Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 2:20 - Common Language New Testament

20 پر ڪو وقت ايندو جڏھن گھوٽ انھن کان جدا ڪيو ويندو تہ پوءِ ان وقت ھو بہ روزا رکندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 پر اُهي ڏينهن ايندا جڏهن گهوٽ کانئن جدا ڪيو ويندو، پوءِ اُنهي ڏينهن هو روزو رکندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ انهن کان جدا ڪيو ويندو تڏهن هو بہ وِرت رکندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ انهن کان جدا ڪيو ويندو تڏهن هو بہ روزا رکندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 2:20
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اڄ رات اوھين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، ڇاڪاڻ⁠تہ لکيل آھي تہ ’خدا ريڍار کي ماريندو ۽ رڍون ٽڙي پکڙجي وينديون.‘


تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان گڏ آھي تيستائين ھو ڪي غمگين رھندا ڇا؟ پر ڪو وقت ايندو جڏھن گھوٽ انھن کان جدا ڪيو ويندو تہ ان وقت ھو بہ روزا رکندا.


عيسيٰ انھن کي جواب ڏنو تہ ”ڇا گھوٽ جا ڄاڃي روزا رکي سگھن ٿا جڏھن تہ گھوٽ بہ انھن سان ھجي؟


ڪوبہ ماڻھو پراڻي پھراڻ کي نئين چتي نہ ٿو ھڻي، پر جيڪڏھن ائين ڪندو تہ نئين چتي پراڻي ڪپڙي کي ڦاڙي اڃا بہ وڏو انگھہ ڪري وجھندي.


ھن شاگردن کي چيو تہ ”ڪو وقت ايندو جو اوھين ابن⁠آدم جي ڏينھن مان ھڪڙي ڏينھن جي ڏسڻ لاءِ پيا سڪندا، پر اوھين نہ ڏسندا.


پر ڪو وقت ايندو جڏھن کانئن گھوٽ جدا ڪيو ويندو تہ انھن ڏينھن ۾ ھو بہ روزا رکندا.“


غريب تہ اوھان وٽ ھميشہ آھن پر آءٌ اوھان وٽ ھميشہ نہ ھوندس.“


اي منھنجا ٻارؤ! آءٌ اوھان سان گھڻو وقت نہ رھندس. اوھين مون کي ڳوليندا، پر آءٌ اوھان کي ھاڻي ٻڌايان ٿو، جيئن مون يھودي اڳواڻن کي ٻڌايو ھو تہ اوھين اتي اچي نہ سگھندا جتي آءٌ وڃي رھيو آھيان.


آءٌ پيءُ وٽان نڪري دنيا ۾ آيس ۽ ھاڻي دنيا کي ڇڏي پيءُ ڏانھن موٽي وڃان ٿو.“


پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان لاءِ اھو وڌيڪ چڱو آھي تہ آءٌ ھليو وڃان، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪڏھن آءٌ نہ ويندس تہ اھو مددگار اوھان وٽ نہ ايندو. پر جيڪڏھن آءٌ ويندس تہ پوءِ ھن کي اوھان ڏانھن ضرور موڪليندس.


ھاڻي آءٌ تو ڏانھن اچي رھيو آھيان ۽ دنيا ۾ وڌيڪ نہ رھندس، پر اھي اڃا دنيا ۾ رھندا. اي پاڪ بابا! انھن کي پنھنجي انھيءَ نالي جي قدرت سان سلامت رک جيڪو تو مون کي ڏنو آھي، انھيءَ لاءِ تہ اھي گڏجي ھڪ ٿي وڃن، جيئن تون ۽ آءٌ ھڪ آھيون.


ھاڻي آءٌ تو وٽ اچي رھيو آھيان. پر جيستائين آءٌ دنيا ۾ آھيان تيستائين اھي ڳالھيون انھيءَ لاءِ ٻڌايان ٿو تہ جيئن انھن جي دلين ۾ منھنجي خوشي پوري ٿئي.


گھوٽ اھو آھي جنھن جي ڪنوار آھي. پر گھوٽ جو دوست جيڪو سندس بيٺو ٻُڌي، سو سندس آواز تي ڏاڍو خوش ٿو ٿئي. آءٌ انھيءَ گھوٽ جو دوست آھيان ۽ ھاڻي منھنجي خوشي پوري ٿي آھي.


اڃا ھن ايترو مس چيو تہ ھو انھن جي ڏسندي ئي آسمان ڏانھن کڄي ويو ۽ ھڪڙي ڪڪر جي اوٽ ۾ سندن نظر کان غائب ٿي ويو.


ھنن ھر ھڪ ڪليسيا لاءِ بزرگ مقرر ڪيا ۽ انھن بزرگن لاءِ روزا رکي دعا گھريائون ۽ کين خداوند جي حوالي ڪيائون، جنھن تي ھنن ايمان آندو ھو.


ھو تيستائين ضرور آسمان ۾ رھندو، جيستائين سڀني ڳالھين جي وري نئين سر ٿيڻ جا ڏينھن اچن، جن بابت خدا پنھنجي پاڪ نبين جي معرفت گھڻو اڳي چيو ھو.


اوھين ھڪ ٻئي کي حق ادائيءَ کان محروم نہ ڪريو، پر ڀلي ٿوري وقت لاءِ ھڪ ٻئي جي رضامنديءَ سان ائين ڪريو، تہ جيئن اوھان کي دعا گھرڻ لاءِ وقت ملي. پوءِ وري پاڻ ۾ ملو. متان پرھيزگاريءَ جي گھٽتائيءَ سبب شيطان اوھان کي برغلائي وجھي.


مون کي اوھان لاءِ خدا جھڙي غيرت آھي. انھيءَ ڪري ئي مون اوھان کي ھڪڙي مڙس، يعني مسيح سان مڱايو، تہ جيئن اوھان کي پاڪدامن ڪنواريءَ وانگر ھن وٽ حاضر ڪريان.


مون محنت ۽ مشقت ڪئي آھي، اڪثر اوجاڳا ڪاٽيا آھن، بک ۽ اُڃ ۾ اڪثر فاقن ۾ گذاريو آھي ۽ سرديءَ ۽ اگھاڙپ ۾ رھيو آھيان.


اسان کي چھبڪن سان ماريو ويو، قيد ڪيو ويو ۽ اسان تي حملو ڪيو ويو. اسان کان سخت محنت ڪرائي ويئي، اوجاڳا ۽ فاقا ڪڍايا ويا.


اچو تہ اسين خوش ٿيون، ۽ خوشيون ملھايون ۽ سندس واکاڻ ڪريون، ڇالاءِ⁠جو گھيٽي جي شاديءَ جو ڏينھن اچي پھتو آھي ۽ سندس ڪنوار بہ پاڻ کي تيار ڪيو آھي.


پوءِ اُھي ست ملائڪ جن وٽ ست پيالا ھئا ۽ پوئين ستن آفتن سان ڀريل ھئا، تن مان ھڪڙي اچي مون سان ڳالھايو ۽ چيائين تہ ”ھيڏانھن اچ تہ آءٌ تو کي ڪنوار ڏيکاريان، يعني گھيٽي جي زال.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ