Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 6:15 - Common Language New Testament

15 ٻيا وري چون پيا تہ ”ھو الياس نبي آھي.“ ڪي چون پيا تہ ”ھو اڳين نبين جھڙو ھڪ نبي آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 پوءِ ٻين چيو، تہ اهو ايلياہ آهي، ۽ ڪن چيو تہ ڪو نبي آهي، يعني نبين مان هڪڙي جهڙو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 ٻيا وري چون پيا تہ ”هو سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ آهي.“ ڪي چون پيا تہ ”هو ايشور جو سنديش ڏيندڙ اڳين سنتن جهڙو هڪ سنت آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 ٻيا وري چون پيا تہ ”هو الياس نبي آهي.“ ڪي چون پيا تہ ”هو اڳين نبين جهڙو هڪ نبي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 6:15
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوھين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آھيو، ڪي چون ٿا تہ الياس نبي آھيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ يرمياہ يا ٻين نبين مان ڪوبہ ھڪ آھيو.“


ميڙ مان جواب آيو تہ ”ھي گليل جي شھر ناصرت وارو نبي عيسيٰ آھي.“


جڏھن ھيروديس ھي ٻڌو تہ چيائين تہ ”پوءِ ھي يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو آھي. مون تہ ھن جي سسي لھرائي ڇڏي ھئي، پر ھو وري جيئرو ٿيو آھي.“


انھن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوھين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آھيو، ڪي چون ٿا تہ اوھين الياس نبي آھيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ اوھين نبين مان ڪوبہ ھڪ آھيو.“


ھو خدا جو پيغام الياس نبيءَ جي روح ۽ طاقت سان ڏيندو ويندو، تہ جيئن ھو پيئرن کي اولاد لاءِ دل ڏئي، نافرمانن کي وري نيڪن جي سياڻپ واري رستي تي آڻي ۽ خداوند لاءِ ھڪڙي مستعد قوم تيار ڪري.“


انھيءَ تي سڀني ۾ ڏھڪاءُ پئجي ويو ۽ خدا جي واکاڻ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسان ۾ ھڪڙو وڏو نبي ظاھر ٿيو آھي. خدا پنھنجي قوم تي ٻاجھہ ڪئي آھي.“


تنھن تي فريسي، جنھن عيسيٰ جي دعوت ڪئي ھئي سو ھي ڏسي پنھنجي دل ۾ چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏھن ھي شخص نبي ھجي ھا تہ جيڪر سڃاڻي وٺي ھا تہ ھيءَ عورت جيڪا کيس ھٿ ٿي لائي سا ڪھڙي قسم جي آھي، ڇالاءِ⁠جو ھوءَ تہ گنھگار آھي!“


شاگردن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوھين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آھيو، ڪي چون ٿا تہ اوھين الياس آھيو ۽ ڪي وري چون ٿا تہ اوھين آڳاٽن نبين مان ڪو ٻيو جيئرو ٿي اٿيا آھيو.“


ڪن پئي چيو تہ ”الياس ظاھر ٿيو آھي“ ۽ وري ٻين پئي چيو تہ ”آڳاٽن نبين مان ڪو ٻيو وري جيئرو ٿيو آھي.“


انھن پڇيس تہ ”پوءِ تون ڪير آھين؟ ڇا تون الياس نبي آھين؟“ يحيٰ وراڻين تہ ”نہ، آءٌ الياس نہ آھيان.“ انھن چيو تہ ”ڇا ڀلا تون اھو نبي آھين، جيڪو اچڻو آھي؟“ يحيٰ وراڻين تہ ”نہ.“


سو انھن يحيٰ کان پڇيو تہ ”جيڪڏھن تون نہ مسيح آھين، نہ الياس نبي آھين ۽ نڪي اھو نبي آھين تہ پوءِ تون ڇو ٿو بپتسما ڏين؟“


عيسيٰ جو اھو معجزو ڏسي ماڻھو چوڻ لڳا تہ ”سچ⁠پچ ھي اھو نبي آھي، جيڪو ھن دنيا ۾ اچڻو آھي.“


ميڙ مان ڪيترن ئي ماڻھن سندس اھي لفظ ٻڌا ۽ چيائون تہ ”سچ⁠پچ ھي ماڻھو اھو ئي نبي آھي، جيڪو اچڻو آھي.“


ان کان پوءِ فريسين ھڪ دفعو وري انھيءَ ماڻھوءَ کان پڇيو تہ ”تون چوين ٿو تہ ھن تنھنجون اکيون کوليون، پر تون انھيءَ شخص بابت ڇا ٿو چوين؟“ ھن وراڻيو تہ ”ھو نبي آھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ