Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 6:2 - Common Language New Testament

2 جڏھن سبت جو ڏينھن آيو تہ ھو عبادت⁠خاني ۾ تعليم ڏيڻ لڳو. گھڻا ماڻھو ھن کي ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھن اھي ڳالھيون ڪٿان سکيون آھن؟ اھا ڪھڙي دانائي آھي جا کيس ملي آھي؟ ھو اھڙا معجزا ڪيئن ٿو ڪري سگھي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ جڏهن سبت جو ڏينهن آيو، تڏهن هو عبادتگاهہ ۾ تعليم ڏيڻ لڳو: ۽ گهڻا ماڻهو ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ هن ماڻهوءَ کي اِهي ڳالهيون ڪٿان آيون؟ ۽ اها ڪهڙي دانائي آهي جا هن ماڻهوءَ کي ملي آهي، ۽ سندس هٿان ڪيڏا نہ معجزا ٿا ٿين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 سبت جي ڏينهن تي هو ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ سکيا ڏيڻ لڳو. گھڻا ماڻهو هن کي ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هن اهي ڳالهيون ڪٿان سکيون آهن؟ ايڏي وڏي دانائي کيس ڪيئن ملي آهي؟ هو اهڙا چمتڪار ڪيئن ٿو ڪري ڏيکاري؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 سبت جي ڏينهن تي هو عبادت‌خاني ۾ تعليم ڏيڻ لڳو. گھڻا ماڻهو هن کي ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هن اهي ڳالهيون ڪٿان سکيون آهن؟ ايڏي وڏي دانائي کيس ڪيئن ملي آهي؟ هو اهڙا معجزا ڪيئن ٿو ڪري ڏيکاري؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 6:2
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ سڄي گليل ۾ گھمندو رھيو ۽ اتي جي عبادت⁠خانن ۾ تعليم ڏيندو، بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ماڻھن کي ڇٽائيندو رھيو.


جڏھن عيسيٰ ھي ڳالھيون چئي چڪو تڏھن ميڙ ھن جي تعليم تي حيران ٿي ويا،


پوءِ ھو سڄي گليل جي عبادت⁠خانن ۾ وڃي تبليغ ڪرڻ لڳو ۽ ماڻھن مان ڀوت ڪڍڻ لڳو.


عيسيٰ اتان اٿي اردن درياءَ جي ٻيءَ ڀر يھوديہ جي حدن ۾ آيو. وري بہ ماڻھن جا ميڙ ھن وٽ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پنھنجي دستور موجب ھو انھن کي تعليم ڏيڻ لڳو.


جن بہ ھن کي ٻڌو ٿي، سي سڀيئي ھن جي عقل ۽ حاضرجوابيءَ تي عجب پيا کائين.


ھن عبادت⁠خانن ۾ تعليم ڏني ۽ سڀني سندس ساراھہ ڪئي.


سو انھن چيو تہ ”ڇا ھي اھو عيسيٰ نہ آھي جيڪو يوسف جو پٽ آھي؟ اسين تہ سندس ماءُ⁠پيءُ کي بہ سڃاڻون ٿا. پوءِ ھي ھاڻي ڪيئن ٿو چوي تہ ’آءٌ آسمان مان نازل ٿيو آھيان؟‘“


تنھن تي يھودي اڳواڻ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون تہ ”ھن ماڻھوءَ وٽ ايترو علم ڪٿان آيو، ڇالاءِ⁠جو ھو ڪڏھن بہ پڙھيو نہ آھي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ