Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 4:20 - Common Language New Testament

20 ٻيا ماڻھو ان ڀلي زمين مثل آھن جتي ٻج ڪريو، يعني اھي ڪلام ٻڌن ٿا ۽ قبول ڪن ٿا. پوءِ اھي ٽيھوڻو، سٺوڻو ۽ سوء⁠ڻو ڦر جھلين ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ جي ڀلي زمين ۾ پوکيا ويا، سي اُهي آهن جي ڪلام ٻڌن ٿا، ۽ قبول ٿا ڪن، ۽ ٽيهوڻو ۽ سٺوڻو ۽ سؤڻو ڦل ٿا ڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 ٻيا ماڻهو ان ڀليءَ زمين مثل آهن جتي ٻج ڪريو، يعني اهي سنديش ٻڌن ٿا ۽ قبول ڪن ٿا. پوءِ انهن مان ڪي ٽيهوڻو، ڪي سٺوڻو ۽ ڪي وري سؤڻو ڦر جھلين ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 ٻيا ماڻهو ان ڀليءَ زمين مثل آهن جتي ٻج ڪريو، يعني اهي پيغام ٻڌن ٿا ۽ قبول ڪن ٿا. پوءِ انهن مان ڪي ٽيهوڻو، ڪي سٺوڻو ۽ ڪي وري سؤڻو ڦر جھلين ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 4:20
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سٺي زمين جتي داڻا ڪريا تنھن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام ٻڌن ٿا، اُن کي سمجھن ٿا ۽ ڦر جھلين ٿا، پوءِ ڪن ۾ ⁠سؤ داڻا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيھہ.“


پر ڪي داڻا ڀليءَ زمين تي ڪريا ۽ ڦر جھليائون، ڪن ۾ ⁠سؤ داڻا ٿيا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيھہ داڻا بہ ڦر ھو.“


ڪي داڻا ڀليءَ زمين تي ڪريا. اھي انگوريا، اڀريا ۽ ڦر جھليائون، ڪن ۾ ٽيھہ داڻا، ڪن ۾ سٺ داڻا تہ ڪن ۾ ⁠سؤ داڻا بہ ڦر ھو.“


پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪريا، سا ڀلي زمين اھي ماڻھو آھن جي ڪلام ٻڌن ٿا ۽ سچيءَ دل ۽ سالم دماغ سان ان کي سانڍين ٿا ۽ صبر سان ڦر جھلين ٿا.“


اوھان مون کي ڪين چونڊيو آھي، بلڪ مون اوھان کي چونڊيو آھي ۽ انھيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اھڙو ميوو جھليو جيڪو ھميشہ ھلي. پوءِ اوھين پيءُ کان منھنجي نالي تي جيڪي بہ گھرندا سو ھو اوھان کي ڏيندو.


مون ۾ جيڪا ٽاري ميوو نہ ٿي جھلي تنھن کي ھو ڪڍي ڇڏي ٿو. پر جيڪا ٽاري ميوو جھلي ٿي تنھن کي ھو ڇانگي ٿو تہ جيئن اھا وڌيڪ ميوو ڏئي.


منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اھڙيءَ طرح عيسيٰ جي جسماني موت جي وسيلي اوھين بہ شريعت جي نسبت ۾ مري ويا آھيو. ھاڻي اوھين مسيح جي بدن جا عضوا آھيو ۽ اوھين انھيءَ جا ئي آھيو جيڪو مئلن مان جيئرو ٿيو. اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ اسين خدا جي لائق ڦل جھليون.


شل اوھين سچائيءَ جي انھيءَ ڦل سان ڀريل رھو، جيڪو عيسيٰ مسيح جي وسيلي آھي، تہ جيئن خدا جو جلال ظاھر ٿئي ۽ سندس واکاڻ ٿئي.


اھا دعا اسين انھيءَ لاءِ ٿا گھرون تہ جيئن اوھين پنھنجي زندگي خداوند جي لائق گذاري سگھو، ھن کي ھر طرح خوش رکي سگھو ۽ ھر ڪنھن چڱي ڪم ۾ ڦلدار ٿيندي خدا جي سڃاڻپ ۾ وڌندا وڃو.


مطلب تہ، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان اوھان کي سيکاريو ھو تہ خدا کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن زندگي گذارجي. سچ⁠پچ تہ اوھين اھڙي زندگي گذاري بہ رھيا آھيو. ھاڻي اسين اوھان کي خداوند عيسيٰ جي نالي تي منٿ ٿا ڪريون ۽ نصيحت ٿا ڏيون تہ اوھين انھيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.


ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اھي خوبيون اوھان ۾ موجود ھونديون ۽ وڌنديون رھنديون، تہ اھي اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي سڃاڻڻ ۾ بيڪار ۽ بي⁠ڦل ٿيڻ نہ ڏينديون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ