Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 3:18 - Common Language New Testament

18 اندرياس، فلپس، برٿلمئي، متي، توما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، ٿدئي، شمعون قوم⁠پرست،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ اندرياس، ۽ فلپس، ۽ برتلمئي، ۽ متي، ۽ توما، ۽ حلفيءَ جو پٽ يعقوب، ۽ ٿدي، ۽ شمعون ڪنعاني،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 اندرياس، فلپس، برتُلمئي، متي، توما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، تدئي، شمعون قوم‌پرست

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 اندرياس، فلپس، برتُلمئي، متي، توما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، تدئي، شمعون قوم‌پرست

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 3:18
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇا ھي ڊکڻ جو پٽ نہ آھي؟ ڇا ھن جي ماءُ جو نالو مريم نہ آھي؟ ۽ يعقوب، يوسف، شمعون ۽ يھوداہ ھن جا ڀائر نہ آھن ڇا؟


عيسيٰ اتان روانو ٿيو ۽ رستي سان ھلندي ھن متيءَ نالي ھڪ شخص کي پنھنجي محصولي اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ ھن کي سڏي چيو تہ ”منھنجي پٺيان ھل.“ تنھن تي متي اٿيو ۽ سندس پٺيان ھلڻ لڳو.


واٽ ويندي ھن حلفيءَ جي پٽ لاويءَ کي محصولي اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“ تنھن تي لاوي اٿيو ۽ ھن جي پٺيان ھلڻ لڳو.


زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا، جن کي بونرگس يعني ”گجگوڙ جا پٽ“ ڪري سڏيائين،


۽ يھوداہ اسڪريوتي، جنھن پوءِ دغا ڪري پڪڙايو ھوس.


ڇا ھي اھو ڊکڻ نہ آھي جو مريم جو پٽ ۽ يعقوب، يوسيس، يھوداہ ۽ شمعون جو ڀاءُ آھي؟ ڇا ھن جون ڀينرون ھتي نہ ٿيون رھن؟“ تنھنڪري ھنن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو.


جن ٻن ڄڻن يحيٰ جي ڳالھہ ٻڌي ھئي ۽ عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ لڳا ھئا، تن ۾ ھڪڙو شمعون پطرس جو ڀاءُ اندرياس ھو.


تنھن تي توما جنھن کي جاڙو بہ سڏيندا ھئا، تنھن پنھنجي ساٿي شاگردن کي چيو تہ ”اچو تہ اسين بہ ھلون تہ جيئن اسين بہ ھن سان گڏ مرون.“


يھوداہ اسڪريوتي نہ، بلڪ ٻي يھوداہ عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! ڇا جي ڪري اوھين اسان تي تہ پاڻ ظاھر ڪندا پر دنيا تي نہ؟“


شمعون پطرس، توما جنھن کي جاڙو بہ سڏيندا ھئا، گليل جي قانا شھر وارو نٿن⁠ايل، زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا، ۽ ٻہ ٻيا بہ شاگرد پاڻ ۾ گڏ ويٺا ھئا.


اھي شھر ۾ داخل ٿيا ۽ مٿي ان ماڙيءَ تي ويا جتي رھيل ھئا. اھي پطرس، يوحنا، يعقوب، اندرياس، فلپس، توما، برٿلمئي، متي، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، شمعون قوم⁠پرست ۽ يعقوب جو پٽ يھوداہ ھئا.


جڏھن ھنن ڳالھائي بس ڪئي تڏھن يعقوب ڳالھايو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! منھنجي بہ ڳالھہ ٻڌو.


ٻئي ڏينھن تي پولس اسان سان گڏجي يعقوب سان ملڻ ھليو جتي ڪليسيا جا سڀيئي بزرگ بہ ويٺا ھئا.


پوءِ وري ھن يعقوب ۽ بعد ۾ ٻين سڀني رسولن کي ڏيکاري ڏني.


اسان جو اھو حق نہ آھي ڇا تہ پنھنجين ديندار زالن کي پاڻ سان گڏ گھمائيندا رھون، جيئن ٻيا رسول، خداوند جا ڀائر ۽ پطرس جن ڪن ٿا؟


پر ٻين رسولن مان خداوند جي ڀاءُ يعقوب کان سواءِ مون ڪنھن کي بہ ڪونہ ڏٺو.


يعقوب، پطرس ۽ يوحنا جيڪي ڪليسيا جا ٿنڀا ليکيا ويندا ھئا، تن کي جڏھن معلوم ٿيو تہ مون کي خدمت جي توفيق ڏني ويئي آھي تڏھن انھن برنباس ۽ مون سان ساڄو ھٿ ملائي پاڻ سان شريڪ ڪيو. پوءِ ٺاھہ ٿيو تہ اسين غير يھودين ڏانھن ۽ ھو يھودين ڏانھن وڃن.


ھي خط يعقوب جي طرفان آھي، جيڪو خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو ٻانھو آھي. آءٌ انھن خدا جي چونڊيل ماڻھن کي، جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ پکڙيل آھن سلام ٿو چوان.


ھي خط عيسيٰ مسيح جي ٻانھي ۽ يعقوب جي ڀاءُ يھوداہ جي طرفان آھي. ھي انھن ڏانھن لکجي ٿو، جيڪي چونڊيا ويا آھن ۽ ساڻن پيءُ خدا جو پيار آھي ۽ عيسيٰ مسيح جي وسيلي حفاظت ۾ آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ