Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 4:41 - Common Language New Testament

41 پر اھي ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھي ڪير آھي جو ھوا ۽ پاڻي بہ ھن جو حڪم مڃين ٿا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 ۽ هو ڏاڍا ڊنا، ۽ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ هي تڏهن ڪير آهي، جو واءُ ۽ سمنڊ بہ سندس حڪم ٿا مڃين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

41 پر اهي ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي جو هوا ۽ پاڻي بہ هن جو حڪم مڃين ٿا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 پر اهي ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي جو هوا ۽ پاڻي بہ هن جو حڪم مڃين ٿا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 4:41
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جڏھن ھو ٻئي ٻيڙيءَ ۾ چڙھيا تہ واءُ بند ٿي ويو.


اھي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھي ڪھڙي قسم جو ماڻھو آھي جو ھوا ۽ پاڻيءَ کي بہ حڪم ٿو ڪري تہ اھي بہ مڃينس ٿا.“


پوءِ عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوھين ڇو ٿا ڊڄو؟ ڇا اوھان کي اڃا تائين مون تي ايمان نہ آھي؟“


ھو ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر گراسينين جي علائقي ۾ اچي پھتا.


ھاڻي ان عورت کي خبر پئي تہ ساڻس ڇا ٿيو آھي، سا ڊڄندي ۽ ڏڪندي اچي عيسيٰ جي پيرين پيئي ۽ سڄي ڳالھہ ڪري ٻڌايائينس.


سو جن بہ پئي ٻڌو، تن کي ڏاڍو عجب پئي لڳو ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڪھڙي نہ سھڻي نموني سان ھو ھر ھڪ ڪم ڪري ٿو، بلڪ ھو تہ ٻوڙن کي ٻڌڻ جي ۽ گونگن کي ڳالھائڻ جي بہ طاقت ٿو ڏئي.“


تنھن تي سڀني کي حيرت وٺي ويئي ۽ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھي ڪھڙو ڪلام آھي؟ ڇالاءِ⁠جو ھو اختياريءَ ۽ قدرت سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي ۽ اھي نڪري وڃن ٿا.“


تڏھن عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوھان جو ايمان ڪٿي آھي؟“ تنھن تي اھي ڊڄي ويا ۽ عجب وچان ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”ھي ڪير آھي جو ھوا ۽ پاڻيءَ کي حڪم ٿو ڪري تہ اھي بہ کيس مڃن ٿا!“


تنھنڪري اچو تہ اھڙي بادشاھت حاصل ڪريون، جيڪا لڏي وڃڻ واري ناھي. اسين شڪرگذار ٿيون ۽ اھڙي ادب ۽ خوف سان عبادت ڪريون جو اھا خدا کي پسند اچي.


اي خداوند! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟ تنھنجي نالي جي واکاڻ ڪير نہ ڪندو؟ ڇالاءِ⁠جو رڳو تون ئي پاڪ آھين. سڀيئي قومون اچي تنھنجي اڳيان سجدو ڪنديون، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي انصاف جا ڪم ظاھر ٿيا آھن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ