Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 4:24 - Common Language New Testament

24 عيسيٰ اھو بہ چين تہ ”جيڪي ڪجھہ ٻڌو ٿا تنھن تي ڌيان ڏيو، ڇالاءِ⁠جو جنھن ماپي سان اوھين ماپي ڏيندا تنھن ئي ماپي سان اوھان کي بہ ماپجي ملندو، بلڪ ان کان بہ وڌيڪ ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ چيائين، تہ جيڪي ٻڌو ٿا سو سنڀالي ٻڌو: جنهن ماپ سان اوهين مئي ڏيندا تنهن سان اوهان کي مئجي ملندو: ۽ اوهان کي پاڻ وڌيڪ ڏنو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 يسوع اهو بہ چين تہ ”اوهين انهن ڳالهين کي ڌيان ۾ رکو جيڪي مون کان ٻڌو ٿا، ڇاڪاڻ تہ جهڙي ماپي سان اوهين ماپي ڏيندا تهڙي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو، بلڪ ان کان بہ وڌيڪ ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 عيسيٰ اهو بہ چين تہ ”اوهين انهن ڳالهين کي ڌيان ۾ رکو جيڪي مون کان ٻڌو ٿا، ڇاڪاڻ تہ جهڙي ماپي سان اوهين ماپي ڏيندا تهڙي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو، بلڪ ان کان بہ وڌيڪ ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 4:24
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو جيئن اوھين ٻين کي ڏوھي ٺھرائيندا، تيئن اھي بہ اوھان کي ڏوھي ٺھرائيندا ۽ جيئن ٻين کي اوھين ماپي ڏيندا، تيئن ساڳئي ماپي سان اوھان کي بہ ماپجي ملندو.


ايتري ۾ ھڪڙي ڪڪر اچي ھنن جي مٿان ڇانوَ ڪئي ۽ انھيءَ ڪڪر مان ھڪ آواز آيو تہ ”ھي منھنجو ھڪڙو ئي پيارو فرزند آھي. سو ھن جي ڌيان سان ٻڌو.“


تنھنڪري خبردار رھو تہ اوھين ڪھڙيءَ طرح ٿا ٻڌو، ڇوتہ جنھن وٽ ڪجھہ آھي تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو ۽ جنھن وٽ ڪجھہ بہ ڪونھي تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جنھن کي ھو پنھنجو سمجھي ٿو.“


منھنجون ٻيون بہ رڍون آھن جيڪي ھن واڙي جون نہ آھن. انھن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آھي. اھي منھنجو آواز ٻڌنديون ۽ پوءِ ھڪڙو ئي ڌڻ ۽ ھڪڙو ئي ڌنار ٿيندو.


منھنجون رڍون منھنجو آواز ٻڌن ٿيون. آءٌ پنھنجن رڍن کي سڃاڻان ٿو ۽ اھي منھنجي پٺيان ھلن ٿيون.


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اھا گھڙي اچي رھي آھي بلڪ اچي پھتي آھي، جڏھن مئل ماڻھو خدا جي فرزند جو آواز ٻڌندا ۽ جيڪي ٻڌندا سي جيئرا ٿيندا.


اھي يھودي ٿسلونيڪيءَ جي يھودين کان وڌيڪ ڪشادي ذھن وارا ھئا، ڇالاءِ⁠جو ھنن وڏي شوق سان خدا جو ڪلام قبول ڪيو ۽ روزانو پاڪ ڪتاب پڙھي ڏسندا ھئا تہ ائين برابر آھي يا نہ، جيئن پولس چئي رھيو آھي.


ياد رکو تہ جيڪو ٿورو ٻج ٿو پوکي سو لڻندو بہ ٿورو ۽ جيڪو گھڻو ٿو پوکي سو لڻندو بہ گھڻو.


تنھنڪري جيڪي ڳالھيون اسان ٻڌيون آھن، تن تي اسان کي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گھرجي، انھيءَ لاءِ تہ متان لڙھي انھن کان پري نڪري نہ وڃون.


جيئن نوان ڄاول ٻارڙا نج کير جا طلبگار ٿا ٿين، تيئن اوھين بہ نج روحاني کير جا طلبگار ٿيو، تہ انھيءَ جي وسيلي وڌي اوھين ڇوٽڪارو حاصل ڪريو.


اي عزيزو! سڀڪنھن روح تي يقين نہ ڪريو، پر روحن کي آزمائي ڏسو تہ اُھي خدا جي طرفان آھن يا نہ، ڇالاءِ⁠جو ڪيترائي اھڙا ماڻھو دنيا ۾ نڪري پيا آھن، جيڪي پاڻ کي نبي سڏائين ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ