Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 2:16 - Common Language New Testament

16 ڪن شريعت جي عالم فريسين جڏھن ڏٺو تہ عيسيٰ محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ٿو کائي، تڏھن انھن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”ھو محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ جڏهن فريسين جي فقيهن هن کي انهن گنهگارن ۽ ٺيڪيدارن سان گڏ ماني کائيندو ڏٺو، تڏهن سندس شاگردن کي چوڻ لڳا، تہ هو محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن سان گڏ ويٺو کائي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 ڪن فريسي نيم شاسترين جڏهن ڏٺو تہ يسوع اهڙي قسم جي ماڻهن سان گڏ ٿو کائي، تڏهن انهن يسوع جي چيلن کي چيو تہ ”هو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ پاپين سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 شريعت جي ڪن فريسي عالمن جڏهن ڏٺو تہ عيسيٰ اهڙي قسم جي ماڻهن سان گڏ ٿو کائي، تڏهن انهن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”هو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ گنهگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 2:16
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏھن ھو انھن کي انڪار ڪري تہ ڪليسيا کي ٻڌايو ۽ جيڪڏھن ڪليسيا کي بہ نہ مڃي تہ پوءِ ھن کي غير قوم ۽ محصول اڳاڙيندڙن مان ڪري سمجھو.“


جيڪڏھن اوھين رڳو انھن سان پيار ڪريو ٿا جيڪي اوھان سان پيار ڪن ٿا تہ اوھان کي ڪھڙو اجر ملندو؟ محصول اڳاڙيندڙ بہ تہ ائين ئي ڪن ٿا.


فريسين جڏھن اھا ڳالھہ ڏٺي تہ انھن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”اوھان جو استاد محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي؟“


تنھن کان پوءِ عيسيٰ لاويءَ جي گھر پنھنجن شاگردن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو ھو تہ ساڻس ڪيئي محصول اڳاڙيندڙ ۽ گنھگار بہ گڏ ويٺا ھئا، ڇالاءِ⁠جو اھڙا گھڻا ئي ھئا جيڪي عيسيٰ جي پٺيان ايندا ھئا.


”ھي ماڻھو ائين ڇو ٿو چوي؟ ھي تہ ڪفر ٿو بڪي، ڇالاءِ⁠جو خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناھہ بخشي نہ ٿو سگھي.“


فريسي بيھي پنھنجي دل ۾ ھيئن دعا گھرڻ لڳو تہ ’اي خدا! آءٌ تنھنجو ٿورائتو آھيان جو آءٌ ٻين ماڻھن جھڙو ڦورو، بي⁠انصاف يا زناڪار نہ آھيان، نہ وري ھن محصول اڳاڙيندڙ جھڙو آھيان.


ابن⁠آدم انھن کي ڳولڻ ۽ بچائڻ آيو آھي جيڪي گمراھہ ٿي ويا آھن.“


اھو ڏسي سڀيئي سس⁠پس ڪرڻ لڳا تہ ”ڏسو، ھو ھڪڙي گنھگار جي گھر ٽڪيو آھي.“


ڪن فريسين ۽ سندن شريعت جي عالمن عيسيٰ جي شاگردن تي ڪُرڪي کين چيو تہ ”ڇو اوھين محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ کائو پيئو ٿا؟“


گوڙ وڌندو ويو، تان جو ڪي شريعت جا عالم جيڪي فريسين جي پارٽيءَ مان ھئا، سي اٿي بيٺا ۽ سختيءَ سان اعتراض ڪرڻ لڳا تہ ”اسين ھن شخص ۾ ڪوبہ ڏوھہ نہ ٿا ڏسون. جيڪڏھن ڪنھن روح يا ڪنھن ملائڪ ساڻس ڳالھايو ھوندو تہ پوءِ ڇا ٿيو؟“


روحاني ماڻھو سڀني ڳالھين کي پرکي ٿو سگھي، پر خود انھيءَ کي ڪوبہ پرکي نہ ٿو سگھي.


انھيءَ تي غور ڪريو، جنھن گنھگارن جي طرفان ايتري مخالفت برداشت ڪئي، تان تہ اوھين بيزار ٿي ھمت نہ ھاريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ