري ٻڌايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 خوشخبري ٻڌائيندڙ ٻارهن ئي سنت واپس اچي يسوع وٽ گڏ ٿيا ۽ جيڪي ڪم ڪيا هئائون ۽ ماڻهن کي جيڪا سکيا ڏني هئائون، تنهن جو کيس سربستو احوال ڪري ٻڌايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 ٻارهن ئي رسول واپس اچي عيسيٰ وٽ گڏ ٿيا ۽ جيڪي ڪم ڪيا هئائون ۽ ماڻهن کي جيڪا تعليم ڏني هئائون، تنهن جو کيس سربستو احوال ڪري ٻڌايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 6:30
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن ٻارھن رسولن جا نالا ھي آھن: پھريون شمعون جنھن کي پطرس ڪري سڏيندا آھن ۽ سندس ڀاءُ اندرياس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا، جيڪي زبديءَ جا پٽ ھئا،


پوءِ ٻارھن ڄڻا چونڊيائين جن کي رسول ڪري بہ ڪوٺيائين. انھن کي چيائين تہ ”مون اوھان کي انھيءَ ڪري چونڊيو آھي تہ اوھين مون سان گڏ رھو. آءٌ اوھان کي ٻاھر بہ تبليغ ڪرڻ لاءِ موڪليندس،


جڏھن يحيٰ جي شاگردن ھي ٻڌو تہ ھنن اچي لاش ورتو ۽ ان کي قبر ۾ دفن ڪيائون.


پوءِ اھي ٻاھتر ڄڻا ڏاڍا خوش ٿي موٽيا ۽ اچي عيسيٰ کي چيائون تہ ”اي خداوند! اوھان جي نالي تي ڀوت بہ اسان جي تابع ٿيا آھن.“


عيسيٰ کي رسولن چيو تہ ”اي خداوند! اسان جو ايمان وڌاءِ.“


جڏھن اھا گھڙي اچي پھتي تہ ھو رسولن سان گڏجي دسترخوان تي ويٺو.


اھي عورتون مريم مگدليني، يوعانا، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ ٻيون جيڪي ساڻن گڏ ھيون، تن اچي رسولن سان اھي ڳالھيون ڪيون.


جڏھن ڏينھن ٿيو تہ پنھنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏيائين. انھن مان ٻارھن ڄڻا چونڊيائين جن کي رسول ڪري بہ ڪوٺيائين:


رسول جڏھن موٽي آيا، تڏھن عيسيٰ کي سڄو احوال ڪري ٻڌايائون جيڪي ڪيو ھئائون. عيسيٰ انھن کي پاڻ سان گڏ بيت⁠صيدا نالي شھر ڏانھن نويڪلو وٺي ويو.


پوءِ انھن ٻنھي جي لاءِ پُکا وڌائون. پُکو متياہ جي نالي نڪتو ۽ ھو يارھن رسولن جي ٽولي ۾ شامل ڪيو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ