Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 2:8 - Common Language New Testament

8 عيسيٰ ھڪدم انھن جي دلين جي دليلن کي ڄاڻي ورتو، سو کين چيائين تہ ”ڇو اوھين پنھنجين دلين ۾ اھڙا دليل ڊوڙايو ٿا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 تڏهن يڪدم يسوع پنهنجي روح ۾ معلوم ڪيو تہ هو دل ۾ هي دليل ٿا آڻين، ۽ کين چيائين، تہ اوهين پنهنجي دل ۾ انهن ڳالهين بابت دليل ڇو ٿا ڊوڙايو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 يسوع هڪدم انهن جي دلين جي خيالن کي ڄاڻي ورتو، سو کين چيائين تہ ”ڇو اوهين پنهنجين دلين ۾ اهڙا دليل ڊوڙايو ٿا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 عيسيٰ هڪدم انهن جي دلين جي خيالن کي ڄاڻي ورتو، سو کين چيائين تہ ”ڇو اوهين پنهنجين دلين ۾ اهڙا دليل ڊوڙايو ٿا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 2:8
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن عيسيٰ کي اھا خبر پيئي تہ ھو اتان روانو ٿي ويو. ڪيئي ماڻھو سندس پٺيان ھليا، انھن ۾ جيڪي بيمار ھئا تن سڀني کي شفا ڏنائين،


ھو پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”ھن اسان کي اھو انھيءَ ڪري چيو جو اسين ماني ڪونہ کڻي آيا آھيون.“


عيسيٰ سمجھي ويو تہ ھو ڇا سوچي رھيا آھن، سو کين چيائين تہ ”اوھين اھڙيون خراب ڳالھيون ڇو ٿا سوچيو؟


”ھي ماڻھو ائين ڇو ٿو چوي؟ ھي تہ ڪفر ٿو بڪي، ڇالاءِ⁠جو خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناھہ بخشي نہ ٿو سگھي.“


ڇا اھو سولو آھي تہ ھن اڌرنگي ماڻھوءَ کي چئجي تہ ’تنھنجا گناھہ بخشجي ويا‘ يا اھو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر؟‘


ڇالاءِ⁠جو انسان جي دل مان بڇڙا خيال ٿا نڪرن، جھڙوڪ: حرامڪاري، چوري، خون،


پر ھن چين تہ ”ڇو منجھي پيا آھيو ۽ اوھان جي دلين ۾ ڇو وسوسا پيا جاڳن؟


عيسيٰ انھن جا ارادا سمجھي ويو ۽ کين چيائين تہ ”اوھين اھڙيون ڳالھيون ڇو ٿا سوچيو؟


عيسيٰ کي انھن جي نيتن جي خبر پئجي ويئي. ھن سڪل ھٿ واري ماڻھوءَ کي چيو تہ ”اُٿي وچ ۾ ٿي بيھہ.“ ھو اٿي اتي اچي بيٺو.


وري ٽيون دفعو ھن چيس تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنھن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇالاءِ⁠جو ھن ٽيون دفعو کيس چيو ھو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو.“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! تو کي سڀني ڳالھين جي خبر آھي ۽ تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو تہ آءٌ تو سان پيار ڪريان ٿو.“ عيسيٰ چيس تہ ”پوءِ منھنجين رڍن کي وڃي چار.


تڏھن بہ اوھان مان ڪيترا ئي ايمان نہ ٿا آڻين.“ جيئن تہ عيسيٰ شروعات کان ئي ڄاتو ٿي تہ ڪھڙا ڪھڙا ايمان نہ آڻيندا ۽ ڪير ساڻس دغا ڪندو.


تنھن تي پطرس چيس تہ ”اي حنانياہ! ڇو شيطان تنھنجي دل ۾ اھڙو خيال وڌو، جو تو پاڪ روح سان ڪوڙ ڳالھايو ۽ ٻنيءَ جي پيسن مان ڪجھہ پاڻ وٽ رکي ڇڏيئِہ؟


تنھنڪري پنھنجي انھيءَ بڇڙائيءَ تي توبھہ ڪر ۽ خداوند کان دعا گھر تہ شل تو کي تنھنجي دل جي انھيءَ بڇڙي خيال جي معافي ملي.“


ڪابہ خلقيل شيءِ خدا کان لڪل ڪانھي، بلڪ جنھن کي اسين حساب ڏينداسين تنھن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کليل آھن.


آءٌ انھيءَ عورت جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀني ڪليسيائن کي خبر پوندي تہ آءٌ اھو آھيان جيڪو اندر جا خيال ۽ دلين جا راز ڄاڻيان ٿو. آءٌ اوھان مان ھر ھڪ کي سندس ڪمن جو اجر ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ