Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 4:15 - Common Language New Testament

15 ڪنھن وقت ڪلام رستي تي ڪري ٿو، يعني اھي ماڻھو جيڪي ڪلام ٻڌن ٿا. پر جيئن ئي اھي ٻڌن ٿا تہ شيطان جلدي اچي انھن جي دلين مان ڇٽيل ٻج ڪڍي وٺي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ جيڪي گس تي ڪِريا، جتي ڪلام پوکيو ويو، سي اُهي آهن جي جڏهن ٻڌن ٿا تڏهن يڪدم شيطان اچي ٿو، ۽ جيڪو ڪلام انهن ۾ پوکيو ويو آهي سو ڪڍي ٿو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 ڪنهن وقت سنديش رستي تي ڪري ٿو، يعني اهي ماڻهو جيڪي سنديش ٻڌن ٿا. پر جيئن ئي اهي ٻڌن ٿا تہ شيطان جلدي اچي انهن جي دلين مان ڇٽيل ٻج ڪڍي وٺي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 ڪنهن وقت پيغام رستي تي ڪري ٿو، يعني اهي ماڻهو جيڪي پيغام ٻڌن ٿا. پر جيئن ئي اهي ٻڌن ٿا تہ شيطان جلدي اچي انهن جي دلين مان ڇٽيل ٻج ڪڍي وٺي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 4:15
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُھي جيڪي بادشاھت جو ڪلام ٻڌن ٿا پر سمجھن نہ ٿا، سي انھيءَ رستي مثل آھن جتي داڻا ڪريا. شيطان اچي انھن جي دل مان اُھي پوکيل داڻا ڪڍي ٿو وٺي.


پر دعوتين ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو ۽ پنھنجن ڪمن سان ھليا ويا، ڪو پنھنجي ٻنيءَ تي ھليو ويو، ڪو پنھنجي واپار تي ھليو ويو،


تنھن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ’خداوند پنھنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انھيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“


ٻج ڇٽيندڙ خدا جو ڪلام پوکي ٿو.


ٻيا ماڻھو ان ٽڪر مثل آھن جتي ٻج ڪريو، يعني اھي ڪلام ٻڌن ٿا ۽ جلدي خوشيءَ سان قبول ڪن ٿا،


ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا ۽ پکي اچي انھن کي چُڳي ويا.


جيڪي رستي تي ڪريا تنھن رستي جي معنيٰ اُھي ماڻھو آھن جيڪي ٻڌن ٿا، پوءِ شيطان اچي انھيءَ ڪلام کي سندن دلين مان ڪڍي ٿو تہ متان اھي ايمان آڻين ۽ کين ڇوٽڪارو ملي.


جڏھن انھن پولس جي واتان مئلن مان وري جيئرو ٿيڻ جو ٻڌو تہ ڪي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. پر ڪن چيو تہ ”اسين پوءِ بہ اوھان کان ھن بابت ڪجھہ وڌيڪ ٻڌنداسين.“


تنھن تي پطرس چيس تہ ”اي حنانياہ! ڇو شيطان تنھنجي دل ۾ اھڙو خيال وڌو، جو تو پاڪ روح سان ڪوڙ ڳالھايو ۽ ٻنيءَ جي پيسن مان ڪجھہ پاڻ وٽ رکي ڇڏيئِہ؟


انھيءَ ڪري تہ متان اسين شيطان جي فريب ۾ ڦاسي نہ پئون، ڇوجو اسين سندس منصوبن کان بي⁠خبر نہ آھيون.


انھيءَ وڳوڙيءَ جو اچڻ شيطان جي عمل موجب ٿيندو، جنھن جي پوري طاقت سان ھو ڪوڙيون ڪرامتون ۽ عجيب مگر ڪوڙا ڪم ڪري ڏيکاريندو.


خيال رکو تہ متان ڪو زناڪار يا عيسوءَ وانگر بي⁠دين نہ ٿئي، جنھن ھڪڙي وقت جي کاڌي جي عيوض پنھنجي پھريتي ٿيڻ جو حق وڪڻي ڇڏيو.


تنھنڪري جيڪي ڳالھيون اسان ٻڌيون آھن، تن تي اسان کي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گھرجي، انھيءَ لاءِ تہ متان لڙھي انھن کان پري نڪري نہ وڃون.


ھوشيار ۽ سجاڳ رھو. اوھان جو دشمن شيطان گجندڙ شينھن وانگر چوڌاري گھمي وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنھن کي ڦاڙي کائي.


اھو وڏو ازدھا يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس ۽ شيطان بہ سڏبو آھي ۽ جيڪو ساري جھان کي گمراھہ ٿو ڪري، سو زمين تي اڇلايو ويو ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ ھيٺ اڇلايا ويا.


پوءِ شيطان جنھن کين گمراھہ ڪيو ھو، سو باھہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويندو، جتي اھي ٻيئي حيوان اڇلايا ويا ھئا. اُھي رات ڏينھن اُتي ھميشہ ھميشہ تائين عذاب پيا سھندا.


جڏھن ھزار سال پورا ٿيندا تہ شيطان کي قيد مان ڇڏايو ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ