Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 5:23 - Common Language New Testament

23 کيس ڏاڍيون آزيون نيزاريون ڪري چوڻ لڳو تہ ”منھنجي ننڍي ڌيءَ مرڻ تي آھي، مھرباني ڪري ھلي ھٿ گھمايوس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ ڏاڍي نيزاري ڪري چوڻ لڳس تہ منهنجي ننڍي نياڻي مرڻ تي آهي: ڀلائي ڪري هلي هٿ گهمائينس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 هو کيس ڏاڍيون منٿون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”منهنجي ننڍي ڌيءَ مرڻ تي آهي. مهرباني ڪري هلي هٿ گھمايوس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 هو کيس ڏاڍيون منٿون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”منهنجي ننڍي ڌيءَ مرڻ تي آهي. مهرباني ڪري هلي هٿ گھمايوس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 5:23
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي عيسيٰ پنھنجو ھٿ ڊگھيريو ۽ کيس لائيندي چيائين تہ ”آءٌ چاھيان ٿو تہ تون ڇٽي پاڪ صاف ٿيءُ.“ تڏھن ھڪدم ھن جو ڪوڙھہ جھڙو مرض لھي ويو.


جيڪڏھن اھي نانگ جھليندا يا زھر پيئندا تہ بہ انھن کي ڪو نقصان نہ پھچندو. ھو بيمارن کي ھٿ لائيندا تہ اھي چڱا ڀلا ٿي پوندا.“


تنھن تي عيسيٰ ان سان گڏجي ھليو تہ ھڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان ھلڻ لڳو ۽ ماڻھو عيسيٰ تي ڳاھٽ پئي ٿيا.


ھنن ڪيترن ئي ماڻھن مان ڀوت ڪڍيا ۽ گھڻن ئي بيمارن کي زيتون جو تيل مکي چڱو ڀلو ڪيائون.


ماڻھو وٽس ھڪڙي اھڙي شخص کي وٺي آيا جيڪو ٻوڙو ھو ۽ ڳالھائڻ ۾ بہ اٽڪ ھيس. سو منٿ ڪيائونس تہ ”ھن کي پنھنجو ھٿ لايو.“


عيسيٰ انھيءَ انڌي ماڻھوءَ کي ھٿ کان وٺي ڳوٺ کان ٻاھر وٺي ويو. اتي ھن انڌي ماڻھوءَ جي اکين تي لٻ لائي پنھنجا ھٿ سندس اکين تي رکيا ۽ پڇيائينس تہ ”ڇا تون ڪا شيءِ ڏسي سگھين ٿو؟“


عيسيٰ کيس ھٿ لاتو تہ ھوءَ ھڪدم سنئين سڌي ٿي بيٺي ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳي.


عيسيٰ عبادت⁠خاني مان نڪري شمعون جي گھر آيو. شمعون جي سس کي سخت بخار ھو، سو ھنن اُن جي لاءِ چيس.


سج لھڻ مھل ماڻھو انھن سڀني کي عيسيٰ وٽ وٺي آيا جيڪي جدا جدا بيمارين جا مريض ھئا. عيسيٰ انھن مان ھر ھڪ کي پنھنجو ھٿ لاتو تہ اھي سڀيئي ڇٽي چڱا ڀلا ٿي ويا.


جڏھن شھر جي دروازي جي ويجھو پھتو تہ ڏٺائين تہ ماڻھو ھڪڙي مُڙدي کي ٻاھر کنيو پئي ويا. اھو ماءُ جو اڪيلو پٽ ھو، جيڪا رن⁠زال ھئي. شھر جا ڪيترائي ماڻھو ان سان گڏ ھئا.


ٻنھي ڀينرن عيسيٰ کي چوا ئي موڪليو تہ ”خداوند! اوھان جو پيارو دوست بيمار آھي.“


پبليس جو پيءُ بخار ۽ پيچش جي ڪري بستري داخل ھو. پولس ھن جي ڪمري ۾ ويو ۽ دعا ڪيائين. پوءِ پنھنجا ھٿ مٿانئس رکيائين ۽ کيس شفا بخشيائين.


ٽولي انھن کي رسولن جي اڳيان حاضر ڪيو، جن دعا گھري ۽ پنھنجا ھٿ انھن تي رکيا.


پوءِ پطرس ۽ يوحنا پنھنجا ھٿ انھن جي مٿان رکيا تہ کين پاڪ روح ملي ويو.


رويا ۾ ھن ڏٺو آھي تہ حنانياہ نالي ھڪ ماڻھوءَ اچي سندس مٿان پنھنجا ھٿ رکيا آھن تہ جيئن ھو وري ڏسڻ جھڙو ٿئي.“


سو حنانياہ ويو ۽ ان گھر ۾ گھڙي پنھنجا ھٿ شائول جي مٿان رکيائين ۽ چيائينس تہ ”شائول ڀاءُ! خداوند عيسيٰ پاڻ مون کي موڪليو آھي، جنھن تو کي رستي ۾ ڏيکاري ڏني، جڏھن تون ھيڏانھن اچي رھيو ھئين. ھن مون کي انھيءَ لاءِ موڪليو آھي تہ تو کي وري ديد ملي ۽ تون پاڪ روح سان ڀرجي وڃين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ