Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 6:3 - Common Language New Testament

3 ڇا ھي اھو ڊکڻ نہ آھي جو مريم جو پٽ ۽ يعقوب، يوسيس، يھوداہ ۽ شمعون جو ڀاءُ آھي؟ ڇا ھن جون ڀينرون ھتي نہ ٿيون رھن؟“ تنھنڪري ھنن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 هي اُهو واڍو نہ آهي ڇا، جو مريم جو پٽ، ۽ يعقوب، ۽ يوسيس، ۽ يهوداہ، ۽ شمعون جو ڀاءُ آهي؟ ۽ هن جون ڀينرون هتي اسان وٽ ڪينهن ڇا؟ سو هنن کيس قبول نہ ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 ڇا هي اهو واڍو نہ آهي جيڪو مريم جو پٽ ۽ يعقوب، يوسيس، يهوداہ ۽ شمعون جو ڀاءُ آهي؟ ڇا هن جون ڀينرون هتي نہ ٿيون رهن؟“ سو هنن يسوع کي قبول نہ ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ڇا هي اهو واڍو نہ آهي جيڪو مريم جو پٽ ۽ يعقوب، يوسيس، يهوداہ ۽ شمعون جو ڀاءُ آهي؟ ڇا هن جون ڀينرون هتي نہ ٿيون رهن؟“ سو هنن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 6:3
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀاڳو آھي اُھو جنھن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آھي.“


عيسيٰ ميڙ سان اڃا ڳالھائي ئي رھيو ھو تہ سندس ماءُ ۽ ڀائر ٻاھر اچي پھتا ۽ ساڻس ڳالھائڻ ٿي چاھيائون.


اُتي ڪي عورتون بہ ھيون، جيڪي پري کان ڏسي رھيون ھيون. انھن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسف جي ماءُ مريم ۽ سلومي ھيون.


اندرياس، فلپس، برٿلمئي، متي، توما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، ٿدئي، شمعون قوم⁠پرست،


شمعون انھن کي مبارڪون ڏنيون ۽ ٻار جي ماءُ مريم کي چيائين تہ ”ھي ٻار بني اسرائيل ۾ گھڻن جي ڪرڻ ۽ چڙھڻ جو سبب مقرر ڪيو ويو آھي. ھو خدا جي طرف کان ھڪ نشان ھوندو، جنھن جي ڪيترائي مخالفت ڪندا،


سڀاڳو آھي اھو جنھن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آھي.“


تنھن تي ڪن چيس تہ ”اوھان جي ماءُ ۽ اوھان جا ڀائر ٻاھر بيٺا آھن ۽ اوھان سان ملڻ ٿا چاھين.“


يھوداہ اسڪريوتي نہ، بلڪ ٻي يھوداہ عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! ڇا جي ڪري اوھين اسان تي تہ پاڻ ظاھر ڪندا پر دنيا تي نہ؟“


سو انھن چيو تہ ”ڇا ھي اھو عيسيٰ نہ آھي جيڪو يوسف جو پٽ آھي؟ اسين تہ سندس ماءُ⁠پيءُ کي بہ سڃاڻون ٿا. پوءِ ھي ھاڻي ڪيئن ٿو چوي تہ ’آءٌ آسمان مان نازل ٿيو آھيان؟‘“


اھي شھر ۾ داخل ٿيا ۽ مٿي ان ماڙيءَ تي ويا جتي رھيل ھئا. اھي پطرس، يوحنا، يعقوب، اندرياس، فلپس، توما، برٿلمئي، متي، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، شمعون قوم⁠پرست ۽ يعقوب جو پٽ يھوداہ ھئا.


پر ھن ماٺ ڪرڻ لاءِ کين ھٿ جو اشارو ڏنو ۽ پوءِ انھن کي ٻڌايائين تہ ڪيئن خداوند کيس جيل مان ڇڏايو. تڏھن کين چيائين تہ ”ھن ڳالھہ جي يعقوب ۽ ٻين ڀائرن کي بہ خبر ڏجو.“ پوءِ ھو اتان نڪري ڪنھن ٻئي ھنڌ ھليو ويو.


پر اسين مسيح جو پيغام ٿا ڏيون، جنھن کي صليب تي چاڙھيو ويو، جيڪو يھودين جي نظر ۾ ڪراھت جھڙو ۽ غير قومن جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي.


اسان کي کائڻ پيئڻ جو حق نہ آھي ڇا؟


پر ٻين رسولن مان خداوند جي ڀاءُ يعقوب کان سواءِ مون ڪنھن کي بہ ڪونہ ڏٺو.


انھيءَ جيئري پٿر، يعني مسيح وٽ اچو جنھن کي ماڻھن تہ رد ڪري ڇڏيو، پر خدا ان کي قيمتي ڄاڻي چونڊيو.


ھي خط عيسيٰ مسيح جي ٻانھي ۽ يعقوب جي ڀاءُ يھوداہ جي طرفان آھي. ھي انھن ڏانھن لکجي ٿو، جيڪي چونڊيا ويا آھن ۽ ساڻن پيءُ خدا جو پيار آھي ۽ عيسيٰ مسيح جي وسيلي حفاظت ۾ آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ