Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 5:7 - Common Language New Testament

7 ۽ وڏي واڪي رڙ ڪري چيائين تہ ”اي عيسيٰ، خدا تعاليٰ جا فرزند! تنھنجو مون سان ڪھڙو واسطو آھي؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ خدا جي واسطي مون کي عذاب نہ ڏي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ وڏي سڏ رڙ ڪري چيائين، تہ اي يسوع، خدا تعاليٰ جا فرزند، منهنجو توسان ڪهڙو واسطو؟ خدا جي واسطي مون کي عذاب نہ ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 ۽ زور سان رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”اي يسوع، مهان ايشور جا پٽ! تنهنجو مون سان ڪهڙو واسطو آهي؟ آءٌ تو کي وينتي ٿو ڪريان تہ ايشور جي واسطي مون کي عذاب نہ ڏي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ۽ زور سان رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”اي عيسيٰ، خدا تعاليٰ جا فرزند! تنهنجو مون سان ڪهڙو واسطو آهي؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ خدا جي واسطي مون کي عذاب نہ ڏي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 5:7
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي شمعون پطرس وراڻيو تہ ”تون مسيح، زندہ خدا جو فرزند آھين.“


پر عيسيٰ ماٺ ۾ رھيو. وري ھن چيس تہ ”زندہ خدا جي نالي تي ھاڻي آءٌ تو کي قسم ٿو ڏيان تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ ڇا تون مسيح، خدا جو فرزند آھين؟“


سو شيطان ھن وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ ھنن پٿرن کي حڪم ڪر تہ مانيون ٿي پون.“


عيسيٰ کي ڏسڻ سان ھو رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي ابن خدا! تنھنجو اسان سان ڪھڙو واسطو آھي؟ ڇا تون وقت کان اڳي اسان کي عذاب ڏيڻ آيو آھين؟“


”اي عيسيٰ ناصري! تنھنجو اسان سان ڪھڙو واسطو آھي؟ تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آھين ڇا؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آھين، تون خدا جي ھڪ ئي پاڪ ھستي آھين.“


پر عيسيٰ ماٺ ۾ رھيو ۽ ھڪ لفظ بہ نہ ڪڇيائين. وڏي سردار ڪاھن کانئس ٻيھر پڇيو تہ ”ڇا تون مسيح، سڳوري خدا جو فرزند آھين؟“


ڀوتن ورتل ماڻھو جڏھن عيسيٰ کي ڏسندا ھئا تہ پٽ تي ڪري رڙيون ڪري چوندا ھئا تہ ”تون خدا جو فرزند آھين.“


ھن عيسيٰ کي پري کان ڏسي ورتو، سو ڀڄي اچي سندس پيرن تي ڪري پيو،


ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ کيس چئي رھيو ھو تہ ”اي ڀوت! ھن ماڻھوءَ مان ٻاھر نڪري اچ.“


ھو بزرگ ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ جو فرزند ڪري سڏبو. خداوند خدا ھن کي سندس ڏاڏي دائود جي بادشاھي ڏيندو.


”اي عيسيٰ ناصري! اسان سان تنھنجو ڪھڙو واسطو آھي؟ ڇا تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آھين؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آھين، تون ئي خدا جي ھڪ پاڪ ھستي آھين.“


پر اوھين پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو. کين اڌارو ڏيو پر واپس وٺڻ جي اميد نہ رکو، تہ توھان کي وڏو اجر ملندو ۽ اوھين خدا تعاليٰ جا ٻار ٿيندا، ڇالاءِ⁠جو ھو ناشڪرن ۽ بڇڙن تي پڻ مھربان آھي.


جڏھن عيسيٰ کي ڏٺائين تڏھن رڙ ڪري سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ واڪو ڪري چيائينس تہ ”اي عيسيٰ، خدا تعاليٰ جا فرزند! مون سان تنھنجو ڪھڙو واسطو؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.“


پر اِھي انھيءَ لاءِ لکيل آھن تہ جيئن اوھين ايمان آڻيو تہ عيسيٰ ئي مسيح ۽ خدا جو فرزند آھي ۽ اھڙي ايمان آڻڻ سان اوھان کي ھن جي نالي ۾ زندگي ملي.


ھوءَ پولس ۽ اسان جي پٺيان اچي واڪا ڪري چوڻ لڳي تہ ”ھي ماڻھو خدا تعاليٰ جا ٻانھا آھن، جيڪي اوھان کي ڇوٽڪاري جو رستو ٿا ٻڌائين.“


تڏھن ڪي رولو يھودي جيڪي ڀوپا ھئا سي بہ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ماڻھن مان ڀوت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. اھي ڀوتن کي ڪڍڻ وقت ھيئن چوندا ھئا تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ جو واسطو ٿو ڏيان، جنھن جي پولس تبليغ ڪري رھيو آھي.“


اھي اڳتي ھلندي ھلندي ھڪڙي اھڙي جاءِ تي اچي پھتا جتي پاڻي ھو. تنھن تي آفيسر چيو تہ ”اِجھو، ھي پاڻي بہ موجود آھي تہ پوءِ مون کي بپتسما وٺڻ کان ڪھڙي جھل آھي؟“


تہ پوءِ خدا، جيڪو اطمينان ڏيڻ وارو آھي سو شيطان کي جلد ئي اوھان جي پيرن ھيٺ لتاڙي ڇڏيندو. اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل شل اوھان سڀني تي ھجي.


جھڙيءَ طرح ھن جا اھي ٻار انسان آھن، تھڙيءَ طرح عيسيٰ بہ انھن وانگر ٿيو تہ جيئن پنھنجي موت جي وسيلي شيطان کي ناس ڪري، جنھن کي موت تي اختيار آھي.


ملڪصدق شاليم جو بادشاھہ ۽ خدا تعاليٰ جو ڪاھن ھو. جڏھن ابراھيم بادشاھن کي شڪست ڏيئي موٽيو پئي آيو تہ ملڪصدق ساڻس گڏيو ۽ کيس دعائون ڏنائين.


تون ايمان ٿو آڻين تہ خدا ھڪڙو آھي، ٺيڪ آھي. اھا ڳالھہ تہ بدروح بہ مڃين ٿا ۽ اھي ڏڪن بہ ٿا.


ڇالاءِ⁠جو خدا گناھہ ڪندڙ ملائڪن کي بہ نہ بخشيو، بلڪ کين دوزخ ۾ وڌائين ۽ اونداھين غارن ۾ بند ڪيائين، انھيءَ لاءِ تہ عدالت جي ڏينھن تائين قيد ۾ رھن.


جيڪو گناھہ ڪري ٿو سو شيطان مان آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ شيطان شروع کان وٺي گناھہ ڪندو ٿو اچي. خدا جو فرزند انھيءَ لاءِ ظاھر ٿيو تہ جيئن شيطان جي ڪمن کي ناس ڪري.


اھڙيءَ طرح جن ملائڪن پنھنجي اختيار واري حيثيت قائم نہ رکي پر پنھنجي خاص رھڻ جي جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي خدا ابدي زنجيرن سان قيد ڪري عظيم ڏينھن واري عدالت تائين اونداھيءَ منجھہ رکيو آھي.


تنھنڪري اي آسمانو ۽ آسمانن جا رھاڪو! اوھين خوشيون ڪريو. پر اي زمين ۽ سمنڊ! اوھان لاءِ افسوس آھي، ڇالاءِ⁠جو ابليس ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان اوھان ڏانھن لھي آيو آھي، انھيءَ ڪري جو خبر اٿس تہ سندس وقت باقي ٿورو وڃي بچيو آھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ