Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 2:13 - Common Language New Testament

13 عيسيٰ وري ڍنڍ جي ڪناري سان پئي ويو تہ ھن وٽ ھڪ ميڙ اچي گڏ ٿيو ۽ ھن انھن کي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 هو وري سمنڊ جو ڪنارو ڏيئي اُٿي هليو، ۽ ساري خلق وٽس آئي، ۽ هو انهن کي تعليم ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 يسوع وري ڍنڍ جي ڪناري سان پئي ويو تہ هن وٽ ماڻهن جو هڪ ميڙ اچي گڏ ٿيو، جن کي هو سکيا ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 عيسيٰ وري ڍنڍ جي ڪناري سان پئي ويو تہ هن وٽ ماڻهن جو هڪ ميڙ اچي گڏ ٿيو، جن کي هو تعليم ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 2:13
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھيءَ ساڳئي ڏينھن عيسيٰ گھر مان نڪري ڍنڍ جي ڪناري تي وڃي تعليم ڏيڻ لاءِ ويھي رھيو.


عيسيٰ اتان روانو ٿيو ۽ رستي سان ھلندي ھن متيءَ نالي ھڪ شخص کي پنھنجي محصولي اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ ھن کي سڏي چيو تہ ”منھنجي پٺيان ھل.“ تنھن تي متي اٿيو ۽ سندس پٺيان ھلڻ لڳو.


پر ھن وڃي جتي ڪٿي اھا خبر ٻڌائي، سو ڳالھہ ايتري تہ ھُلي ويئي جو عيسيٰ پوءِ ڪنھن بہ شھر ۾ کُليءَ طرح داخل ٿي نہ سگھيو، پر ٻاھر ويران جاين ۾ رھيو جتي ماڻھو سڀني ھنڌن کان پئي آيا.


عيسيٰ اتان اٿي اردن درياءَ جي ٻيءَ ڀر يھوديہ جي حدن ۾ آيو. وري بہ ماڻھن جا ميڙ ھن وٽ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پنھنجي دستور موجب ھو انھن کي تعليم ڏيڻ لڳو.


سو ايترا تہ ماڻھو اچي مڙيا جو دروازي تي بہ بيھڻ جي جاءِ ڪانہ ھئي. عيسيٰ انھن کي خدا جو ڪلام پئي ٻڌايو،


عيسيٰ وري ڍنڍ جي ڪناري تي تعليم ڏيڻ لڳو. سندس چوڌاري ايترا تہ ماڻھو اچي مڙيا جو ھو پاڻ ڍنڍ ۾ ھڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ويٺو ۽ ٻي ساري خلق ڪناري تي بيٺي رھي.


پر وس ڪونہ ٿي پُڳن، ڇاڪاڻ⁠تہ ماڻھو ھن جون ڳالھيون ٻڌڻ لاءِ آتا ھئا.


سڀيئي ماڻھو صبح جو سوير اٿي ھيڪل ۾ سندس ڳالھيون ٻڌڻ ايندا ھئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ