Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 2:12 - Common Language New Testament

12 سڀني ماڻھن جي ڏسندي ئي ھو اُٿي بيٺو، پنھنجو کٽولو کنيائين ۽ تڪڙو تڪڙو ھليو ويو. ھو سڀيئي ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”اسان ڪڏھن بہ اھڙي ڳالھہ نہ ڏٺي آھي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ هو اُٿيو ۽ هڪدم پنهنجو کٽولو کڻي انهن سڀني جي اڳيان هليو ويو؛ ۽ انهي تي سڀيئي حيرت ۾ پئجي ويا، ۽ خدا جي وڏائي ڪري چوڻ لڳا تہ اسان ههڙو عجب رنگ ڪڏهن ڪونہ ڏٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 تڏهن هو اُٿي بيٺو، هڪدم پنهنجو کٽولو کنيائين ۽ سڀني ماڻهن جي ڏسندي اتان هليو ويو. تنهن تي سڀيئي ماڻهو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ ايشور جي مهما ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اسان اهڙي ڳالهہ ڪڏهن بہ نہ ڏٺي آهي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن هو اُٿي بيٺو، هڪدم پنهنجو کٽولو کنيائين ۽ سڀني ماڻهن جي ڏسندي اتان هليو ويو. تنهن تي سڀيئي ماڻهو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اسان اهڙي ڳالهہ ڪڏهن بہ نہ ڏٺي آهي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 2:12
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ساري خلق حيران ٿي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”ڇا ھي دائود جو پٽ آھي؟“


جڏھن انھن ڏٺو تہ گونگا ڳالھائين ٿا، ٽُنڊا سڄا ٿي پيا آھن، منڊا گھمن ٿا ۽ انڌا ڏسن ٿا تڏھن ھو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا.


جڏھن ڀوت کي ڪڍيو ويو تہ ماڻھوءَ ڳالھائڻ شروع ڪيو، تڏھن خلق عجب ۾ پئجي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”بني اسرائيل ۾ اسان اڳي ائين ٿيندي ڪونہ ڏٺو آھي.“


جڏھن ماڻھن ھي ڏٺو تہ عجب ۾ پئجي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا تہ انسان کي ھن ڪيڏي نہ طاقت ڏني آھي!


تنھن تي سڀ ماڻھو ايترو تہ حيران ٿي ويا جو ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھي آھي ڇا؟ ھيءَ تہ نئين تعليم آھي. ھو ڀوتن تي بہ اختياريءَ سان حڪم ھلائي ٿو ۽ اھي کيس مڃين ٿا.“


”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھر ھليو وڃ.“


عيسيٰ کيس ھٿ لاتو تہ ھوءَ ھڪدم سنئين سڌي ٿي بيٺي ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳي.


جڏھن انھن مان ھڪڙي ڏٺو تہ ’آءٌ چڱو ڀلو ٿي پيو آھيان،‘ تڏھن وڏي آواز سان خدا جي واکاڻ ڪندي موٽيو.


ھو سڀيئي حيران ٿي ويا ۽ ڊپ ۾ ڀرجي خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”ڪھڙيون نہ عجيب ڳالھيون اسان اڄ ڏٺيون آھن.“


انھيءَ تي سڀني ۾ ڏھڪاءُ پئجي ويو ۽ خدا جي واکاڻ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسان ۾ ھڪڙو وڏو نبي ظاھر ٿيو آھي. خدا پنھنجي قوم تي ٻاجھہ ڪئي آھي.“


انھن ماڻھن مان ڪيترن ئي مٿس ايمان آندو ۽ چوڻ لڳا تہ ”جڏھن مسيح ايندو تہ اھو ھن کان وڌيڪ معجزا ڪندو ڇا؟“


ھن دنيا جي شروعات کان وٺي ائين ڪڏھن بہ ٻڌڻ ۾ ڪونہ آيو تہ ڄائي ڄم کان انڌي ماڻھوءَ جون ڪنھن بہ اکيون کوليون ھجن.


تنھن تي ڪائونسل انھن کي وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنو. انھن کي ڪوبہ سبب نظر نہ آيو جنھن جي ڪري کين سزا ڏين، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي ڪجھہ ٿيو ھو تنھن تي سڀ ماڻھو خدا جي واکاڻ ڪري رھيا ھئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ