Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 5:15 - Common Language New Testament

15 ھو عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ جنھن ماڻھوءَ ۾ ڀوتن جو لشڪر ھو سو اتي ويٺو آھي ۽ ڪپڙا پيل اٿس ۽ پوري ھوش ۾ آھي. تڏھن سڀيئي ڊڄي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ اچي ڏسن تہ اُهو ڀوتاريل ماڻهو، يعني جنهن ۾ ڀوتن جو لشڪر هو، سو يسوع وٽ ڪپڙا پهري، پوري هوش ۾ ويٺو آهي، تڏهن ڊپ وٺي وين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 هو يسوع وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوتن جو لشڪر هو سو اتي ويٺو آهي ۽ ڪپڙا پاتل اٿس ۽ پوري هوش حواس ۾ آهي. تڏهن سڀيئي ڊڄي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 هو عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوتن جو لشڪر هو سو اتي ويٺو آهي ۽ ڪپڙا پاتل اٿس ۽ پوري هوش حواس ۾ آهي. تڏهن سڀيئي ڊڄي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 5:15
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪوبہ ماڻھو ڪنھن طاقتور ماڻھوءَ جي گھر ۾ گھڙي سندس ملڪيت تيستائين ڦُري نہ سگھندو، جيستائين ھو پھريائين اُن طاقتور ماڻھوءَ کي ٻڌي سوگھو نہ ڪندو. تنھن کان پوءِ ئي ھو سندس گھر ڦُري سگھندو.


تو کي خبر نہ آھي ڇا تہ آءٌ پنھنجي پيءُ کي عرض ڪري ٿو سگھان تہ ھو ھينئر ئي منھنجي مدد لاءِ ٻارھن لشڪرن کان بہ مٿي ملائڪ موڪلي ڏئي؟


سڄي شام ملڪ ۾ ھن جي ھاڪ پئجي ويئي. تنھنڪري ڪيترائي ماڻھو ھن وٽ بيمار وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون ھيون، جھڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگ وارا. انھن سڀني کي عيسيٰ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.


جڏھن ڀوت کي ڪڍيو ويو تہ ماڻھوءَ ڳالھائڻ شروع ڪيو، تڏھن خلق عجب ۾ پئجي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”بني اسرائيل ۾ اسان اڳي ائين ٿيندي ڪونہ ڏٺو آھي.“


جيڪي ماڻھو سوئرن جو ڌڻ چاري رھيا ھئا، سي ڀڄي ويا ۽ وڃي شھر ۽ ٻھراڙيءَ ۾ اھا خبر ٻڌايائون. ماڻھو ھن واقعي کي ڏسڻ لاءِ نڪري آيا.


جن اھو رنگ اکين سان ڏٺو ھو تن کين ڀوتن ۽ سوئرن بابت سڄي ڳالھہ ڪري ٻڌائي.


جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙھيو پئي تہ جنھن ماڻھوءَ ۾ اڳ ڀوت ھئا تنھن اچي منٿ ڪيس تہ ”مون کي بہ پاڻ سان وٺي ھلو.“


ڇالاءِ⁠جو ھن کي ڪيترا ئي دفعا لوھہ جي ڪڙين ۽ زنجيرن ۾ ٻڌو ويو ھو، پر ھن انھن زنجيرن کي ٽوڙي ۽ ڪڙين کي ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ھو ۽ ڪوبہ مٿس قابو پئجي نہ ٿي سگھيو.


عيسيٰ پڇيس تہ ”تنھنجو نالو ڇا آھي؟“ ماڻھوءَ جواب ڏنو تہ ”منھنجو نالو لشڪر آھي، ڇالاءِ⁠جو اسين گھڻا آھيون،“


ان عورت جي مريم نالي ھڪ ڀيڻ ھئي، جنھن عيسيٰ جي پيرن وٽ ويھي سندس ڪلام ويٺي ٻڌو.


جڏھن عيسيٰ سڪيءَ تي آيو تہ کيس شھر جو ھڪڙو ماڻھو مليو، جنھن ۾ ڀوت ھئا. ھو ڪيترن ڏينھن کان نڪي ڪپڙا پائيندو ھو ۽ نڪي گھر ۾ رھندو ھو، پر قبرستان ۾ گذاريندو ھو.


ھن اسان کي اونداھيءَ جي چنبي مان ڇڏائي پنھنجي پياري فرزند جي بادشاھت ۾ آندو،


ڇالاءِ⁠جو خدا اسان کي بزدليءَ وارو روح نہ ڏنو آھي، بلڪ طاقت وارو، محبت وارو ۽ خود ضابطي وارو روح ڏنو اٿس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ