Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 4:38 - Common Language New Testament

38 عيسيٰ ٻيڙيءَ جي پاڇيل تي وھاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ستو پيو ھو تہ شاگردن اچي کيس جاڳايو ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسين مرڻ تي آھيون ۽ اوھان کي ڪو خيال ئي نہ ٿو ٿئي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 ۽ پاڻ پاڇيل تي وهاڻو ڏيو سمهيو پيو هو، ۽ هنن اچي جاڳائي چيس، تہ اي اُستاد، توکي پرواهہ ئي ڪانهي ڇا تہ اسين برباد ٿا ٿيون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

38 يسوع ٻيڙيءَ جي پوئين حصي تي وِهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ستو پيو هو تہ چيلن کيس جاڳائي چيو تہ ”اي گرو! اسين مرڻ تي آهيون ۽ اوهان کي ڪو خيال ئي نہ ٿو ٿئي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 عيسيٰ ٻيڙيءَ جي پوئين حصي تي وِهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ستو پيو هو تہ شاگردن کيس جاڳائي چيو تہ ”اي استاد! اسين مرڻ تي آهيون ۽ اوهان کي ڪو خيال ئي نہ ٿو ٿئي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 4:38
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ انھن پنھنجا شاگرد ۽ ھيروديس جي پارٽيءَ جا ڪي ماڻھو عيسيٰ ڏانھن موڪليا، جن اچي چيو تہ ”استاد! اسان کي خبر آھي تہ اوھين سچا آھيو ۽ سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. اوھين ڪنھن جي بہ پرواھہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي ظاھري ڏيک⁠ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو.


تڏھن شاگرد وٽس آيا ۽ جاڳائي چيائونس تہ ”اي سائين! اسان کي بچايو جو اسين ھاڻي تہ ٻڏڻ تي آھيون.“


اوچتو ئي ھڪڙو وڏو طوفان آيو ۽ ڇولين ٻيڙيءَ تي اھڙو تہ سٽڪو لائي ڏنو جو ٻيڙي پاڻيءَ سان ڀرجي ٻڏڻ لڳي.


تنھن تي عيسيٰ اُٿيو ۽ واءُ کي ڇينڀيائين ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي حڪم ڪيائين تہ ”ماٺيون ٿيو.“ تڏھن طوفان بيھجي ويو ۽ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي.


تڏھن اھي عيسيٰ وٽ آيا ۽ کيس جاڳائي چيائون تہ ”اي سائين! اي سائين! اسين تہ ٻڏڻ تي آھيون.“ تنھن تي ھو اٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي ڇينڀيائين، جنھن تي طوفان بيھجي ويو ۽ ٺاپر ٿي ويئي.


انھيءَ ٻنيءَ ۾ يعقوب جو کوھہ ھو. عيسيٰ مسافريءَ جي ڪري ٿڪجي پيو ھو، سو کوھہ جي ڀرسان ويھي رھيو. اھو اٽڪل ٻنپھرن جو وقت ھو.


تنھنڪري اھو ضروري ھو تہ ھو ھر طرح پنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر ٿئي، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ ھو اھڙو وڏو سردار ڪاھن ٿئي، جيڪو رحمدل ۽ وفادار ھجي ۽ ماڻھن جي گناھن جو ڪفارو ادا ڪري.


ڇالاءِ⁠جو اسان جو سردار ڪاھن اھڙو ناھي جو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان جو ھمدرد نہ ٿي سگھي، پر ھو اھڙو آھي جو ھر طرح سان اسان وانگر آزمايو ويو آھي، تڏھن بہ بي⁠گناھہ ثابت ٿيو.


پنھنجي سڄي ڳڻتي انھيءَ تي رکو، ڇالاءِ⁠جو ھن کي اوھان جو فڪر آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ